دَردَ بابت
معنيٰ
سُورَ، تڪليفون، ايذاءَ، ڏُکَ، پيڙائون، رنج. جاکوڙ، ڪشالا، ڪشٽ. ارمان، غم، الم.
Pains, sufferings, agony
بيتن ۽ وائين ۾
- عِشقَ جي اَسبابَ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون، دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسِئائُون، آخِرُ والعَصرِ جو، اِيھِي اُتائُون، تِھان پوءِ…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ٿِيندو تَنَ طَبِيبُ، دارُون مُنھِنجي دَردَ جو. ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجَهہ جِي، اَچِي شالَ عَجِيبُ. پِرِيَنِ اَچِي ڪِئو، سَندو غورُ غَرِيبُ،…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- عِشقَ تُساڏي مَين عاجِزُ ڪِيتِي وو مَيڏي مِيان، دَردَ رانجَهن دي گهايَلِ ڪِيتِي، ھِڪُ جِيئَن سُھڻا، ٻِيجِي بي پَرواھِي، ويڄَ…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- مَينُون ماھِي، عِشقُ رانجَهنِ دا، راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خَبَرَ نَہ ڪائِي، دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جِي دَوا، جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، آزارَ جا اَنواعَ، صاحِبَ ڏيِين شَفا، مِيان مَرِيضَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جو دارُون، دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون، ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دارُون کي دَردَنِ، تُون ڏيِين تُون لاھِيين، ڏاتَرَ کي ڏکَندَنِ، تَڏِھِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏھِن…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- جانۡ ڪِي ڪَري طَبِيبُ، دارُون ھِنَ دَردَ جا، ھَڻِئو سي حَبِيبُ، اُکوڙِئو اَڌَ ڪَري.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ڪارائِيان قَرِيبُ، وَنِيئُون ويجهو گهَڻو، دارُون سَڀَ دَردَ جو، طَبَعَ جو طَبِيبُ، ايھي حالِ حَبِيبُ، ساھان اوڏو سُپِرِين.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا، دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ، وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- جِنِ کي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَهنِ، فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ، پَنو سو پَڙَهنِ، جَنھِن مان…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- دَردَ رانجَهنِ دي ھِيءَ دِلِ مارِي مَولا، ايڪَ گهَڙِي دي ويکَڻَ ڪِيتي گهِنِ ڳِيا دِلِ سارِي، ڪوئِي حبِيبُ طَبِيبُ بَتاوي،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- آءُ اوراھُون سُپِرِين، وَڃُ مَ اَڳاھُون، ٿَڪِي کَڻي ٿَرَنِ ۾، ٻاڪارِئو ٻانھُون، دَردَ جُون دانھُون، مُون مارِيندِيُون موٽُ تُون.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- دَردَ مُنھِنجي جا دارُون، يارَ موٽُ سَٻاجها سُپِرِين، مُون لَڳِيُون مُون وِسَهو، مَحَبتَ جِيُون مارُون، سُکَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- دَردَ فِراقَ مِيان پُنهون سائِين، عِشقَ فِراقَ، پُنهون سائِين جيڏِيُون اَلو اَلو مارِي آھِيان، اَدِيُون آرِيچَنِ جي، نِھوڙِيَسِ نِفاقَ، ڏُونگَرُ…[ سُر ديسي - وايون ]
- جَڏائيءَ جا جَلِيلَ، ٻَڌا موڙَ ھَٿَنِ سين، مادَرِ مُون کي مارِئو دَردَ جي دَلِيلَ، وَرِجِ وِيرَ وَسِيلَ، سُورَنِ ساڙِي آھِيان.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- ڇَپَرَ جا سُونھان، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي، دَردَ جا دُونهان، مُون مارِيندا موٽُ تُون.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ھئَي ھئَي جي نَہ ھُئِي، تَہ جيڪَرَ جِيءُ جَلِي وِئو، پَئي ڪَرٽُ ڪاٺَ ۾، ڪَڍي رُڪُ رَئِي، سَندِي دَردَ دَئِي،…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ھئَي ھئَي جي نَہ ھُئِي، تَہ ڄَرَ ڄَراٽِئو جِندَڙو، دانھُون ڪَري دَردَ جُون، ماڳَهِين ھُوند مُئِي، سَندِي دَرَدَ دَئِي، ھئَي…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- جِيئَن سا ڪانِي ڪانھَنۡ، لَهسَندي لاتِيُون ڪَري، اَچِي اُڀَرِي اوچِتِي، دَردَ پِريان جي دانھَن، ويڄَ ڏَنڀِين ٿو بانھَن، سُورُ ھِنيَين…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- دَردَ نَہ توکي دَنگِئو، دَردَ نَہ ڏِنَئي دَنگَ، ڪارِي قَرِيبَنِ جا، کُتَئِي نيڻَ خَتَنگَ، اَڳَ نَہ پَڙِهيَئِي اَنگَ، سَبَقَ اِنَهِيءَ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- دالَئُون دُونھُون دَردَ جو، دِلِ ۾ دُکائِينِ، آڻِئو آڳِ عِشقَ جِي، چَقمَقُ چُهٽائِينِ، جِيءُ پَنھِنجو جوشَ ۾، پَل پَل پَچائِينِ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِ وِڌائِين، نِئائِين مَرِضُ مُؤمِنَنِ تان، دَردُ پاڻَ دَردَ ۾، ٻَرو ٻُڏو ٻاجَهہ ڪِئائِين، اَگها سَڀَ سَگها ٿِئا،…[ سُر مارئي - وايون ]