شاھَ بابت
معنيٰ
حاڪم، بادشاه. شطرنج راند جو هڪ مُھرو. فقيرن، پيرن ۽ اميرن لاءِ مانائتو لقب.
A king. A title of honor. The head or owner of the property in a mercantile house.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَڻِجارا ويٺي، تو نَہ سَرَندِي شاھَ ري، مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَرِ چيٺي، پاسا پاکَڙِينَن جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي، جٖي…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- جِتي وَنجَهہ نَہ واھَ، چُپا چُرَنِ ڪِينَ ڪِي، ڪِشِتِي ڪاغَذَ ڪَچَ جِي، چاڙِھِيَمِ مَنجهان چاھَ، پَسِي سَخِتِي سَمُنڊَ جِي، ماندا…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نَہ پِيارِينِ، اُتي عَلِيءَ شاھَ کي، شھزادا سارِينِ، نِڪِرِئو نِھارِينِ، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- سُلطانِي سُلطانُ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾، ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ، ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ، مُنھَن ڪاري…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- داڳُ سِيني پَرِ غَم ڪا، ھَي ماتَمِ ڪا، يا حُسَينُ، جَهنڊا جو آيا خَبَرَ لي آيا، سوزُ ڪَرِيو شاھَ قاسِمِ…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- ميندِي لاوڻُ ڏي، جِيوين شاھَ ميندِي لاوَڻ ڏي، قاسِمَ شاھَ سيجَ وِڇاوَڻُ ڏي، ميندِي تَيڏِي رَنگُلِي، چوَٽا لالُ گُلابُ، ماءُ…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ، ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو، ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ، جُهڙَ وَرائي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ، اَنگُ اَڳھَيِن لِکئِو، مُنھِنجو مِيثاقا، مَنْ طلَبَ شَیئاً وَ جَدَّ وَجَدَ ، اُتو…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- لِيبي لَعنَتِيءَ کي، آڻِيءَ ۾ آھي، اَنڌو مُون عَلِيلَ تي، سِينو ٿو ساھي، عَلِي شاھَ اَچيجِ تُون تَنھِن ڪافِرَ تي…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- مَدِيني جا شاھَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، ڪارَڻِ لَڳِ اللهَ، سِگهو رَسِجِ سيگَهہ ۾.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- اللهَ ٻاجُهن ڪَؤنُ ساٿِي، ڦِرندِي آئِي، مَين چُپ چُپاتِي، سِڪَ شاھَ رانجَهنِ دِي مِيان، ڏِينھان جو راتِين، آکي لَطِيفُ فَقِيرُ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]