تِتِ بابت
معنيٰ
اُتي، تِتي، اُن جاءِ تي.
There, at that place, at there
بيتن ۽ وائين ۾
- اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جِتِ، ڪوھُ نَہ رُنُئِي تِتِ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن جٖي وِئا، سانداري سَمُنڊَ جي، نِھوڙي نِئا، وَڃِي تِتِ پِئا، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- لَھِرِيين لَکَ لِباسَ، پاڻِيءَ پَسَڻُ ھيڪِڙو، اُونِهي ھِنَ عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ، جِتِ ناھِ نِھايَتَ نِينھَن جِي، تِتِ کُوءِ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا، اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪِئا ھيڪَلِيُن حِيلا، جِتِ ڪُڙِمَ نَہ قَبِيلا، تِتِ رَسِجِ…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- پَھَڻَ پُرياڌي پَٻَ جا، جاڏا جَبَلَ جِتِ، لُڇي مُنڌَ لَطِيفُ چئَي، تاڪُو پَسِئو تِتِ، ھوتَ پَھچِجِ ھِتِ، آءُ تَہ اوَجَهڙِ…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو، تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو، جَڏھِن ڄامُ پُنهون ڄائو،…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڇَپَرُ ۽ ڇَمَرُ، ٿا لَڳَھَ لَڳَنِ پاڻَ ۾، آئُون پِيادي پَٽِيين، نِماڻِي نِڌَرَ، اَرڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪِرا، ويڌَ وِنگايُون وَرَ، سوڙِھا…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- دَوڪَ دَھلِئا جِتِ، گورا ھَلَنِ نَہ گَسَ ۾، چَئُہ سالَ ئِي نَہ چَلِڻا، تَنگِ نِھاري تِتِ، سُوڌِي نِي سَيِّدُ چئَي،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڍَرَنِ تِتِ ٻَرَنِ، ڪوڙيِين قَندِيلَنِ جُون، رَھَنِ ڪَٽي ڪَنڌِيين، بوتا مَنجِهہ بَرَنِ، وَڻَ ٽِڻَ ڦُلَنِ ڇانيا، چانگا جِتِ چَرَنِ، وَڃِي…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڇِڪَ ٿِئي تِتِرُ لَنئي، مَٿان وَسي مِينھُن، صُباحَ سارو ڏِينھُن، اُٺَ مَ لَهو اوٺِيا.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ جِتِ، سيئِي مُون کي تِتِ، موٽِي مُنھَن ۾ آيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- مُون کاھوڙِي لَکِئا، سُمَهَنِ ڪِينَ پَئِي، سَمَرُ ڪِئائُون سُڃَ جو، ڏورِي ڏُٿُ لَهِي، وِئا تِتِ وَھِي، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڏوٿِي سا ڏورِينِ، جا جُوءِ سُئِي نَہ ٻُڌِي، پاسا مَٿي پاھَڻين، کاھوڙِي کوڙِينِ، وِئا تِتِ ووڙِينِ، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ناٿَ جِتِ ئِي نِنڌِ، تِتِ نَہ نِھارِئو جوڳِيين، ھُئا ڪُويساھا ڪاپَڙِي، ٿي پُرئا پَراھين پَنڌِ، ھُو ھُئو ھِنَ ئِي ھَنڌِ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ناٿَ جِتِ ئِي نِنڌِ، تِتِ پِہ نِھارِئو جوڳِيِين، ھُئا سُويساھا ڪاپَڙِي، ٿِي پُرئا پَراھين پَنڌِ، ھُو ھُئو ھِنَ ئِي ھَنڌِ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- سَرَڻِنِ جا سوٺا سَھي، وَسِيلو وِلَهَنِ، لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، اَڳِئان لالُ لَکَنِ، جِتِ ڪوڙيِين ڪِينَ ڪُڇَنِ، تِتِ پاٻُھي پَڌِرو.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- وِڳَندُ وَري آئِيو، بَدُو بي نِمازُ، جِيئَن تِتِرَ مَٿي بازُ، وِڳَندُ تِيئَن خُوشِبُوءِ تي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- تعظيما تَرَڪُ ٿِئا، واجهاڻا وِئا، وَڃِي تِتِ پِئا، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- سَنئين سُونھائي سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجهائي، طَلَبَ ۽ تَحصِيلَ، اِيءَ اورِئان ئِي آھي، مان تَنُ تِتِ لائي، جِتِ آھِ نَہ…[ سُر آسا - مجازي مام ]
- ”اَلَستُ بِرَبِڪُم“ ، جَڏھِن ڪَنِ پِئومِ، ”قالُو بَلیٰ“ ، قَلبَ سين، تَڏِھِين تِتِ چَيومِ، تَھِين ويرَ ڪِئومِ، وَچَنُ ويڙِهيچَنِ سين.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- ريءَ اَعرابِيَنِ ھِتِ، گَهنگهَرُ گهارَڻُ مُون پِئو، بَڪَتَ الۡعَینَینِ بما ھُوَ قَدَما ، پُڄان ساڻُ پِرتِ، مَنُ اَکِيُون تَنُ تِتِ،…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ميرو مُنھُن ٿِئومِ، وَڃَڻُ تِتِ پِئومِ، جِتِ ھَلَڻُ ناھِ حُسُنَ ري.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، حَمدُ جَنِي جو هِيءُ، ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، اِيءُ پِيالو پِيءُ، جِتِ وِراهِبو وِيءُ، تِتِ ڪاڻِيارِي…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- ھيٺِنِ مَٿِنِ ھيڪِڙِي، پُراڻِي پَرَھِين، توڙان تَماچِيءَ ڄامَ سين، ڳُجَهہ اَندَرِ ڳَڙَھِينِ، سَسِيُون جِتِ سَرَھِينِ، تِتِ مُھاڻِي مَنجِهہ وِھي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]