جِيئَندِي بابت
معنيٰ
زندہ رھندِي، ساھ کڻندِي، جيئري رھندِي، حياتي گهاريندِي.
To live, survive, to breath, to exist
بيتن ۽ وائين ۾
- آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، يااللهَ مُون مُسافِرَ سُپِرِين، مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن؟[ سُر کنڀات - وايون ]
- پَرٽَنِ پاليياسِ، ٻانڀَڻَ ٻيٽِي آھِيان، حُسنِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، ماري موتِ وِڌِياسِ، جانڪِي تان جِيئَندِياسِ، پييَسِ وَرِ وِصالَ جي.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي، ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،…[ سُر ديسي - وايون ]
- زارِي سا زارِي، اَلولَ ٻاروچي سان ڪَندِيَس زارِي، ڪَري ڪوھِيارو وِئو، مُون سان قِيامَتَ ڪارِي، ڪِينَ جِيئَندِيَسِ جيڏِيُون، سُورَ پِريان…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- آيَسِ ڪِي اوڏِي وَڻا وائِي نَہ ڪَرِيو، سا مُنڌَ جِيئَندِي ڪيتِرو، لَڪَنِ جا لوڏِي، ڪوھِيارِي ڪوڏِي، ڇُلِي پيٺِي ڇَپَرين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، نُورِي ۽ نارِي، ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، ھُئا مَنجِهہ حَمامَ، آرامان اَرَڳِ ٿِئا، اوڏا نَہ آرامَ، ڪِئائُون قِيامَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- لَکين ڪِئا لِسانَ سين، لاھُوتِيَنِ لوڙا، گهوڙا ڙي گهوڙا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ڳولِيانِ ۽ ڳُنڌِيانِ، وِئا ويراڳِي نِڪِرِي، صُحبَتَ جَا سَندِيانِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنَ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- مَران مَٿو پِٽِيان، نِھارِئان نيرانِ، سُخنَ جي سَندانِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- وارو ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ، قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لالائي لَھيجِ، پَيرَتِ پَسِئو پَٿَ جِي، وَڃَڻَ کي وَڃيجِ، راتو ڏِينھَن…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾ لاھُوتَ، جَنِي سين ياقُوتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ، سونُ سَڀوئِي سِڱيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ، ويساھي ويلَ ڪَھِين، پُورَڀِ ويندو پَٿُ،…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- واڄَٽَ ويراڳِينِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ، مَقالان مَھِندِ ٿِئا، ڪِينِهي وَٽَنِ قالُ، نَڪو ماضِي مَنَ ۾، نَڪو اِستَقَبالُ، حاصِلُ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- سُتِي سيڄَ ھُياسِ، مُون کي آھَ اُٿارِئو، جَنِي جاڳاياسِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- جيڪي مُون نِيو، نَہ تَہ جاٽَ مَ وَڃو جوڳِئا، قُوتُ مُنھِنجو ڪاپَڙِي، سِڱَڙِيَنِ مَنجِهہ سِھو، ڪا ڦِرِي ڦُوڪَ ڏِئو، آئُون…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- جيڪي مُون کي ني، پَڳَھَ پائي پاڻَ سين، پَھَ پَرُوڙِئَمِ پَٿَ جا، مَنجهان ڪِينَرَ ڪي، ھاڻي جَي ھَيَئي، آئُون نَہ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- جيڪي مُون کي تاڻ، پَڳَھَ پائي پاڻَ سين، ھُوءِ جٖي ھَيئِي ھاڻِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- مُون کي ڪِينَرَ ڪَڍِئو، ڀَڃِي مَنجهان ڀِتِ، ھُوءِ جٖي ھَيان ھِتِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- سُوڌو سِڱَرِيَنِ سين، ڪِي جو ڪَھيائُون، ھُوءِ جٖي ھَنيائُون، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- سَتُرُ سِڱَڙِيَنِ سين، لَحظي لاٿائُون، ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، اُنِهين جي آئُون، مُون کي مارِيائُون، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا دُکائي دُورِ، ٿِئا ڏيٺارِئان ڏُورِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا وَڄائي وِيرَ، ڏورِيان ڏورِيان نَہ لَھان، تَنِ بيراڳِيَنِ بَھِيرَ، جَنِ جي آسَڻَ مَنجِهہ عَنبِيرَ، آئُون نَہ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- جُزُ وِڃايو جوڳِيين، ڪُلَ سين آھِينِ ڪَمُ، آسَڻُ جَنِ عَدَمُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اَچي نَہ آرامُ، ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، تَنِي جي تَمامُ، مُون کي ٿِئو