سر سُھڻي ميھار جي ڪھاڻي
ھوتچند مولچند گربخشاڻي
مغل خاندان جي مشھور بادشاھ شاھجھان (1627-1655) جي زماني ۾، پنجاب ملڪ جي گجرات شھر ۾ تلا نالي ھڪ ھاڪارو ڪنڀر رهندو ھو. مٽيءَ جي ٿانون جوڙڻ جي فن ۾ بينظير ھو. خود بادشاھ ۽ سندس امير بہ گهر جي ورتڻ جا ٿانو کانئس خريد ڪندا ھئا، ۽ مٿس ھر قسم جي نوازش ۽ مھرباني ڪندا ھئا. انهيءَ ڪنڀار کي ھڪ نياڻي ھئي، جنھن جو جنم شب قدر جي سڳوريءَ رات جو ٿيو ھو. ٻالپڻي کان ئي ھن نينگر جي چھري مان نوراني حسن پيو ٻھڪندو ھو، ۽ جيئن عمر ۾ اسرندي وئي، تيئن سندس جلوو ۽ جمال بہ زيادہ ٿيندو ويو. سندس بيمثل سونھن جي ڪري کيس سڏيندا ئي ’سھڻي‘ ھئا. سندس ذھن ۽ ذڪاءَ اھڙا اعلى درجي جا ھئا، جو ننڍيءَ وھيءَ ۾ ئي سارو ’ڪلام الله‘ ڪنٺ ڪي ڇڏيو ھئائين. مطلب تہ چوڏھن ورهين جي ڄمار ۾ چوڏس جو چنڊ ٿي پيئي.
ساڳئي زماني ۾، ھڪ وڏو واپاري ميرزا عاليءَ نالي بخارا ۾ رهندو ھو. جھڙو ھو شاھوڪار، تھڙو ئي ھو سخي ۽ ديانتدار. دنيا جا سڀ سک نصيب ھئس، مگر اولاد جو سڪايل ھو. رات ڏينھن اھا تاڙي لڳي پئي ھوندي ھيس. نيٺ ھڪ ڏينھن معلوم ٿيس تہ ڪنھن اجنبي درويش اچي سندس وطن ۾ واسو ڪيو آھي. ھڪدم سندس زيارت لاءِ روانو ٿيو. فقير سان ملاقات ڪري، ھن کي پنھنجي دل جو درد بتايائين. درويش دعا ڪيس ۽ چيائينس تہ ”تنھنجي من جي مراد جلد پوري ٿيندي ۽ ستت ئي ھڪڙو پٽ ڄمندءِ، مگر اھو سورهن سالن جي عمر ۾ توکي جدائيءَ جو داغ ڏيئي، ڪنھن ڏورانھن ڏيھ رمندو رهندو.“
پوري ڏھين مھيني، ميرزا عاليءَ کي پٽڙو ڄائو. چون ٿا تہ ھن جو جنم ساڳيءَ شب قدر جي رات جو ٿيو، جنھن تي سھڻي ڄائي ھئي. چوگرد واڌايون وري ويون. ڇوڪري جو نالو عزت بيگ رکيائون، ۽ کيس لاڏ ڪوڏ سان نپايو ويو. جڏھن وڏڀرو ٿيو، تڏھن ھندستان ملڪ جنھن جي گهڻي تعريف ٻڌي ھئائين، تنھنجي ڏسڻ جو اندر ۾ اچي شوق جاڳيس. پڻس کي جڏھن سندس ارادي جي خبر پئي، تڏھن ان کيس گهڻو ئي روڪيو، پر ھو باز نہ آيو. آخر ڳچ مال متاع ساڻ کڻي، سير ۽ سوداگريءَ لاءِ ڳوٺان سنڀري، ھندستان ڏي رخ رکيائين. گهمندي گهمندي اچي دھليءَ ۾ نڪتو. ڳچ مدت دھليءَ ۾ عيش عشرت ۽ مزي ۾ گذاريائين، پر نيٺ ڪڪ ٿي ويو ۽ لاھور وڃڻ جو پھ ڪيائين. لاھور جو شان ۽ شوڪت ڏسي نھايت خوش ٿيو ۽ اتي جون ڪيتريون نفيس ۽ عمديون شيون خريد ڪري، وري وطن ڏي واڳن وارڻ جو خيال ڪيائين. جڏھن گجرات شھر جي ويجهو پھتو، جو راويءَ ۽ چناب ندين جو دو آب ۾ نظاري ۽ نزاڪت سان اڏيل ھو، تڏھن ان جي رونق پسي، دل ٿيس تہ ٻھ چار ڏينھن رهي ويساھين وٺان. شھر جي بزرگن ۽ سکر ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ ڪيائين، ۽ ھڪڙي ڏينھن پاڻ وٽ گاني جي مجلس ڪيائين. محفل ۾ ڳالهين تان ڳالهيون ڪندي، ذڪر نڪتو تہ شھر ۾ تلا ڪنڀر رهي ٿو، جو ٿانون جوڙڻ جي ھنر ۾ نھايت قابل آھي ۽ جهڙس ساري ھندستان ۾ ڳوليو نہ لڀندو. عزت بيگ کي انهيءَ ڪنڀار ۽ سندس ٿانون ڏسڻ جو شوق ٿيو ۽ مرضي ٿيس تہ ڪي ٿانو خريد ڪري، سوکڙيءَ طور پنھنجي ڳوٺ کڻي وڃان. پنھنجي ھڪ نوڪر کي تلا جي گهر موڪلائين تہ وڃي ڪي سھڻا برتن نموني طور وٺي اچي. ٿانو خريد ڪندي، نوڪر جي نظر تلا جي سھڻيءَ ڌيءَ تي پئجي وئي. ھن جو حسن ڏسي حيران ٿي ويو. موٽڻ شرط، پنھنجي خاوند کي سھڻيءَ جي سونھن جي ساک ڏنائين. ٻڌڻ شرط، عزت بيگ جي اندر ۾ اچي عشق جي آگ ڀڙڪي ۽ ريءَ ڏٺي سھڻيءَ تي مفتون ٿي پيو، ۽ ھن جي موھڻيءَ مورت ڏسڻ لاءِ، ٿانون جي خريد ڪرڻ جي بھاني ڪنڀر جي گهر ڏانھن روانو ٿيو. سھڻيءَ کي ڏسڻ شرط، سڪ جو سلو جو سندس سيني ۾ اڻ ڏٺو اسريو ھو، سو ھيڪاري وڌي وڻ ٿي پيو.
ھاڻ، ھن وطن جو خيال موراھين منان لاھي ڦٽو ڪيو. شھر ۾ ھڪ دڪان کڻي کوليائين، جنھن ۾ تلا ڪنڀر کان ٿانو ڳنھي پيو وڪڻندو ھو. ھر روز ٿانون ڳنهڻ جي بھاني، تلا جي گهر پيو ويندو ھو ۽ انهيءَ ريت پنھنجي محبوب جو ديدار ڪري، پيو دل خوش ڪندو ھو. عشق بازيءَ ۾ اھڙو محو ٿي ويو، جو پنھنجي مال متاع جو ڪوبہ سماع نہ رهيس. مھانگا ڳڌل ٿانو سستي اگهہ تي وڪڻي، آخر پاڻ کي ڪنگال ڪري وڌائين. جڏھن سندس نوڪرن ڏٺو تہ اسان جو ڌڻي گجرات ۾ کپ کوڙي ويھي رهيو آھي ۽ بخارا موٽڻ جي وائي نٿو واري، تڏھن ھڪ رات جو، اوچتو ئي اچتو، باقي رهيل کھيل مال ۽ سامان تڳائي رمندا رهيا. ھن حادثي عزت بيگ کي ويتر سڃو ڪري ڇڏيو. پر تڏھن بہ دستور موجب روز تلا وٽ وڃي، اوڌر تي ٿانو خريد ڪري ايندو ھو. نيٺ قرض ۾ ٽٻي ويو، ۽ تلا بہ ھاڻ کانئس قرض جي تقاضا ڪرڻ لڳو. تنھن تي عزت بيگ چيس تہ ”منھنجا نوڪر مون کي ڦري اڇو ڪري ويا آھن، ھڙ ۾ ڪي ڪين اٿم جو ڏيانءِ، باقي جي قبول ھجيئي تہ تو وٽ نوڪري ٿي وھي قرض جا پئسا پورا ڪري ڏيانءِ.“ تلا اھا آڇ مڃي. کيس پاڻ وٽ نوڪري ڪري بيھاريائين ۽ مٿس ھر روز گهر ٻھارڻ، باسڻ ملڻ ۽ ٿانون جوڙڻ لاءِ درياءَ مان چيڪي مٽي آڻڻ جو ڪم رکيائين.
عزت بيگ جو ناز سان نپنو ھو، تنھنجي لاءِ ھڪ نوڪر وانگي نيچ پورهيو ڪرڻ نھايت ڪٺن ڪم ھو، پر يار جي ديدار سندس دل کي آٿت پئي ڏنو. رڳو اھو سو خطرو رهندو ھوس تہ متان ڪنڀار مون کي ڪاھل ڏسي، نوڪريءَ کان جواب ڏئي، تنھن ڪري جيءَ کي جفا ڏيئي، سخت محنت ڪندو ھو. نيٺ ھڻي پاڻ کي جهوري وڌائين. تلا کي مٿس ڪھول آئي، جنھن اڳتي پنھنجي مينھن چارڻ جي ڪم تي ڪري ڇڏيس. ھر روز ڍڪيءَ جو، مينھون پھرائي درياءَ جي پار ويندو ھو، ۽ نما شام جو موٽي وٿاڻ تي ايندو ھو. انهيءَ سبب مٿس ”ميھار“ جو نالو پئجي ويو.
