مَنجِهين بابت
معنيٰ
تنھنجي اندر، تنھنجي وچ ۾ ئي، تون ۾.
Within you, in your own, in your innermost.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَچُ مَنجِهين آھِ، ٻاھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري، چورِ تَہ لَڳيئي چاھِ، کامَندَنِ کَٽِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رُومِي جو آھي، تاڙيِ جَي لاھي، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ، جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِي مَنجِهين مالَ قَطِيفِيءَ جِي ڪَرَھا، ھَيدِي پائِيَئِين حالَ، چَندَنُ چارِيَئِين جالَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري، ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ، جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جو تُون ڏوريين ڏُورِ، سو سَدا آھي ساڻُ تو، لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، مَنجِهين ٿِي مَعذُورِ، مَنجهان پَئَن پَرُوڙِ، تو…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چوڏِسِ چِٽاڻو، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين لُڊاڻو، راڻو ئِي راڻو، ناھِ راڻي ريءَ ڪِي ٻِئو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ، ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- اوڏو ڪاڪِ مَ ٿِيءُ، مَتان مَنجِهين رَھين، ڏي وَراڪا وِچَ ۾، وِھَ گاڏُئُون وِيءُ، جَي ڀاويئِي تَہ پِيءُ، نَہ تَہ…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- گُوندَرَ ھَٿَ نَہ پيرَ، وِرھُ مَنجِهين وِھَڻو، ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ، مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ…[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- لائي جَو وِئا، سو مَنجِهين ٿو مَچُ ٻَري، سو اُجهامي ڪِئا، جَنھِن سورِيندَلُ سُپِرِين.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- مُون مَنجِهين مِينھُن، ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪَڪَرين، سَرَلو سارو ڏِينھُن، مُون پِريان جو نَہ لَھي.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- لَکين سَئِين مَھِراڻَ، جٖي اُتوھَ سين اُڌَمِئا، سَڙِئا مَنجِهين ماڻَ، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- فاتِحَه بَقَرَة سُومَرا، وَطَنُ ويڙِهيچَنِ، نَحل حِجرِ بَنِي اسِرائِيل، اِي پَنڌُ پَنوَهارَنِ، سَجدَہ اَحزابِ سَبا، مَنجِهين رُوم رَهَنِ، نيئِي اَڏِئا…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]