جِيءَ بابت
معنيٰ
ساھُ، حياتي، زندگي، دم. جند، جان، بدن. دِل، مَنُ، طبيعت. خواهش. نفس.
Life, living being, spirit, soul, mind, heart, breath, prana, health, disposition, temperament
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ، ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين، مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن، سُکَ نَہ سُتا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجِيُون لِکَنِ لَکَ ھَزارَ، جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ، پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جِي دَوا، جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، آزارَ جا اَنواعَ، صاحِبَ ڏيِين شَفا، مِيان مَرِيضَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي، لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ھُئَين تَہ ويڄَنِ وَٽِ، تُون ڪِيئَن جِيءَ جَڏو ٿِئَين، سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، ڪوھُ نَہ ڪِيَئِي ڊَڀَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- پِرِيَنِ پيڪانُ پَڇَندئو، ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري، ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري، جو لَڳُمِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ڪَنڌِ ڪَٽارو مُنھِن وَٽِي، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ، تَنِ تِڪُون ڏِنِيُون، جُنبِي مَنجهان جِيءَ، سَرو تَنِ سَبِيءَ، جَنِ سانگُ نَہ ساھَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اکَرِ ھيڪَڙي، وِھَڻُ واٽڙِيُنِ تي، گَهارَڻُ ضَرُورِي، ٻِنِهي جِي پُورِي، جِيءَ ڏِني ري نَہ جُڙي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عِشقُ نَہ آھي راندِ، جِيئَن ڪِي ڪَنِس ڳَڀَرُو، جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي ٿو ھيڪاندِ، سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- جَنِي سَندِيءَ جِيءَ ۾، ڀَتُون ڀَتين ٻوڏُ، ڪِھَڙو ڪَرِيين ڪوڏُ، ھِينئَڙا پَسِي تَنِ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ ويچارا، دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو، اُٿِئو ويڄا مَ وِھو،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- کاءِ نَہ کَٽَڻَھارُ، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري، اَگَرَ اوڏو نَہ وَھي، سِر کَنڊَ لَھي نَہ سارَ، لاڻي جِيءَ لَغارَ، مَيو…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ٻانَهپَ جو ٻيڙِيُنِ ۾، وَکَرُ وِڌائُون، موتِي مَعرِفَتَ جا، سَچا سودِيائون، اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ ڪَمَنْ لَّاذَنْبَ لَهٗ ، اِي کَٽَ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي، ھُو جٖي واڍي واڻِئا، سُونھَڻَ سَڀَ سَڙِئا، مُعلِمَ ماڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهہ…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ماءَ وِلائِتي آيا، تَڙبن تَنوارِينِ، وايُون وَڻِحارَنِ جُون، جِيءَ کي جِيارِين، کِلِبو کِيڪارِينِ، جَنِي سيڻَ سَلامَتَ آيا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- چوڌارِي چَڙِيُون، ٻُرَنِ ٻَيلايَنِ جُون، مَحَبَتِيءَ ميھارَ جُون، جِيءَ اَندَرِ جَڙِيُون، جي وَڇارَ وَڻِيُون، سي لَهرِن پاڻَ لنگهائي.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھاڪَ، سُتي سَنڀارَنِ جِي، مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، چَڙَنِ چورِئا چاڪَ، تَنِي جِيءَ اوطاقَ، وَڃَڻُ واجِبُ مُون پِئو.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي، ڇَڪِي ڇولِيءَ ۾ گِهڙِي، جِتي جِيءَ وِڻاھَ، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَڪي ھِينئُون، آرَ مَٿي…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- جَا ھَڙَ اَندَرِ جِيءَ، ساھَڙَ ٻَڌِي ساھَ کي، سا ھَڙَ ڇوڙِيان نَہ ڇُڙي، سا ھَڙَ ساھَڙَ ريءَ، ساھَڙَ ٿِيءُ سَميعُ،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- جَي آکو تَہ ڪوھُ، ڪَچو آيُمِ ڪَمِ، جِيءَ جَنِي جا جَمِ، پَڪا سي پُڇَندِيُون.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ، آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ، آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ، گهَرِ گهَرِ گِلا…[ سُر سھڻي - وايون ]
- آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون، جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا، ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئا وَلَهارِيءَ وِيءَ، سِجُ چَنڊُ نَہ پاڙيان، سيڻَنِ جي شَبِيھَ، جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- گَنگُو جِئان گوڙِ ٿِي، ڪَھِيو ڪاھُوجِيءَ ڏانھَن، وَسِئو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، چُرِي ڀَريائَيِن چاھَ، ڏيئِي پَٽَنِ پاھَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ، وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ، ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- ڏِٺو ڪالَهہ ڪَھِين، جُهونجارَڪو جَهڳڙو، ھاٿِينِ ھَڏَ مُڇائِيا، ريلو رَتَ نَئين، ڀائِينِ سا سَنئِين، جِئان جِيءَ جوکو ٿئي.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- اَکِيُون ڪَڍُ مَ ڳَجَهڙِي، تارا تَڻِ مَ کاءُ، پِيو نَہ ڏِسين پَٽَ ۾، رِيڳَڙِيارو راءُ، جيري تَنھِن جُوانَ جي، لَڳا…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- آءُ اوراھُون سُپِرِين، پَري وَڃُ مَ پِيَ، موٽُ مَرَندِيَسِ ڇَپَرين تُون جِيارو جِيءَ، ھوتَ مَ ڇَڏِج ھِيءَ، پُنهون پِيادِي پَنڌَ…[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ناھِ جَمِيعَتَ جانِ کي، ھوتَ پُڄاڻا ھِتِ، پُنهونءَ جِيءَ پِرتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ھوتَ ٻاروچي ساڻُ، جيڏِيُون جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ جُون ڳالِهيُون، چَڙِهي ڏُونگَرَ چوٽِيين، پُرزا ڪِندِيَسِ پاڻُ، ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، يارَ سَڱَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھَورِنِ ھاڙِھو لَنگِهئو، ڳورِيُون پاسي ڳوٺَ، ڪيچِ تَنِي کي ڪوٺَ، ڪِينَ جَنِ جِيءَ ڪَڇَ ۾.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڪِي جو ڏِٺائِين، مَوتُ مارِيائِين، پاڻُ تَنھِنجِيءَ پُٺِ ۾.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين، سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ، مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ھَلِبو وو ھَلِبو، پُنهونءَ ڪارَڻَ پَٻَ ۾، ڀُڻِي ڏوونگَرَ ڏورِيان جِيءَ اَندَرِ جَلِبو، پِريان سَندي پارَ جو، سُورُ تان نَہ…[ سُر معذوري - وايون ]
- اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ڪَرَھا مَ ڪاھِيو، جانِبَ جَڏي جِيءَ جو، آڳانڍو آھِيو، لاڳاپو لاھِيو، مَتان مُنھِنجا سُپِرِين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بَرِ چَڙِهي بانڪا، ڦَٽِئا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، چَڙَھَندي چَڙَھَندي چَڙاھاڪا،…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- جِيءَ جَڙَ جَنِ سين، سي ٿِئا ھوتَ قَرارُ، رُوئان زاروزارِ، ھاڻي تَنِ پِرِيَنِ کي.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- مُون ڀانيو مُون وَٽِ ھَميشه ھُوندا پِرِين، ويڙِھو ڏيئِي ويڪِرو، پَھرِي وِئا پَٽِ، ساھُ جَنِي جِيءَ سَٽِ، وِڪِيُمِ ٿي وَڻِڪارَ…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- مُون ڀانيو مُون گهَرِ، ھَميشه ھُوندا پِرِين، ساڄَنَ سيڄَ وِڇايان، جوڙي جِيءَ اَندَرَ، ڪوھُ ڄاڻان ڪَنھِن پَرِ، ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا.