آگم ڪيو اچن...

لَطِيفُ بابت

معنيٰ

شاھ عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اهو سدا حيات شاعر آهي، جيڪو ڪنھن بہ تعارف جو محتاج نہ آهي. شاھ صاحب نہ صرف سنڌ، پاڪستان بلڪ دنيا جو تمام وڏو عالم، شاعر ،مدبر ۽ مفڪر هو. سندس ڪلام، فڪر ۽ فن، زبان ۽ ادب جي ڪيترن ئي خوبين سان مالا مال آهي. سندس عظمت ۽ شھرت جو وڏي ۾ وڏو سبب سندس اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعري آهي، جنھن ۾ سندس ڏات جو نور سنڌي سماج کي روشن ڪندو رهيو آهي. شاھ صاحب جي ڪلام ۾ سنڌ جي ثقافت، ٻولي ۽ تاريخ جو املهہ خزانو توڙي سياسي ،سماجي ۽ معاشي حالتن جو عڪس موجود آهي. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ذريعي انسانذات کي محبت، ڀائيچاري،امن، ايڪي،سِڪَ، پريت، محنت، جدوجھد، ديانتداري، اعليٰ انساني ۽ اخلاقي قدرن جو پيغام ڏنو ۽ ڏاڍ، ڏهڪاءُ، ظلم، ناانصافي، ڪوڙ، ڪُپت، دغا، دوکي، مڪر ۽ فريب جي مخالفت ۽ نفي ڪئي آهي.

Shah Abdul Latif Bhittai, commonly known by the honorifics Lakhino Latif, Latif Ghot, Bhittai, and Bhit Jo Shah, was a Sindhi Sufi mystic, and poet, widely considered to be the greatest poet of the Sindhi language.

بيتن ۽ وائين ۾