
عنوان | شاھ جو رسالو |
---|---|
شارح / محقق | مرزا قليچ بيگ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ڇپجڻ جي تاريخ | 1994-07-07 |
ايڊيشن | 1 |
منڍ
مُنڍ
شاھ جي رسالي جا جھونا ٻہ ڇاپا آھن. ھڪڙو بمبئي وارو رسالو جو 1866ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ٽرمپ صاحب وارو جو پڻ سرڪار ساڳئي سال ۾ ڇاپايو. تنھن کان پوءِ سرڪار ڀٽ جي رسالي تان نئون ڇاپو سنہ 1900ع ۾ تعليم کاتي لاءِ ڇاپايو. انھن ڇاپن مان پھرين ٻن ۾ صورتخطي اڳين وقت جي آھي جا پڙھڻ ۾ مونجھاري جھڙي آھي، پوئين ڇاپي ۾ صورتخطي ھاڻوڪي آھي ۽ گهڻو ڪري صحيح بہ آھي، مگر تڏھن بہ منجھس گهڻيون چوڪون آھن ۽ ڪيترائي بيت ۽ وايون اصل ڇڏي ڏنل آھن. جڏھن ڪنھن شاعر جو ڪلام پڌرو ڪجي ٿو تڏھن ضروري آھي تہ ھن جو سڄو ئي ڪلام ڏجي ۽ صحيح ڏجي. تنھن ڪري دوستن جي صلاح سان مون پوئين ڇاپي سرڪاري کي قائم رکي، سڀ ڪنھن صفحي جي ھيٺيان بمبئي واري رسالي جون پڙھڻيون ڏنيون آھن ۽ جيڪي بيت وغيرھ نہ ھئا اھي بہ اُنھن اُنھن ھنڌن تي لکيا آھن. بيتن جو نمبر سرڪاري رسالي وارو قائم ڪيو ويو آھي، مگر جيڪي نوان بيت لکيا ويا آھن، تنھنجو نمبر ھر ھڪ فصل لاءِ ڌار ٻن ڏنگين ليڪن ۾ ڏنو ويو آھي. شمار ڪيو ويو آھي تہ اھڙا نوان بيت مڙيئي 846 ۽ ٻيون وايون 10 آھن جي سرڪاري رسالن ۾ نہ آھن. بيت جون ڪي فالٽو مصراعون يا نھن جا ڀاڱا انھن کان سواءِ آھن. جي پڻ ڏنگين ليڪن ۾ ڏنل آھن، ڪي بيت ٻنھي رسالن ۾ اڳي پوءِ آھن پر انھن جو ڪو بہ ويچار نہ ڪيو ويو آھي، ٽرمپ واري رسالي جون پڙھڻيون مقابلي ۾ ڇڏي ڏنيون ويون آھن جو اُھي اڪثر غلط معلوم ٿيون. تنھن کان سواءِ سڄي شاھ جي رسالي جي ڏکين لفظن جي معنيٰ الف بي وار ۽ ان جي مضمون جي فھرست ڌار ڇاپائجي ٿي. اميد آھي تہ شاھ جي رسالي جي پڙھندڙن کي سرڪاري مڪتبن ۾ خواه ٻين ھنڌن ۾ نھايت گهڻي سھولت ٿيندي.