[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- کوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، پَکا سَندَنِ ٻَنِ، اُستُ جو اُٺِنِ جو، مُون کي رَھِيو مَنِ، جِيءَ ۾ جَتَ رَھَنِ، ٻِي…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ مُجِ سَلامُ، سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ، ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- گولِي ٿِي گُذارِئان، تَہ مُون وَڏو ڀاڳُ، رَتو روئِي پِرِينءَ کي، وِڌُمِ ٿي ويراڳُ، جَنِ ھِتي ھوتُ وِسارِئو، سي مَهِندِ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- توڏَنِ موڏَنِ تَڪِڙِي، ويچارِيءَ وائِي، جَتَنِ پانهِنجِيءَ جُوءِ جِي، سُڌِ نَہ سُڻائِي، جِيئَري جُدائِي، ڪيچِيَنِ سين ڪا مَ ٿِئي.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي وِسَھي سَندِي جِيءَ جَڙِي، ڪَپي ڪوھِيارو وِئو.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي وِسَھي، ھُوندَ نَہ سُتِيَسِ سَرَتِيُون، ويھِي رَھِيَس وَڻِي، جَتَ پانھِنجِيءَ جُوءِ ۾، گهارِينِ مانَ گهَڙِي،…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو، واڳَ وَٺِي وَرُ وارِئو، مُون نِماڻِيءَ تان ڪِينَ چَئو، سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارِئو،…[ سُر ديسي - وايون ]
- آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي، مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڪِھَڙي آندين سانگَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، اوٺِيَنِ اُٺَ پَلاڻِئا، تاڻي ٻَڌائُون تانگَ، جِيءَ جَڙَھُيَمِ جَنِ سين، سي پِرِين ٿِئا پاَسانگَ،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ٻانھوٽِي ٻانِهي، زرِ خَرِيدَ جَتَنِ جي، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ سَندا جانِي، اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻاروچي ٻانِهي، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جٖي جِيءَ اَندَرِ جانِي، اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪا مَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- توڻي نِينِ نَہ نِينِ، آئُون اُنِين جِي آھِيان، زورو ھِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوھُ ڪَرِينِ، پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ڪَرَھَلَ…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- لَڄايا مُنھان، ساجُهرِ ٿي سيڻَ وِئا، پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان، جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ، سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- آئُون ڏورِيين شالَ مَ لَھين ساڄَنَ مَڃُ سُوالُ، سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين ٿِيي جانِ زَوالُ، وِھاڻِيءَ وِصالُ، اُٿِيان آرامِي ڪَري.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- مَرِي ويندِيَسِ ماءُ، لَڪَ لَنگهَندي لَڪِيُون، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا، جَتَ پَنھِنجِيءَ جاءِ، رُوئَڻَ رَتُ جُڳاَءِ، تَنِ ھوتَنِ جي ھيڪاندِ لَيءِ.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ڪيچِ مَ خَبَرَ ھوءِ، ھِنَ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي، مَٿان پُنهونءَ پوءِ، لَڄَ پَنھِنجيءَ لوءِ ۾.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- سَرَتِيُنِ سَھِجَ مَنجهان، ٿِي ڪوڏِ وَراھِيا ڪَپِڙا، تَڏِھِين مُنھِنجِيءَ ماءَ، ٿِي پَھَڻَ آڇِيا پَٻَ جا.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونھَن، گهورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري، جَنِي جِيءَ وِرُونھَن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- مُون سين ھوتَ نَہ ڪَندَڙا ھِيئَن ھِيئَن، مُون نَہ ڇَڏِيندا ڇَپَرين، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن ڏِينھَن، ڇيڙي وِڌِيَسِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي، موٽُ مَ مَڱڻَھارَ، ڪِينهي مَنجِهہ ڪَپارَ، لَڄِيندو ٿو…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- مَٿي اُتي مُنھِنجي، جَي ھُونِ سِرَنِ سَؤُ ھَزارَ، تَہ تُنھِنجِيءَ ساڻُ تَنوارَ، ھَرَ ھَرَ وَڍِيان ھيڪِڙو.