دِلِاسو جي سنڌي معنيٰ
ڏَڍُ، آسرو، دلجاءِ، تَسلي، تسڪين، آٿَتُ، دلداري. هِمَت، فرحت، آرام.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Comfort, encouragement, consolation.
دِلِاسو جا بيتن ۾ حوالا
مُون کي ڏِنَڙو دوسِتَ دِلِاسو ڀَلو جيڏِيُون،
ڏِنَڙو يارَ دِلِاسو، جُڙِي آھِيان،
ھيڏانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪيڏانھَن وارايان پاسو،
ھَنڌَ حَويلِيُون حُجرا، پِڙُ پِيراڻون خاصو،
سَيِّدُ سَڀَنِئان سُھِڻو، نُورُ نَبِيءَ جو خاصو،
جَنِ ڪَڍِئو تَنِ ڪوٺِئو، ٿِئَڙو لوڪَ تَماشو.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 4 ]

ڏُونگَرَ ڏُکويُون، تو ۾ اورَڻَ آيُون،
اَچَنِ ڦوڙايُون، ڏِجِ دِلِاسو تَنِ کي.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 10 ]
اَچَنِ ڦوڙايُون، ڏِجِ دِلِاسو تَنِ کي.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 10 ]
اُٿِي وَڃُ اَندوھَ، دوسِتَنِ دِلِاسو ڪِئو،
مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ،
جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 28 ]
مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ،
جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 28 ]
راڻا تُنھِنجِيءَ راھَ تي، ويٺِي رُئان رَوَ،
دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ،
جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ تُنھِنجو مَٽُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 15 ]
دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ،
جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ تُنھِنجو مَٽُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 15 ]
English Meaning
Comfort, encouragement, consolation.