ھڪ ڏينھن سانجهيءَ جو، جيئن مينھن جي ڏھائي پئي ڪيائين، تيئن سھڻي ڪنھن سانگي سان وٿاڻ ڏي آئي ۽ ميھار کي مينھون ڏھندو ڏسي، سڄر کير پيئڻ جي سڌ ٿيس، ۽ ھن کان چڪو وٺي پيتائين. ميھار ھاڻ سھڻيءَ کي اڪيلو ڏسي، مينھن ڏھندي، ساڻس پنھنجي اندر جو آزار اوريو ۽ مٿس جيڪا ماجرا وھي ھئي، تنھنجو سربستو بيان ڪري ٻڌايائينس. سھڻي جا ذات جي حليم ھئي، تنھن کي ميھر جي حال تي رحم اچي ويو. ازانسواءِ ھن جي سھڻي صورت ڏسي، سندس دل بہ ڏانھنس ڇڪي ڏني ۽ ٻنھي جي وچ ۾ گهرو سنٻنڌ ٿي ويو. پوءِ ڏيھاڙي سھڻي کير ۽ مھيءَ جو منھن ڪري صبح شام ميھار وٽ وڃي، ڳجهي محبت ونڊيندي ھئي، ۽ سندس منھن ڏسڻ کانسواءِ آرام نہ ايندو ھوس.
مھارا مھي، پيتائين پريم جي،
ارڪ، سرڪ، سيد چي، لڳيس ڏوت ڏھي،
سگهي تان نہ سھي، ملي جان نہ مھار کي.
پر خون خستوري لڪڻ جا ناھن. سھڻيءَ جي ھلت ماڻهن ۾ چوٻولو پيدا ڪيو، تان جو سندس ماءُ کي بہ کڙڪ پئجي وئي. ماءُ ڌيءَ کي ڳجهہ ڳوھ ۾ گهڻي ئي سمجهايو، مگر ھوءَ باز نہ آئي. نيٺ لاچار ٿي مڙس سان ڳالهہ ڪيائين، جنھن ھڪدم ميھار کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڦٽو ڪيو. گلا ۽ غيبت کي ٽارڻ لاءِ، ستت ئي سھڻيءَ کي سندس سوٽ ڏم سان شاديءَ ڪرائڻ جو سعيو ڪيائون. سھڻيءَ ويچاريءَ گهڻو ئي پٽيو کوھيو، پر وريو ڪي ڪين. آخر زبردستي ڪري ڏم سان سندس نڪاح پڙهيائون.
جڏھن ساھري گهر وئي، تڏھن خدا کي ٻاڏايائين تہ ”اي پردہ پوش! ڪو اھڙو سبب ڪر، جيئن منھنجو ست ۽ سيل سلامت رهي اچي.“ ڌڻيءَ سندس عرض انايو. ڏم کي روز رات جو اھڙي اگهور ننڊ وٺي ويندي ھئي، جو سھڻيءَ جي يادگيري بہ نہ رهندي ھيس. اھڙيءَ ريت سھڻي پاڪدامن رهي. پر پلپل پرينءَ کي ياد ڪري، پيئي پچندي ۽ پڄرندي ھئي، ۽ درياءَ تي وڃي ڏيھ جي ڏوڌين کان سندس ڏس پتو پيئي پڇندي ھئي. ھوڏانھن وري ميھار کي وڇوڙي جي درد ماري وڌو. ڪجهہ ڏينھن تہ فقيراڻو لباس ڪري شھر جي آسپاس ڦرندو وتندو ھو. نيٺ ھڪ ڏينھن وجهہ وٺي سھڻيءَ جي ساھري گهر وڃي سئن ھنيائين. سھڻيءَ آواز سھي ڪيو تہ ڪير آھي ۽ بکيا ڏيڻ جي بھاني سان در تي اچي، پنھنجيءَ لاچاريءَ جو سمورو حال سڻايائينس، ۽ پڻ ائين بہ چيائينس تہ ”خدا منھنجو ست قائم رکيو آھي ۽ اميد تہ پنھنجو ميڙو جلدي ٿيندو.“ جيتوڻيڪ سھڻيءَ سان ھڪوار ملڻ ڪري کيس ھڻو ڌيرج آيو، تڏھن بہ نااميدي گهيري ويس، ۽ حياتيءَ مان عاجز ٿي، جهنگ منھن ڏيئي رمندو رهيو. گهمندي ڦرندي اچي ھڪڙير پھاڙ تي نڪتو، جنھن تي گورکناٿ جي ھڪ مڙهي اڏيل ھئي. مڙهيءَ جي ٻاھران بيھي سينڍ ھنيائين، جنھن تي مھنت ٻاھر نڪري آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏھن جوڳي آھين تہ اندر ھليو آءُ.