کَڻي بابت
معنيٰ
مٿي ڪري، چاڙهي، چڙهتي ڏيي. نِئي، ڍوئي، کڻي وڃي. مٿي ڪري، سوري. کڙو ڪري، وڌائي، کڻي وٺي.
To be expended, to consume away, have a ready sale, to be wearied with labor. To be needful, wanting, required. To be peevish, fretful. (v. a) To nick, cut a nick, notch.
بيتن ۽ وائين ۾
- جيڏانھَن قاتِلَ ڪُلَ، اَکِيُون اوڏانھِين کَڻي، مَٿو ڪَنِ نَہ مُلَ، پِڪَ بَرابَرِ پانھِنجو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- جيڏانھَن قاتِلَ ڪوڙَ، اَکِيُون اوڏانھِين کَڻي، وِھُ تَنِي جي ووڙَ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- وَڏَپَڻُ ۽ واءُ، ڪَرَھي کاڏو کوڙِئو، ساڻُو ٿِيُسِ ساھُ، ھاڻي پَلاڻُ ئِي نَہ کَڻي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ، سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ، اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ، سَتَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- پَڳَھَ پاسي ويھُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، تُون ويسَلِي وِکَ کَڻين، پُورِيندَءِ پَرَڏيھُ، سَمُنڊُ جَنِ ساڻيھُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَن تَنِ سين.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- وَسي سارِي راتِ، صُبوحَ جو ساھُ کَڻي، مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جَي تَنَ ۾ ھوئي تاتِ، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، بادَلُ بَسِ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جي، ڀَري ڪِئائِين ڀَرَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪِوڏاَن کَڻي ڪَرَ، مينھِيُون پاڻَمُرادِيُون، ٿَڌا چَرَنِ ٿَرَ، وَڏِيءَ ويلَ آيُون،…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻيجِ، ڪُٻيلِياڻِي ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ ھَلائيجِ، پاڻَ ڌاران پِريَتَڻو، سَسُئِي ساڻُ کَڻيجِ، اوڏِي عَزازِيلَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- آءُ اوراھُون سُپِرِين، وَڃُ مَ اَڳاھُون، ٿَڪِي کَڻي ٿَرَنِ ۾، ٻاڪارِئو ٻانھُون، دَردَ جُون دانھُون، مُون مارِيندِيُون موٽُ تُون.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، عُمِرِ تان ويئِي، وِلِهِيءَ ڏِينھَن وِڃائِيا، سَرَتِيُون سَڀَيئِي، پيرِيءَ ۾ پيئِي، اَکِيُون آرِيءَ ڏي کَڻي.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين، سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ، مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- بَرُ وَڏو بارِ گَهڻي، ويجهو نَہ وَڻِڪارُ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ، وَڻَندُنِ تَہ وَرِ ڪَندا، تَہ اَڳِيَنِ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- پيئِي کَڻي پَساھَ، ڏُکِي ڏيِئي وَٽِ جِيئَنِ، اَڄُ ڪِي سَنجِهہ صَباحَ، ڪي چُوندا تَہ مُنڌَ مُئِي.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- اَجهو ڪِئو آرِي، ھِيءَ ويچارِي، وَئِي ڪاھِيندِي ڪيچَ ڏي، آئُون پِيادي پَنڌُ گهَڻو، واٽُنِ تي واري، پُنهون پِيادِيَنِ جا، بارَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪَجَلَ ريءَ ڪارِيُون، مَولا ڏِنَئِي مُنھَن ۾، سُونھَنِ سُونھارِيُون، کَڻين جَي کارِيُون، تَہ پِہ سَڃِيندي سُورُ لَھي.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڏيھُ ڏِھائِين ناھِ، جِتي پيرُ نَہ پَکَڻين، تِتي کاھوڙِيَنِ، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چُونڊِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- کاھوڙِي کَرا، سُوڌِي خَبَرَ پَکَڻين، سوجهي جَنِ ڪِئا، مَٿي اَنگهُنِ آھيرا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- نَہ ڪُتا نَہ ڪُوڪارَ، نَہ سي سَڏَ شِڪارِيين، پِٽِئو کَڻي پارَ، جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، مَٿي ريءَ کَڻيجِ، ٻانھُون ٻيئِي لاھي ڏيئِي، ڪُشتِي ڪَمائيجِ، سَنڌِنِئُون ساري ٽَنگُنِؤَن ٽاري، ڄَنگهُنِ ريءَ ڄُليجِ، جا…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- آروڙِجِي اُٿِئو، ديِمنِ پيَسِ دانھَن، پاٻُوھِيو پيرُ کَڻي، سَمُو سَرَڻَنِ ڏانھَن، مَٿِئان مَٿي ٻانھَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- دائِمُ آھي دَرَ تي، وِڳَندُ ويچارو، عَطُرَ سين آرو، لَڳُسِ تي لِڏِ کَڻي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- اَسُورَ سَندو آسِرو، وِڳَندَ کي وَڏو، جُسي ۾ جَڏو، کِئَڻَ تي کُڙا کَڻي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- نَہ ڪِي ٻانھَڙِيُنِ ۾، نَہ ڪِي ڳَرِ ھومِ، نَہ سُرمو نَہ سُونھَن ڪا، نَہ سِينگارُ ڪِئومِ، تَڏِھِين پِرِين سَندومِ، رُکو…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ڍولَ مَ کَڻين ٻانھَڙِي، پِرھَ مَ کَڻين پاندُ، آئُون پانھِنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪِي رانِئِيان.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- پائي پاندِ ڪَپاھُ، مُون آتَڻَ سَڀَ نِھارِئا، کَڻي ڪا نَہ پَساھُ، سَرَتِيُون وَڃِي سُتِيُون.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- لُڏِي آيا لالَ، پاٻُوھي پَيدا ٿِئا، ساڄَنُ اَکِيُون جي کَڻي، ڪوڙيِين ڀانيان ڀالَ، مُنھِنجي ناھِ مَجالَ، تَہ ڪو ويڻُ وَرايان…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- اِيءُ ڪيھَرِ جو ڪَمُ، جِيئَن ھاٿِيءَ جو ھَڏُ گهُري، نِھوڙي ناڀُنِ سين، دَمائيسِ نَہ دَمُ، ڪِلي ويرَ قَدَمُ، کوڙي پَرَ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- نَہ وَڍِي نَہ وِڪڻي، نَہ کَڻي ۾ کاري، اَھِنجَ سَهِنجَ ساھِمِيُون، ڌُرِيان ئِي نَہ ڌاري، سا پَرِ پاري، جا گهَرِ…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]