[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جَو تَرَڪُ طَمَعَ کي ڪَري، سو ڪِي مُون سُڻاءِ، جيڪِي چَئِين جِيءَ مان، سوڳورَ مَنجهان ڳالَهاءِ، مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جو وِچان…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- جو وِچان ويرِيَنِ آيو، سو مَڱَڻَھارُ مَ موٽاءِ، جا جِيءَ اَندَرِ مُون ڳالِهڙِي، سا پاندِ پَلَئِي مُون پاءِ، جو گهُران…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- مَٿو ۾ کِيڪارَ، يارَ ڏانَ ڏِيندو سانءِ ٻِئا مَڱڻا، مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي، پِرِينءَ پيشانِي، سي ڪِيئَن وَڃَنِمِ وِسَرِي، جٖي جِيءَ اَندَرِ جانِي، تَنِي جِي ٻانِهي، ڪِھَڙِي حُجَ ھَلايان.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- جانِي مُنھِنجي جِيءَ ۾، جي تو طَمَعُ پوءِ، وَٺُ ڪاتِي وَڍِ اَڱڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪو، ڀايان ڀالُ سَندوءِ، جي…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- نيڻَ صَقِيلَ سُپِرِين، ڀَؤُنرَ ڀِرُونِ ڀالا، چِڪَئَمِ چاڪَ پِرِيَنِ جا، اَندَرِ ۾ آلا، يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن جِيءَ صُحبَتَ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- شَمعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرھَ باکُون کوڙِيُون، موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ، تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- راڻا تُنھِنجِي راھَ ٿِي، ڏِھاڙِي ڏيکان، جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، مَحَبتَ جُون ميخان، رَيَ ڀَرِيُون ريکان، تو سين لالَ لپيٽِيُون.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- راڻا تُنھِنجِيءَ راھَ تي، ويٺِي رُئان رَوَ، دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ، جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪَرَھا، ڪارَڻِ ڪاھَ، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِئو، ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ، مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ، سوڍي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَوائِي، لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، لالِي تَنھِن لائِي، ڪانِهي ٻِي وائِي، ٿِئو مِڙوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَڀَنِي سُونھَن، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان، دِلِيَن دُونھَن، ڪانِهي ٻِي وِرُونھَن، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، ڪو سوڍا ٻِئا سُڄاڻَ، نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ، ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- راڻي جِيءَ رِھاڻِ ۾، ڪو آديسِي آيو، چوڏھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، ڪِئو سامِيءَ سَھائو، لَٿو اُونداھو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سين.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- راڻي جِيءَ رِھاڻِ مان، ڪو آيو آديسِي، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀَ واسِي، سُوڌو سَناسِي، اُتاھِين ٿِي آيو.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين، پَرچِي پِيارا، پَلَڪُ پَراھُون نَہ سَھِسين، جِيءَ جا جِيارا، نِينھان نِظارا، سَڃِ تَہ مان سُورُ لَھي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- سَڃِ تَہ مانَ سُورُ لَھي اَکِيُون ڀَري ٻاجَهہ، راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، ويٺِي وِجهان واجهَہ، سوڍا لَھِي ساجَهہ، پَسُ تو…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- سوڍا سُورَ سُڪايُون، اَکِيُون آبُ نَہ ڪَنِ، راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، وِڏُوڻِيُون وَتَنِ، سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ، جٖي تو سوڍا…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- آءُ راڻا راحَتَ، ڌُوڻَ ڌَرَتيءَ جا ڌَڻِي، سِڪَنِ ٿِيُون سُھاڳَڻِيُون، سوڍا تُنھِنجِيءَ سَٿَ، مُون تان لاھِ مَ ھَٿَ، ڪامِلَ ڌَڻِي…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، رُوحُ ڪَري رِيھُون، باغَ سَڙِي بُٺُ ٿِئا، وَڻَنِ جُون وِيھُون، ڪاڪِ مَٿي ڪِيھُون، پَسو پَرَڏيھِيَنِ جُون.