“ ميھار وراڻي ڏينس، ”مان جوڳي نہ آھيان، مگر خواھش اٿم تہ جوڳين ٿيا.“ مھنت کي ھن جي سھڻيءَ شڪل شبيھ ۽ لڇڻ موھي وڌو ۽ کيس ھڪدم جوڳين جي ڪوفي ۾ داخل ڪيائين. ٿورا ڏينھن مڙهيءَ ۾ گذاري مھنت جي اھڙي تہ خدمت چاڪري ڪيائين، جو ھو مٿس نھايت راضي ٿيو، کيس ور گهرڻ لاءِ اشارو ڪيائين. ميھار مھنت کي پنھنجي محبوب سان وصال حاصل ڪرڻ لاءِ وينتي ڪئي. مھنت خاطري ڏنيس ۽ دعا ڪيائينس تہ ”تنھنجي اندر جي آس جلد پوري ٿيندي.“ پوءِ ميھار خوش ٿي موٽي محبوب جي وطن ڏي ويو، ۽ چناب نديءَ جي پرينءَ ڀر سھڻيءَ جي گهر جي آمھون سامھون دونھي دکائي، فقير بڻجي ويھي رهيو. سندس سھڻي صورت ۽ نيڪ سيرت ڏسي، اوسي پاسي جا ملاح ۽ ٻيلي ۾ رهندڙ ميھار اچي وٽس ڪچھريون ڪندا ھئا، جنھن ڪري وٽس مڇي، مکڻ ۽ ڏڌ جام ھوندو ھو. ٿوري ئي عرصي ۾ سندس ناماچار وڌندو ويو ۽ عام خلق وٽس زيارت ۽ دعا لاءِ اچڻ لڳي. دستور موجب، شھر جي زالن جي بہ وٽس آمدرفت ٿيڻ لڳي. سھڻيءَ کي جڏھن ھن نئين فقير جي اچڻ جي خبر ملي، تڏھن شڪ پيس تہ ھي شايد منھنجو دوست ميھار آھي. سو ھڪ ڏينھن پنھنجي نيڻان کي آزي نيزاري ڪري، موڪل وٺي، فقير جي زيات لاءِ آئي. ڏسڻ شرط ھن کي صحيح سڃاتائين. فرصت وٺي، ھڪ ٻئي سان ڳجهہ ڳرهي، صلاح ڪيائون تہ اڳتي ھر روز رات جو ميھار ندي تري، اورينءَ ڀر اچي، سھڻي کي ملي.
ھاڻ ميھار ھر رات تري اچي سھڻيءَ کي ملندو ھو. ھميشه پاڻ سان پڪل مڇي کڻي ايندو ھو جا ٻئي گڏجي کائيندا ھئا ۽ پرهہ ڦٽيءَ تائين ھڪ ٻئي سان ريجهہ رهاڻ ڪري وري پنھنجي پنھنجي ماڳ مٽي ويندا ھئا. ڪيترا ڏينھن قصو ائين پئي ھليو. ھڪڙي ڏينھن طوفان جي ڪري ميربحرن وٽان کيس مڇي ڪانہ ملي. خيال ڪيائين تہ يار وٽ ھٿين خالي وڃڻ نہ جڳائي، تنھنجي ڪري پنھنجي ران کي چيري، ان مان گوشت ٽڪر ڪڍي پچائي، سھڻيءَ لاءِ تحفو ڪري کڻي ويو. پر گهڻي رت ڇڏڻ ۽ پاڻيءَ ۾ پسڻ ڪري، اورينءَ ڀر پھچڻ شرط ساڻو ٿي ڪري پيو. سھڻي ھي حال ڏسي، ڏاڍو حيران ٿي، جڏھن ميھار سامت ۾ آيو، تڏھن کانئس سندس ماندگيءَ جو سبب پڇيائين. ميھار سارو حال ڪري ٻڌايس. محبوب جي اھڙي قرباني ڏسي، سھڻيءَ کي نھايت رقت ۽ درد پيدا ٿيو، ۽ چيائين تہ ”تون پنھنجو فرض ادا ڪري چڪين. ھاڻ جڳائي تہ آءٌ بہ پنھنجي فرض ادائي ڪريان.“ پر ميھار سندس ڳالهہ نہ مڃي. ٻيءَ رات جو ھن ميھار جو گهڻو انتظار ۽ اوسيئڙو ڪڍيو، پر ھو پيدا نہ ٿيو. سھي ڪيائين تہ ميھار کي سور بيحال ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جي ڪري ئي سمن تي پورو نہ رهيو آھي. ميھار جي بيماريءَ ڪري سندس دل ۾ نھايت اڻ تڻ ۽ آنڌ مانڌ ٿي.
