تَماچِيءَ بابت
معنيٰ
ڄام تماچيءَ. سمن جي دؤر جو مشھور بادشاھَ، جنھن بادشاھي ڇڏي نورِي نالي مھاڻيءَ سان عشق ڪيو. سندس لقب ”سلطان رڪن الدين شاھ“ پڻ ھئو.
Jam Tamachi, a king of Sama's dynasty who left kingdom for her beloved Noori who was a fisher girl
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِجي جَي ڪاموڏَ، اَچي ساءُ سُرودَ مان، ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ڪَڪورِئا، ھيٺِ لَهرنِ لوڏَ، جِيئَن سَمي دَرِ گَندَرِيُون، تِيئَن لاکَي دَرِ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- جِھَڙِي سِڄَ ڪَڪورَ، تِھَڙِي مي اَکِيُنِ ۾، ڪِينجُهرَ ٻِنِهي ڪَنڌِيين، مييُون ٽِلَنِ مورَ، تَماچِيءَ تَنبُورَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ھيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراھِ، اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءِ، لَڳي اُتَرَ واءِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ماڙِيءَ چَڙِهئو مي، ٿِي ھَڻي حَرَفُ حِسابَ جو، جيڏاَنھَن عالَمَ آسِرو، تيڏاَنھَن تَنُ نَہ ڏي، ڄامَ تَماچِيءَ جي، مُون ڪونِهي…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ھيٺِنِ مَٿِنِ ھيڪِڙِي، پُراڻِي پَرَھِين، توڙان تَماچِيءَ ڄامَ سين، ڳُجَهہ اَندَرِ ڳَڙَھِينِ، سَسِيُون جِتِ سَرَھِينِ، تِتِ مُھاڻِي مَنجِهہ وِھي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- نَہ ڪَنھِن ڄائو ڄامَ کي، نَڪو ڄامَ وِياءُ، نَنڍي وَڏي گَندَري، سَڀَ ڪَنھِن آھِ سِياءُ، لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ،…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ڪو جو ڪامَڻُ مي، آھي اَکَڙِيُنِ ۾، تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني، عِشقُ اِيئَن ڪَري، جِيئَن ڄارو ڄامَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، تُون تَماچِي تَڙَ راءُ، تَماچِيءَ جي تَڪِيي، تُون تَماچِي ڳاءِ، تَہ تُون تَماچِياءُ، تَماچِي تَڙَ لَھين.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- مالَ جَنِ جا مَڪُڙِيُون، ڄارا ۽ کارا، تَماچِيءَ جي تَڪِيي، اَچَنِ سَوارا، جي مِيءَ مَڇِيءَ مارا، سَمي سي سيڻَ ڪِئا.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾، ڪَڍَنِ ڪالوڙا، لوڙِيُون کِينِ لَطِيفُ چئَي، آسَڻِ اَجوڙا، تَماچِيءَ توڙان، وَڻِي ويچارَنِ سين.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻي، نَڪِي کِکِي کاءِ، ڄامَ تَماچِيءَ لاءِ، پاڪُ رَکِيائِين پِڃِرو.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- ويٺِي ڪَري وَرَنَ، مي مَڇيءَ ۾ ھَٿَڙا، راجا اَڳي رَکِي ھُئِي، مُھاڻِي ۾ مَنَ، تَماچِيءَ جي تَنَ، ڳالِهيُون چَيَسِ ڳُجِهيُون.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- ھُئِي ميئِنِ جِھَڙِي مي، خِدمَتَ کَڻِي کَرِي ڪِي، جَنِ وِھَڻُ نَہ ڏِنُسِ وَٽِ ۾، ٿِيُون سَلامِي سي، ڄامَ تَماچِيءَ کي،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- کُوءِ سَمِيُون ٻَنِ سُومَرِيُون، جي اَچَنِ اُوچي ڳاٽِ، وَرُ سي ڪِينجُهرَ ڄايُون، جَنِ تَماچِيءَ جِي تاتِ، راڻنِ مُلا راتِ، ماڻِڪُ…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- تَڙِ تَرِيُون ڍوئِينِ، ڪَنِ رِھاڻِيُون ريلَ ۾، رَڇَ پَنھِنجي راڄَ ۾، ويٺِيُون سَموھِينِ، مُھاڻِيُون موھِينِ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- اَچِي ريلَ اُکَتِيُون، ڪالوڙا ڪَري، پُرِ ڪِئائُون پِنڊِيُون، مَنجهان ڀَنَ ڀَري، تَماچِيءَ جي تَڪِيي، ڏَنُ سَڀَڪا ڏي، نُورِيءَ نازَ ڪَري،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- ڪالَهہ ڪِيائُون ڪُوڻِيُون، اَڄُ ٿِي ڪُمُ ڪَري، ھِتان ھَلِيُون ھيڪَلِيُون، ڀاڪُرَ ڀَنَ ڀَري، تَماچِيءَ جي تَڙَ تي، سَڀَڪا ڏَنُ ڏي،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- اَڙِي مي، سَمي جا سَمگِي، تَنھِن کي ڪيرُ چُوندو مي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيائين مي، تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]
- ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين، اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾، نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]