ڪَلمي بابت
معنيٰ
اسلام ۾ پنھنجي عقيدي جو اقرار ڪرڻ
The Muslim’s confession of faith.
بيتن ۽ وائين ۾
- چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ٻيٽَ، لُڙُ لَنگهِينديُون ليٽَ، ڪَلمي جي قَرارَ سين.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، آيو جُهڙُ جهاٽِي، ھيڪُ اَرِزان اَنُ ٿِئو، ٻِئو مَکَڻُ مَنجِهہ ماٽِي، ڪَلمي سين ڪاٽِي، لاٿَمِ ڪَسُ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ پِيرَ، راڻا ۽ حَمِيرَ، راڻا جٖي رَجپُوتَ، مُومَلَ صَحِي پَسَندا، مَڃي رَضا رَبَ جِي، ھِئان…[ سُر راڻو - وايون ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ پَرِ ڪَلمي جِي پارِ، پَنجَنِ سين پُورو رَھُ، آيا ٽِيھَ مَ ٽارِ، تَڏِھِين ڌاڳا ڌارِ،…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- ڪَلمي مُون کي ڪِينَ ڪِئو، مُوران مُسلِمانُ، اَحمَدَ ڪونَہ آندو، عَرَبَ کان اِيمانُ، اِيءُ سِرُ آھي سُبحانُ، آدَمَ ليکي آدِمِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]