تڙ نہ گهڙي تور، توءِ من ڪاڍو مھار ڏي
ڏاڍو دور درياءَ ۾، سڪڻ وڏو سور،
نيٺ ھڪ پڪو گهڙو ھٿ ڪري، ھمت جهلي:
پاڻ اڇلي آب ۾، وھ سر وڌائين،
لھريون لنگهيائين، لطف ساڻ، لطيف چئي.
ميھار ھن جي ھمت ۽ قرب ڏسي گد گد ٿي ويو، مگر جنھن صورت ۾ پاڻ اڃا نٻل ۽ نستو ھو، تنھن صورت ۾ لاچار قبول ڪرڻو پيس تہ آئيندي سھڻي وٽس تري وڃي. ھن کان پوءِ سھڻي ھر رات ھار سينگار ڪري، سياري توڙي اونھاري، درياءَ جي درندن جو خوف نہ رکي، لڙ لھريون لنگهي، وڃي پنھنجي حبيب سان ھيڪاندي ٿيندي ھئي، ۽ سندس ٽہل ٽڪور ڪري، اسر جو اچي گهر ڀيڙي ٿيندي ھئي. ميھار جي دونھيءَ جو شعاع سندس رهنما ٿيندو ھو. موٽي اچڻ بعد، گهڙو ڪناري تي ڪانہ جي گهاٽن ٻوڙن ۾ لڪائي رکي ويندي ھئي.
ھڪ رات جو بدقسمتيءَ سببان، سھڻيءَ جي نيڻان کي سجاڳي ٿي. ھن کي ٻنڀي کان ٻاھر ويندو ڏسي، لڪي سنديس پٺيان لڳي، ۽ ساري حقيقت کان واقف ٿي، موٽي اچي گهر سکي ٿي. صبح جو ڀاءُ سان ڳالهہ ڪيائين. پوءِ ٻنھي سھڻيءَ کي گهڻو سمجهايو ۽ طعنا تنڪا ھنيا. پر سھڻي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، مقرر وقت تي پنھنجي منٺار کي پيئي گڏجڻ ويندي ھئي.
آخر جڏھن ڏٺائون تہ سھڻي مڙڻ جي نہ آھي، تڏھن ڪاوڙ ۽ غصي ۾ ڀرجي ويا، ۽ پرن ڪيائون تہ ھڙيءَ نابڪار ڀاڄ کي نھوڙي نيڻ گهرجي. جتي سھڻي گهڙو لڪائي رکندي ھئي، سا جاءِ نيڻاسن چتائي ڇڏي ھئي. ھڪ ڏينھن منجهند جو وڃي، پڪو گهڙو ٻوڙن مان ڪڍي، ان جي عيوض ھڪ پڪي دلي وانگر داءَ ڏنل ڪچو گهڙو رکي آئي.
تہ سياري جي رات آھي، اڀ ڪارن ڪڪرن سان ڇائنجي ويو آھي، چوڌاري اونداھ انڌوڪار لڳو پيو آھي، سخت طوفان پيو گهوگهاٽ ڪري، درياءُ مستن وانگر موج ۾ پيو جهولي، ڪنن جو ڪڙڪو پيو پوي، لھرون لوڙا پيون ڏين، کنوڻ جا چمڪاٽ پيا پون، ۽ مينھن بہ اوھيرا ڪيو پيو وسي، ڄڻ تہ قدرت پنھنجي وس آھر سھڻيءَ کي چتاءُ ڪري رهي آھي تہ اڄ درياءَ ۾ گهڙڻ جو خيال من تان لاھي ڦٽو ڪر. سھڻيءَ جي دل ۾ بہ طرح طرح جا خيال ۽ خطرا اچڻ لڳا، پر ھيءَ دھلجڻ جي نہ ھئي ۽ سمن تي پوري رهي. عشق جي انڌ وچان، ڪچي گهڙي جي ڪل نہ رکي، ڪنن ۾ ڪاھي پئي. جڏھن وچ سير ۾ پھتي، تڏھن ڀيلو ڀرڻ لڳو. پر ھن ستيءَ ھمت نہ ھاري. ڪجهہ وقت ٻانھن ۽ پيرن سان ترندي وئي، پر نيٺ سندس عضوا ھڻي ھڻي، نستا ٿي پيا ۽ غوطا کاڻ لڳي. گهڻي ئي دانھون ڪوڪون ڪيائين ۽ ميھار کي سڏ ڪيائين. ميھار جو سندس لاءِ انتظار ڪڍي رهيو ھو، تنھن کي سڏن جو پڙلاءُ ڪن تي پيو، جنھن مان معلوم ڪيائين تہ سھڻي ٻڏڻ تي آھي. پاڻ ويچارو بلڪل ڏٻرو ۽ ضعيف ٿيو پيو ھو، تنھنڪري ملاحن کي ڏاڍيون ميڙون منٿون ڪيائين تہ ”پنھنجي مڏن تي چڙهي، سھڻيءَ کي بچائڻ جو ڪو بلو ڪريو.“ پر طوفان سبب ملاحن صفا نابري واري. تنھن تي ٻيو ڪو چارو نہ ڏسي درياءَ کي پٽيندو پاراتا ڏيندو، پاڻيءَ ۾ گهڙي پيو، ۽ تري وڃي سھڻيءَ کي رسيو. پر ھيڻائيءَ سبب سھڻيءَ کي تارڻ جي طاقت ڪانہ رهي ھيس. آخر ٻئي ساڻا ٿي ھڪ ٻئي جي ڀاڪر ۾ درياءَ ۾ غرق ٿي ويا.
