وَسُ بابت
معنيٰ
سگهہ، سگهت، طاقت، ستُ، وِتُ، پھچَ، پڄندي، توفيق، اختيار، امرئي، دسترسي، هٿ هيٺ، قابو ۾، قدرت
Power, control, sway, authority, reach
بيتن ۽ وائين ۾
- آھي گهَڻو اَگَهنِ جو، تَرسُ طَبِيبَنِ، ڪِئو وَسُ ويڄَنِ، تان ڪِرِيءَ ري ڪِي نَہ ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پَسُ، مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ٿاوَرَ اُٿِي پَسُ، ڏيھِ کِوَندِي وِڄُڙِي، مَنُ کُلِي باغُ ٿِئو، ھِينئَڙي لَٿِي ڪَسُ، تَنِي ڪارَڻِ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽائي ڀائُرَ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- وَسُ بادَلَ وَسُ، تو وَسَندي وَسَ ٿِئي، تو پيڪا مُون ساھُرا، کِوَڻِ پَلايو رَسُ، تَنِي ڀاڳينَ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽائي…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- اُتَران جو آيو، تَنھِن ڪَڪَرَ لاٿَمِ ڪَسُ، وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِيو جوراڻِي جَسُ، ڪيسَرَ جي قَلاتَ ۾، راتِ تَنِي…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرِ اَٿَئِي ڏَسُ، پُنهون ڄامَ پَسُ، سِرَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، چَڙِھي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پِريان جو پَسُ، ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، چَڙھِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پِريان جو پَسُ، ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندُءِ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگنِ گَسُ، ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسَ، پُوندُءِ ھوتَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگن گَسُ، ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي ٻاروچَنِ جو.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا، ڪِيَمِ آھَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا، پيئِي ھِيڻِيءَ جِي ھوتَ کي، ڪُوڪَ…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- جَڏَھانڪَرَ جانِي، سَڄَڻُ سانگِ سِڌارِئو، راتِيان راحَتَ ناھِ ڪا، ڏِينھان حَيرانِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ تان، ٿِيان ڪوڙيِين قُربانِي، ھِيءَ رَضا…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڏاڙِهيءَ ڀَنڀا ڏيرَ، ڏيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنِين لَيءِ اُليرَ، ڪيچِ پُڄَندِي ڪيرَ، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- پُڄان جي نَہ پُڄان، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان، سَڳَرَ ۾ سُڄان، تَہ رائي ۾ رَڙِي مُئِي.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ھِيءَ گِسِي ھِيءُ گَسُ، ھِيءُ پَھَڻُ ھِيءُ پيچِرو، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ، ويچارِيءَ وَڏو ڪِئو، ويندَنِ پُٺِيان…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڏُونگَرَ ڏِجو ڏَسُ، مِيآن ڪو پيچِرو پُنَهَلَ جو، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، سَندو گنگِنَ گَسُ،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڏَھين ڏِينھَن ڏِکَ ٿِئا، پِرِين پاٻوھِئا پَسُ، وَرَقَ جي وِصالَ جا، واري ڪِئائُون وَسُ، لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، سَندو گُرُوءَ گَسُ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جاڳَڻَ مَنجهان جَسُ، آھي اللهَ جَنِ کي، لاھي ٿو لَطِيفُ چئَي، مَٿان قَلبَ ڪَسُ، وَرَنھَ ڪِجاھُ وَسُ، صُبُحَ ساڻُ سَيِّدُ…[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- وَسِي وِڄَڙِيُنِ، مُون کي عُمَرَ اُداسِي ڪِئو، وُٺا مِينھَن وَسُون ٿِيُون، ساڻيھَ ۾ سُڄَنِ، کِنوِي کِنوَڻِيَنِ، ٻَڌا موڙَ مَلِيرَ کي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]