ماتامُ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اُدُوھان اَچَنِ، ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبوحِ تان نَہ سُڄَنِ، وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اوڇِنگارُون اَچَنِ، آيَلِ آديسِيَنِ جا، مُون کي ماڳَ مُھَنِ، پاڻان وِڌِيَسِ پَٽَ تي، لاھي لاھُوتِيَنِ، راڙي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، ٻانھُنِ وِجهان واتَ، جٖي ڪَھِيا ڏُونھِن قَلاتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- آسَڻَ وَٽِ آھُون ڪَرِيان، وَسِ نَہ مُنھِنجي واتُ، لَڳُمِ لاھُوتِيَنِ جو، ڪِينَرَ مَنجهان ڪاتُ، ھَلَڻَ کي ھَيھاتُ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- بابُو بيکارِي ٿِئا، اَڄُ نَہ آسَڻَ وَٽِ، خُودِي کائي ھَلِئا، پيرَ لايائُون پَٽِ، ھئَي ھئَي جَنِي ھَٽِ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- بابُو بيکارِي ٿِئا، آسَڻَ وَٽِ نَہ اَڄُ، نِسوروئي ناھِ جو، سامِي ڪَنِ سَھَڄُ، ھِنيان تَنِ سين ھَڄُ آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- بابُو بيکارِي ٿِئا، ڀَڃي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ، نِسوروئي ناھِ جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ، سِرکَنڊُ جَنِي ساڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ميڙِيو ڀاڻُ ڀَريُون ڪَري، جوڳِي جَلائِينِ، سامِي سِڱَڙِيَنِ سين، خُودِيءَ کي کانِئينِ، ھُوءِ جٖي تارَ نَہ تَڳائِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- وَٽَنِ ويٺِي آھِيان، ڏِسِئو ڪِينَ ڏِسانِ، جَنھِن جِھو ئِي ناھِ ڪِي، سا ڪا سُونھَن سَندِيانِ، پَسِئو ڪِينَ پَسانِ، آئُون نَہ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- جُسي سَنڌو جَو ڪَري سو مُون نَہ گُهرِجي ماھُ، سامِي مُنھِنجو ساھُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو، سَندو جوڳِيَنِ جوشُ، پَچِي تَنھِن پَنٿَ کي، ھَڏِ نَہ رَھِئو ھوشُ، آسَڻَ ۾ افسوسُ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين، نَڪو ساڻُنِ پاڻُ، اِھَڙو جَنِ اُھڃاڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ ڪَنِ پَرياڻَ، اِھَڙا جَنِ اُھِڃاڻَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ پَرِياڻِينِ، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، آسَڻَ اُجهائِينِ، رُخصَتَ رُئاڙِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ پَرياڻينِ، ھُو جٖي ھَلَڻَ سَندِيُون، ڳاھُون ڳالَهائِينِ، وَڃَڻُ وڃائِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلا، ويراڳِيَنِ وَرَنَ، ٻولَڻُ ٻوڙَنِ سين پِئو، سَندا فانِيَنِ فَنَ، ڪي گهُرِجَنَ ڪَنَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- وَڄائي واٽَ ٿِئا، جوڳِي جُڳاڻين، ھُئا جٖي ھاڻي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ھئَي ھئَي ڪِئو ھَٿَ ھَڻان، جوڳِي وِئَڙا جاٽَ، پيھِي وِئا پاٺَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- مِٽَ نَہ مَعذُرِيَنِ جا، جوڳِي جاٽَ نَہ نِينِ، اِنِهِيءَ ۾ آھِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي، وِھَڪَ مُون ويئِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، لوڪان ڪَري لِڪَ، ويئِي مُون وِھَڪَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويراڳِي وِئا، ھُوءِ جي ھِتِ ھُئا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويچارا وِئا، ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبُوحِ تان نَہ سُئا، ھُوءِ جي ھِتِ ھُئا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، چيلا چيلِهہ ٻَڌنِ، ھُوءِ جٖي ٿا ھَلَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھاءِ مُنھِنجي حالَ، ھُوءِ جٖي ڪَھِيا ڪالَهہ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھِنگَلاچان ھَلِي، ديکِي تَنِ نَہ دُئارِڪا، مَھيسِيَنِ مَلِي، آڳَھُ جَنِ عَلِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- جهورِي جِهڄَڻُ جهانءِ مُون جَنِي جو نَہ لَھي آيَلِ اِيئَن مَ ڀانءِ، تَہ آئُون جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ کي، رُئان راتو ڏِينھَن، ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، مُون کي چاڙِھي چِيئَن، آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، جُھ اُنِ ٿَرِ…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]