حُسُنَ بابت
معنيٰ
چڱائي، ڀلائي، سٺائي، خوبي، عُمدگي. خوبصورتي، سهڻائي، ملوڪائي، جمال، سوڀيا، سونهن، جوڀَنُ، روُپ، سندرتا، دلرُبائي. نزاڪت، زينت، رونق، رنگ، سينگار وغيرہ
Beauty, enchanters, charm,
بيتن ۽ وائين ۾
- يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏِيُون! آئُون مارِي، دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ، جاٿَي ڪاٿَي مَحبُوبَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين، آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ، آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي جيڏِيُون، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانھَڙِي، ڦِڪِيُون ڏيئِي ڦَڪِيُون، ويڄَنِ آئُون وِرچائِي، حُسُنَ ھوتَ حَبِيبَ جي،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪونَہ دَرَڪُ، جو حُسُنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ميرو مُنھُن ٿِئومِ، وَڃَڻُ تِتِ پِئومِ، جِتِ ھَلَڻُ ناھِ حُسُنَ ري.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، وَطَنِ وَڃان ڪِيئَن، حُسُنَ ڌاران ھِيئَن، پَسان ڪِيئَن پَنوَھارَ کي.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]