نڪو ساھڙ سڏ، نڪا سڄي سھڻي.
مرحوم شمس العلماءَ ميرزا قليچ بيگ صاحب، پنھنجي ڪتاب ”سر سھڻي“ ص- 1 ۾ سھڻيءَ ۽ ميھار جو احوال ڏيندي چوي ٿو تہ ”اھو قصو پنجابي ڪتابن جو آھي، مگر سنڌ ۾ ٿورو ٻيءَ طرح چوندا آھن. چوندا آھن تہ سھڻي ذات جي واھوچي ھئي جا سنڌو درياءَ جي الھندي ڪناري تي رهندي ھئي، ۽ سندس مڙس جنھنجو نالو ڏم ھو، سو ذات جو سامٽيو ھو، ۽ درياءَ جي اڀرندي ڀر ڏانھن رهندو ھو، ۽ ميھار جو نالو ساھڙ ھو. چوندا آھن تہ جڏھن سھڻيءَ ۽ ڏم جي شادي ٿي، ۽ ڄڃ پتڻ تي آئي، تڏھن ميھار کان کير چڪو وٺي، سڳڻ خاطر، گهوٽ ڪنئار کي ڏنائون، جنھن جي پيئڻ سان سھڻيءَ جي دل ميھار سان اٽڪي ويئي ۽ منجهن حقيقي عشق اچي پيدا ٿيو. سھڻيءَ جي قبر شھدادپور شھر جي نزديڪ حيدرآباد ضلع جي ھالن واري ڀاڱي ۾ آھي. اتان ڪنھن زماني ۾ درياءَ وھندو ھو.“
ساڳئي اھڙي قسم جو عشقيھ قصو يوناني ڏند ڪٿائن ۾ پڻ ڏنل آھي. ھيلسپانٽ ڳچي سمنڊ جي ٻنھي ڪنڌين تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٻہ شھر ھئا، جن مان ھڪڙي جو نالو آبيڊاس ھو ۽ ٻئي جو سيسٽاس. سيسٽاس ۾، ھيرو نالي ھڪ سھڻي ڪنيا، وينس ديويءَ (زھره) جي مندر ۾ شيوڪ ٿي گذاريندي ھئي، ۽ آبيڊاس ۾، ليئنڊر نالي ھڪ حسين جوان رهندو ھو. وينس جي مندر تي سال بسال ھڪ وڏو ميڙو لڳندو ھو، جنھن تي ماڻهن جا حشام اچي مڙندا ھئا. ھڪ اھڙي موقعي تي ليئنڊر ۽ ھيرو جون اکيون پاڻ ۾ اڙجي ويون. پر جنھن صورت ۾ ھيرو وينس جي شيوڪ ھئي، تنھن صورت ۾ عمر تائين حق بخشايل ھوس، ۽ مندر کان ٻاھر نڪرڻو نہ ھوس. تنھن ڪري ھي ٻئي پاڻ ۾ ڳجهہ ڳوھ ۾ پريت ونڊڻ لڳا. ليئنڊر ھر رات درياءَ تري اچي ساڻس ريجهہ رهاڻ ڪري، صبح جو موٽي ويندو ھو. نيٺ سندن ناتو بلڪل ڳوڙهو ٿي ويو. انهيءَ تي وينس ۽ ٻيا ديوتائون نھايت ڪوپ ٿيا. ھڪڙيءَ رات درياءَ جي ديوتا نيڇون سخت طوفان کڙو ڪيو. جنھن ڪري ليئنڊر لھرن ۾ لڙهي ويو. صبح جو جڏھن ھيرو کي خبر پئي، تڏھن ھن بہ پاڻ کي درياءَ ۾ اڇلي ڦٽو ڪيو، ۽ نيٺ ٻنھي جو ميڙائو موت ۾ ٿيو.