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻي رِڻُ ڪِئو، جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين، مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو، ٻُجهان ٻَھَرِ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ اَڳِيين.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين، راڻي رِڻُ ڪِئو، قَلبُ ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پُرزا ٿِي پِئو، ٻُجهان ٻِيءَ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- سوڍي سِرُ نِيو، ھِتِ ڪَرنگهَرُ سَکِڻُو، راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، پَچي تَنَ پِئو، مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو، پَسان…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- سِڪي ھِنيُون سَڌَ مَري، راڻي جِيءَ رِھاڻِ، موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ، تان مُون پَئي نَہ ڪاڻِ، صَباح وِچِ سَرَتِيين.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- تان وَنءُ ويھِي آءُ، اَڱَڻِ کاھوڙِيَنِ جي، جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائَي لوڪان، ڏوٿِيَنِ ڪَنھِن ڏُکان، سُمَهِي سُکُ نَہ ماڻِئو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَنَنِ ۾ ڪَڙا، سَچَ ٻَڌائُون سَندِرا، جوڳِيَنِ جِيءَ جَڙِئا، پائي مُنھُن مَڙِهئان، ھَلو تَڪِيا…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- تَڪِيا پَسُون تَنِ جا، ھَلِي مَنجهان حالَ، ڪوڙيِين ڪَنَ وَٽِيَنِ جا، ڀينَرُ ڀانيان ڀالَ، سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ، مُنھِنجو چِتُ چَڱو…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، صُورَتَ کانيَنِ سِيءَ، اُڀِيَنِ گَهڻي اَدَبَ ۾، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ، جوڳِيَنِ پانھِنجا جِيءَ، لِلہِ ڪارَڻِ لُٽِئا.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- پُٺا ڄَرَ ڄَرَ ڄَراٽِئا، مُنھَن کانيَنِ سِيءَ، مُوھِنَ مَڱَنِ بِکِئا، نَہ ڪا لَڄَ نَہ لِيھَ، بابُو بيکارِي ٿِئا، نَڪو پُٽُ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ طَمعدارَ، سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جوڳِي ٿِينِ نَہ يارَ، اَوَسَرَ جِيءَ آڌارَ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ، سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، مَڙِهيُون مُون مارِينِ، جٖي جِيءَ کي جِيارِينِ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ، نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ، جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڪَلَپَتِي آيا ڙِي ماءَ، آئُون ھَلَندِي اُنِ سين، حِرصَ ھَوا جِيءَ جَنِ جا، سُکين تان نَہ سَڌايا، تَنِ تَڪِيا تاڪي…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪانگَ تُنھِنجِيءَ ڇانگَ، جَڏو جِيءُ جِيارِئو، مَٿان لامَ لَتَ ڏِئو، ٻولِيين سِرِ ٻيلانگَ، اُڏءُ مَٿان ڦانگَ، کَرَ جاوَنِ آوَنِ پِرِين.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- خِيما جَنِ کَڻِي، مَٿي پُورَڀَ مَنڊِئا، آيَلِ تَنِ آديسِيَنِ کي، پَسِئو ٿِيان پَڻِي، جِيءَ ۾ جَڙَ ھَڻِي، نانگا وِئا نِڪِرِي.[ سُر پورب - جوڳي ]
- ويڙِھيين مَنجِهہ وَڙالَ، آن ڪي گَڏِئا ھوتَ مُنھِنجا، گيڙُو ڪِئائُون ڪَپِڙا، رَتائُون رُومالَ، جَڏو جِيءُ جِيارِئو، تَنِ سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ،…[ سُر پورب - وايون ]
