نيڻَنِ بابت
معنيٰ
نينن، اکين، چشمن، عينن.
Eyes.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَا پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي، نِشانِي نيڻَنِ، شَمسُ نَہ سيڻَنِ، آئُون ڪِيئَن قَمَرُ پاڙِيان؟[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، اَلبيلِيُون ۽ آلي، موھِيو مَنُ مَجازَ سين، نيڻَنِ جي نالي، سَگهان نَہ جالي، تو ريءَ ساعَتَ سُپِرِين.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ، نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ، جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڪَڇان ڪُونجِيُون موٽِيُون، پُورِيُون پَراھين پَنڌَ، آءُ مِيان دِلِِبَندِ، تو ليءَ نيڻَنِ نارَ اُپَٽِئا.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ڪالُهُون پوءِ لَڪَنِ ۾، مُنھِنجي نِنڊَ نَہ نيڻَنِ نيڻَنِ، ڪالُهُوڻان اَڄُ گهَڻِي، ڪَرَ جهورڙِي ڪيڻَنِ، ھِينئَڙو ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن، روئِي…[ سُر ڏھر - وايون ]
- وَڃَنِ سيڻَ سِڌارئو، پَسِئو جُوءِ جِهڄي ھِنيُون، حَيفُ مُنھِنجي حالَ کي، وَڃَڻُ مُون وِسارِئو، ڪاڇي ٻِنهِين ڪَنڌِيين، نيڻَنِ ٿي جَرُ…[ سُر ڏھر - وايون ]
- ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻَنِئُون نَہ لَھي راتِ مُنھِنجي رُوحَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ، آءُ ساڄَنَ لَھُ سارَ، وِرِھَ ويڙِھِي…[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- تَنِ نيڻَنِ ڪِي نَيرانِ، جَنِ ساجُهرِ سيڻَ سانڀيٽِئا، جِيءَ جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُ ڪِيو.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- ديکِ مَ تُون سين تَنِ، جٖي مَجازِياڻِيُون مُنھَن ۾، ڪِينَ سُڃاتو سُپِرِين، نِھاري نيڻَنِ، پِرِين سي پَسَنِ، ٻيئِي جَنِي ٻُوٽِيُون.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- ھَٿَنِ سين حاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ سين نِھارِ، اُڀا اَڱَڻَ پارِ، پَسُ پَنھِنجا سُپِرِين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- گِيرَبُ نَہ گاءُ، مُھاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نيڻَنِ سين نازُ ڪَري، رِيجهايائِين راءُ، سَمُو سَڀَنِ مُلان، ھِيرِيائِين حِرفَتَ سين.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]