مِيمَ بابت
معنيٰ
”عربڪ پرسو لکت واري الف ، بي“ جو ھڪ اکر. ”م“جو اُچار. حضرت مُحمد صلي الله عليه وسلم جن جي نالي مبارڪ جو پھريون اکر. تصوف ۾ ھي اکر حضرت مُحمد صلي الله عليه وسلم جي نالي سان نسبت رکي ٿو.
Meem, a letter of Arabic Perso alphabet. Name sign of Holy Prophet (PBUH) in Islamic Tassawuf.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَرَندي سِينءَ مَ مَڃِ، اَکَرُ جَو اَلِفَ جو، سو مَ ھِنيَين سَڃِ، جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، اَلِفُ اُھو ئِي آھِ، لاڳاپا لُڙاءِ، تَہ داخِلُ ٿِيين نَہ دالَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئو، تَہ اَلِفُ آھِين تُون، تيلانھَن آيَلِ مُون، وَرَقَ واري ڍَڪِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾، مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ، ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- توڏِيءَ کي تَعظِيمَ، ٻِيَنِ سَڀَنِئان اَڳِرِي، اوڏِي ٿِي اَلِفَ کي، مَنُ گَڏَيائين سين مِيمَ، جيلان ذاتِ حَلِيمَ، مِلي تي ميھارَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سَڱَ سَڀَيئِي ڇَڏِ، اوڏو ٿِيءُ الِفَ کي، مَنُ مِيمَ سين گَڏِ، ھِئان لاھُوتِي لَڏِ، تَہ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- مِيمَئُون مِلَڻُ حَقَ جو، اَصلِ آديسيَنِ، جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، چوکِيءَ چالِ چَلَنِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، مَنجهان حُبَ ھَلَنِ، إِنَّ ٱللَّهَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]