بانسَ جي سنڌي معنيٰ
ڌُپ ، بوُءِ. بدبوُءِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Smell, odour, scent, stink.
بانسَ جا بيتن ۾ حوالا
جِيمَئُون جوڳِيَڙَنِ جِي، جانِ نِھارِيَمِ جُوءِ،
عَقُلُ اُتِ اوڄُون ٿِئو، ھُو ھَلِئا مَٿي ھُوءِ،
مُون کي اِنَ مَذڪُورَ جِي، بانسَ نَہ پيئِي بُوءِ،
الحُبُّ في اللَّهِ والبغضُ في اللَّهِ ، خاصِي سَندِيَنِ خُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 5 ]

اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، سَندِي بابُوئنِ بانسَ،
وِئا ويراڳِي نِڪِرِي، وِلِها ڪَري واسَ،
جَنِ جِي اَندَرَ ۾ اُداسَ، سي لاھُوتِي لَڏي وِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 14 ]
وِئا ويراڳِي نِڪِرِي، وِلِها ڪَري واسَ،
جَنِ جِي اَندَرَ ۾ اُداسَ، سي لاھُوتِي لَڏي وِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 14 ]
English Meaning
Smell, odour, scent, stink.