عنوان | شاھ جو رسالو |
---|---|
شارح / محقق | مرزا قليچ بيگ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ڇپجڻ جي تاريخ | 1994-07-07 |
ايڊيشن | 1 |
مرزا صاحب وارو رسالو
سنہ 1900ع ۾ تعليم کاتي وارن رسالو ڇپائي پڌرو ڪيو، تہ مرحوم مرزا قليچ بيگ اھو ٽرمپ صاحب واري رسالي ۽ بمبئي ڇاپي واري رسالي ۽ ڪن دستخط نسخن سان ڀيٽيو، عجب تہ اھو، جو ڪو بہ نسخو منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ھڪ ٻئي سان ملي نٿو اچي، ھڪڙن نسخن ۾ ھڪڙا بيت، تہ ٻين ۾ ڪي وچائين ٻيا! ٽرمپ صاحب جي رسالي جي ڪنھن بيت ۾ ٻہ سٽون، تہ بمبئي ڇاپي واري رسالي ۾ ٽي، بلڪہ ڪٿي چار! مرزا صاحب محنت ڪري سڀني نسخن وارا بيت ھيڪاندا ڪيا، تہ پڙھندڙن کي اھي سڀ آسانيءَ سان ھڪڙيئي ھنڌ ملن. انھيءَ مراد سان پاڻ وارو رسالو تيار ڪيائين، جو 1913ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. مطلب تہ انھيءَ ڪم ڪرڻ ۽ صحيح پڙھڻين ھٿ ڪرڻ تيرھن ورھيہ لڳي ويس، تہ بہ رسالي جي ڇپائيندڙن کان ھڪ ٽامي جي پائي بہ ڪا نہ ورتائين. ھن مان پڙھندڙ سمجھي سگھندا تہ ھن صاحب ٻنھ لاطمع ٿي، سنڌ جي ھيءُ خدمت ڪئي. پنھنجي جوڙيل ڪتاب ”احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي“ ۾ رسالي جي جدا جدا نسخن جو ذڪر ڪندي لکيو ھئائين تہ ”صحيح ۽ سچو نسخو شاھ جي رسالي جو اڃا بہ گهربل آھي. سگهوئي ڪنھن علم واري کي دل ۾ خيال پوندو، جو اھڙو ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪندو، تہ پڙھڻ وارا پڙھي، خوش ٿي، دعا خير جي ڪندا“ . پاڻ پنھنجي پڄنديءَ سارو اھا محنت ڪري، دعا خير جي کٽي، راءِ رباني وٺي، ھليو ويو، پر نالو اڄ تائين پيو ڳائجيس.
ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي
ماھوار سنڌو- جون 1938ع