دوزَخَ بابت
معنيٰ
گنهگارن کي سزا ڏيڻ لاءِ خدا تعاليٰ جو پيدا ڪيل عذابن جو گَهرُ، جَھَنمُ، نَرڪُ، نَرڳ، پاتال، سَقَر، سِجِين نار، باھ جو مَچُ، اوڙاھ گنهگارن کي سزا ڏيڻ لاءِ پيدا ڪيل ست طبقا.
Hell
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، چَئِي، چُوندو آءُ، فَرضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئُون تَرَڪُ مَ پاءِ، توبَهَ سَندي تَسبِيحِ، پَڙَهڻَ ساڻُ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونھون، سَوارو سُونھون، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ڪيھِي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اِھَڙِيءَ روشِ رَوَنِ، نَہ ڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نَڪو بِهشِتُ گُهرَنِ، نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سين، نَہ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ”مُون“ ”تُون“ ”آئُون“ ”اَسِين“، چارَئِي چِتان لاھِ، تَہ تو اوڏِيائي نَہ وَڃي، سَندِي دوزَخَ باھِ.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]