- جوڳِي ٿا جَرُ ھارِيَنِ، ويندا تِيرَٿَ گَنگا مَٿِرا، سِڱِيُون سَناسِيَنِ جُون، پِرھَ پُڪارِينِ، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، مُون کي ٿِيُون مارِينِ،…[ سُر پورب - وايون ]
- پِڙَ ۾ اُڀو پاڻِ، ساٿِيَڙَنِ سَڏَ ڪَري، ڀَلي جِيءَ لاڏاڻِ، سَڀَ لَنگهَندا لَڪِيُون.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- ڍولِئا ڍيلِ مَ مُون، ڪانڌَ ڪَمِيڻِي آھِيان، سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڀيري وِڌَيَسِ ڀُون، مُون وَرُ تُونھِين تُون، تو وَرَ وَھُون…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سَڀَيئِي سُھاڳَڻِيُون، سَڀَنِي ڳِچِيءَ ھارَ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ کي، ڪَنِ سَھِسين ڀَتين سِينگارَ، ڍولُ تَنِي جِيءَ ڍارَ، ھيٺاھِيُون ھَلَنِ جي.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- اللهَ جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مان وَڏو آسِرو، خاوَندَ تُنھِنجِيءَ کانڌِ جو، پَرو نَہ پاندُ ڪو، نالو رَبَ سَندوءِ، رَھِيو آھي…[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- مَدِيني جا مِيرَ، سُڻُ سَندا مُون سَڏَڙا، جٖي سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سِيرَ، سي پارِ لَنگهاءِ پَھِيڙا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا ڄامَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، نَنڍا وَڏا اُمَتِي، اوڀائِيين اَڀامَ، سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سامَ، پارِ لَنگهائِيين پَھِيَڙا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- ڪيرَ ڪَرِيندِي رِيسَ، آيَلِ سَنگهارَنِ سين، جَنِي جِيءَ خَمِيسَ، واڙِيُون واري ڇَڏِيُون.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- گُوندَرَ وِڌو پيچُ، ماءَ مُنھِنجِي جِيءَ کي، ڏُکويُنِ جو ڏيجُ، روئَڻُ رَتُ پِرِيَنِ لَيءِ.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- تَنِ نيڻَنِ ڪِي نَيرانِ، جَنِ ساجُهرِ سيڻَ سانڀيٽِئا، جِيءَ جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُ ڪِيو.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اَکِيُنِ پانھِنجي مَتِ، پاڻَ سين پاڻِهين ڪِي، اُتي وَڃِي اَڙِيُون، جِتي جانِ کَپَتِ، نَہ ڪا ڳالِهہ نَہ ڳَتِ، جِيءَ ڏِني…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- ماري ڪُٽي مُون، ھِنَ وِھِٽَ سين وَسَ ڪِئا، تاتِ سيکارِينسِ تُون، مُنھِنجِيءَ سُوارِيءَ سَنئُون نَہ ڪِئو.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- سُتوئِي سيڄَ گُهرين، جَفا ڏيِين نَہ جِيءَ، پَهني ڌاران پِيَ، مَتان نُونڌين نَہ چَڙِهين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- گُندِيءَ نِينھُن نَہ سَپَجي، تُھِ نَہ پَچي ماھُ، بُڻُ جَنھِن جِيءَ ذاتِ جو، اُتي آھِ اللهُ، اُنَ کي اُوءِ جُڳاءِ،…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- جهُڙ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ چِيھان چِڪَ، اَندَرُ ٿو اُڃَ مَري، ساھُ اُنِين جِيءَ سِڪَ، پِيان شالَ پَھِيُون ڀَري، تِئان…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- ھُيُون ڪوڙيِين ڪِينجُهرَ ڀَرِ، نُورِيءَ سين نِياءُ ٿِئو، گَندَرِي پَنھِنجِيءَ غَرِيبِيءَ سين، ٿِي سَڀَنؤُن سَرِ، سا مَرَڪي مِيرِبَحَرِ، جَنھِن جي…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- سِڄُ لَھِي سانجِهي ٿِي، وَڻين ھَنئِي وَڻِڪَ، ساجَنَ تُنھِنجِيءَ سِڪَ، موٽِئو ماڳَ نِھارِيان.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جَنِ جي واڇُنِئان وِھُ وَھي، سُڪا جَنِي پيٽَ، تَنِي جِيءَ سانڀيٽَ، جُنگَنِ کي جوکو ٿِئي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- جَنِ جُون اوطاقُون اريجَ ۾، تَنِ سَپَنِ ٻِي صُورَتَ، آيا جي نَہ آڻَ ۾، مِنَٿَ ٿِينِ نَہ مِٽَ، ڪاري جِيءَ…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]