ذَوقَ بابت
معنيٰ
چکڻ جي قوت. ذائقو، لذت، مزو، سواد، حظ، ساءُ، لاءُ. شوق. چاهنا، چاٽي. خواهش، اُمنگ. لطف، خوشي، سرهائي، موج، آنند، فرحت. عيش، نشاط. اختيار، مرضي، پسندي. رَسُ، رسنا پٽ، چشڪو، چش. وندر،ونڌنا. سِڪَ، ڇِڪَ.
The sensation or flavour perceived in the mouth, the sense or faculty of perceiving this, the sense of tasting, taste, a person's liking for something, aesthetic discernment in art, clothes, etc . Happiness, pleasure, ecstasy, enjoyment, joy, delight.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَٿان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيان، صَبُرُ شُڪرانو، ذَوقَ زَمانو، مُون وَرَ وِئَڙو وِسَرِي.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ظييَئُون ظاھِرُ ذَوقَ سين پَنجَ ئِي ڪَنِ پُورا، ھَلَنِ واٽَ سَماءَ ۾، ڳاڙي ڳَلِ ڳوڙھا، سَناسِي سَيِّدُ چئَي، پُورَڀَ ۾…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- وَنءُ مَدِيني مَڱڻا، اَکِيُون پيرَ ڪَري، جِتِ ماڻِڪِي مُحَّمَدَ مِيرَ جِي، جَهرڪِيو جوتِ ڪَري، پَسِئو جوتِ جَمالَ جِي، جِتِ اُمَتِيَنِ…[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]