ھن قصي ۾ سمايل تمثيل
سھڻيءَ ۽ ميھار جي محبت جي ڳالهہ، جيتوڻيڪ نھايت ڏک ڀريل ۽ دل ڀڄائيندڙ آھي، تڏھن بہ رڳي سکڻي آکاڻي نہ آھي. منجهس ھڪ وڏي تمثيل رٿيل آھي. سر سريراڳ ۾ شاھ، سنسار کي ھڪ مھاساگر سان مشابھت ڏني آھي ۽ انسان کي خدا جي طلب ۽ توھ حاصل ڪرڻ لاءِ ھدايت ڪئي آھي. ھت وري طريقت ۽ معرفت جي اپٽار ڪئي اٿس. جھڙيءَ ريت سھڻيءَ کي درياءَ تري، ميھار کي پار ملڻو ھو، تھڙيءَ ريت انسان کي بہ ھن مايا روپي دنيا جو درياءَ تري، پنھنجي حقيقي محبوب سان وصال حاصل ڪرڻو آھي. مگر جنھن جو انگ ازل ۾ لکيل آھي، سو ئي اھڙي سڀاڳ جو ڳولائو آھي. سھڻيءَ جون بہ ميھار سان ميثار کان ئي لائون لڌل ھيون، تنھن ڪري ھن دنيا ۾ بہ وري اچي کيس ڳولي لڌائين. انهيءَ ڪري چئبو تہ سھڻيءَ مان مراد آھي: ’سالڪ.‘
سالڪ کي ٻن قسمن جي مصيبتن کي منھن ڏيڻو آھي: ھڪڙيرون بيروني، ۽ ٻيون اندروني. جيئن سھڻيءَ جي حالت ۾، درياءَ ۽ ان جا خوف خطرا بيروني مصيبتون ھيون، ۽ گهر اندر ڏم ۽ ان جا ڏکا اندروني مصيبتون ھيون، تيئن سالڪ جي حالت ۾، بيروني مصيبتون آھن: دنيا ۽ دنيويءَ تعلقات ۽ اندروني مصيبتون آھن: نفس ۽ نفساني وسوسا، اھي ٻئي ھن کي سنئينءَ راھ کان گمراھ ڪرڻ جي ھر وجهہ ڪوشش پيا ڪن. ساھڙ پرينءَ ڀر سڪيءَ ڏنيءَ تي آھي. جڏھن دنيوي درياءَ لنگهي پار پئبو، تڏھن ئي ان جو ديدار ٿيندو. ھاڻ جنھن صورت ۾ سالڪ کي اھڙيون بيروني توڙي اندروني آفتون درپيش آھن، تنھن صورت ۾ ھن کي ضرور ڪي ڪارگر اپاءَ ۽ وسيلا کپن، جن جي سھاري سندس مقصد حاصل ٿئي. سھڻيءَ جي حالت ۾، پھرين ڳالهہ جا بلڪل ضروري ھئي، سا ھئي خدا کي ٻاڏائي ڏم کي اگهور ننڊ ۾ وجهڻ، تہ متان ھو جاڳي کيس محبوب جي ملڻ جي سانباھيءَ ۾ رنڊڪ وجهي، ۽ ٻي ڳالهہ جا سنديس لاءِ ضروري ھئي، سا ھئي ڪنڀار وٽ وڃي گهڙو ھٿ ڪرڻ، جنھن جي مدد سان پار تري وڃي. سالڪ جي حالت ۾ بھ، اول شرط آھي پنھنجي ڏم جھڙي ڪوڙي ۽ ڪوڙهيي نفس کي قابو ڪرڻ، يعني عقل ۽ ايمان، عبادت ۽ رياضت جي رستي مٿس ضابطو رکڻ. جڏھن ھو ھن منزل کي رسي ٿو، تڏھن ھڪ نئين قسم جي ڪشش پيدا ٿئي ٿي، جا کيس ڇڪي، حقيقي محبوب جي ديدار جو مشتاق بڻائي ٿي. پوءِ ھن کي عشق جو آڳھ وٺي، ڪنھن ڪنڀار، يعني مرشد ڪامل جي مدد سان طريقت تورڻي پوي ٿي. طريقت جو تڙ نھايت اڙانگو ۽ ترڪڻو آھي، ۽ امڪان آھي تہ سالڪ جو پير ڪنھن مھل بہ کسڪي وڃي. پر مرشد جي فيض جي نظر، جا ھڪ پڪي گهڙي مثل آھي، سا سندس رهبري ڪري، کيس معرفت جي دڳ لڳائي ٿي. پوءِ سالڪ کي محبوب جو ديدار حاصل ٿيڻ لڳي ٿو. پر جنھن صورت ۾ جسم، نفس ۽ حواسن جي بلا اڃا سندس گردن ۾ پيل آھي، تنھن صورت ۾ اھو ديدار گهڻو وقت جٽاءُ نٿو ڪري. پل ساعت کنوڻ وانگي چمڪاٽ ڪيو، الوپ ٿيو وڃي. انهيءَ ۾ ھڪ وڏي حڪمت رکيل آھي، ڇو تہ جيڪڏھن ڪا شيءِ جلد ۽ آسانيءَ سان ھٿ اچي ٿي، تہ ان جو پورو قدر نٿو پوي.
