پَلَڪُ بابت
معنيٰ
اک ڇنڀ، ساعت، پل، گهڙِي، سيڪنڊ
The eyelid. A twinkling of the eye, a moment.
بيتن ۽ وائين ۾
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ويندِيَسِ تان نَہ وَرِي، پِيءُ پَسَندِيَسِ پانھِنجو، تانگهو تارِ تَرِي، ميھارَ مَرِي، پَلَڪُ پاسي نَہ ٿِيان.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- پَلَڪُ نَہ رَھي دِلِ تو ري، وَرُ مِيان صاحِبَ خانَ بلوچا، اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، مَٿان سي ٽَڪَرَ ٽوري، ڏُکَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳِرو، سَسُئِي آڻ مَ شَڪُ، ٿِي ٻانِهي ڀَرِ اويُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ، وَرُ پُنهونءَ سين پَلَڪُ، ٻَنِ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين، پَرچِي پِيارا، پَلَڪُ پَراھُون نَہ سَھِسين، جِيءَ جا جِيارا، نِينھان نِظارا، سَڃِ تَہ مان سُورُ لَھي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون، پَلَڪُ پِريان ري نَہ رَھان، نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ ڪِي، کِدا تان نَہ کَڻَنِ، اُپَڙِي…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- پَل پَل ٿِي پَليانسِ، پَلَڪُ نَہ رَھي پِرِينءَ ري، جَنھِن جهورِيءَ کان جَهلِيانسِ، جِهڄِئو تَنھِن جهوريءَ پَئي.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- جَنِي لاءِ ٿِياسِ، لِنگَڙِيائي لُوءَ ۾، تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ، جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ، مارُنِ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]