ھرکھ او ارزاڻ خرد ارزاڻ دھد،
گوھري طفلي بقرص ناڻ دھد.
يعني: ”جيڪو سھانگو ڳنهندو، سو سھانگو ئي وڪڻندو، ٻار ماڻڪ مانيءَ ٽڪر تي ڏيئي، ڇڏيندو.“ سو جيڪڏھن محبوب جو دائمي وصال ستت ئي ور پوندو، تہ سالڪ جي جيءَ اندر جا لوڇ آھي سا ھڪدم ماٺي ٿي ويندي.
انهيءَ ڪري ئي شاھ چيو آھي تہ:
وصالا فراق جي، ٿي سڄي ڳالهہ ڳري.
ڪڏھن دوست جو در کليل ھوندو ۽ ڪڏھن تاڪي ڏنل ھوندي، يعني ڪڏھن ’بسط‘ ھوندو ۽ ڪڏھن ’قبض‘، تہ سالڪ باقي رهيل کھيل جسمانيت ۽ خام طبع کي پھاڻ جيئن پچائي، رڪ جي حالت کي رسي، پاڻ کي پرينءَ جي پورڻ ۽ دائمي وصال جو پورو پورو لائق بنائيندو.
پر جنھن ھڪوار محبوب جو مشاھدو ماڻيو آھي ۽ جنھن وصال جي ’مھيءَ‘ جي چڪي چکي ڏٺي آھي، تنھن کي دائمي ديدار ۽ وصال کان سواءِ ڪٿي ٿو آرام اچي؟ سندس سڪ ۽ سوز کي نھايت نہ آھي. جيستائين محبوب سان نٿو ملي، تيستائين سندس جيءَ پيو جلي ۽ جيئن جيئن وڃي محبوب جو ديدار ڪندو، تيئن تيئن وڃي سندس سڪ زور پوندي.
جڏھن سالڪ ھن منزل کي رسي ٿو، تڏھن محبوب جي ديدار کان سواءِ ھن کي ٻيو ڪي بہ نٿو اجهي. پوءِ سڀ دنيوي توڙي ديني، بيروني توڙي اندروني لاڳاپا ۽ سنٻنڌ ٽوڙي، وسيلا ۽ آڌار وڃائي، گناھ ۽ ثواب، نفع ۽ نقصان، ھار ۽ جيت، دک ۽ سک، جسم ۽ جان، جن مڙنئي مان ھن کي دوئيءَ جي بوءِ اچي ٿي، سي ترڪ ڪري، ۽ پڻ پنھنجي انفرادي ھستي وڃائي، ’موتوا قبل ان تموتوا‘ (يعني: ”مرڻ کان اڳ پاڻ کي ماريو.“) جو درجو پائي ٿو. ھن کان پوءِ ھو محبوب جو ھميشه لاءِ مشاھدو ماڻي ٿو، ۽ وحدت جو عميق، جنھن جو ھيءُ سنسار روپي ساگر بہ فقط ھڪ جزو آھي، تنھن ۾ لءِ ٿي، ساري سرشٽي پاڻ ۾ سمايل ڏسي ٿو.
سھسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مھراڻ.
ھاڻ سندس روح ۾ توڙي اکين کان ٻاھر، محبوب کان سواءِ ٻيو ڪي بہ نٿو ڀاسي ۽ ڪائنات جي ھر ھڪ جزي مان کيس حق جو جلوو پيو نظر اچي.
سڀت پچار پرين جي، سڀت ھوت حضور.
اھڙو جيون مڪت عارف، باقي حياتيءَ جا ڏينھن مشاھدي ۾ گذاري، موت لاءِ منتظر رهي ٿو، جو امر ڪيل وت تي اچي، سندس جسم جي ڪچي گهڙي کي ٽوڙي، کيس ابد تائين حق ۾ غرق ڪيو ڇڏي.