آگم ڪيو اچن...

سر سُھڻي آڌار سھڻي ۽ ميھار جو قصو

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

”سھڻي ۽ ميهار“ جو سنڌي قصو نھايت آڳاٽو آھي، جنھن جي مشھوري گهڻو پوءِ دير سان پنجاب تائين پھتي، جتي جي شاعرن ان جي سٽاءَ ۾ ڦير گهير ڪري ان کي پنھنجي ماحول مطابق ڳايو: گَهڙي جي اھڃاڻ واري لحاظ سان سھڻيءَ کي ”ڪنڀار“ جي ڌيءَ ڪري ڀانيائون، ۽ ”هير – رانجها“ داستان ۾ رانجهي جي ”تخت ھزاري جي سائين“ ھجڻ واري خيال کان ”مھيوال“ کي بہ بادشاھزادو بنايائون. پوين پنجاھن سالن واري عرصي ۾ البت پنجاب جو ”سوھني – مھيوال“ وارو قصو ڇپيل ڪتابن ذريعي سنڌ ۾ مشھور ٿيو ۽ سنڌ جي ڪن شاعرن انھيءَ سٽاءَ مطابق پڻ ھن قصي کي ڳايو: مثلا پير بخش ھن قصي کي سڌو سنئون پنجاب واري سٽاءَ موجب ڳايو، ۽ ڪن ٻين شاعرن پڻ سندن بيتن ۾ سھڻي يا سندس ماءُ جي ڪنڀارن سان تعلق ڏانھن اشارو ڪيو. مگر ھن پوئين دور ۾ سڀ کان وڏي غلط فھمي سنڌ جي پڙهيل طبقي ۾ ٿي، جن ”سھڻي ۽ ميهار“ واري قديم سنڌي قصي کان بيخبري سببان پنجاب واري قصي کي ئي ”سھڻي – ميهار“ جو قصو ڪري سمجهيو. مثلا: ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي جھڙو لائق لکندڙ بہ باوجود ڪافي محنت ۽ کوجنا جي ھن وڏي غلطي ۾ مبتلا ٿيو، جو پنجاب جي ”سوھني – مھيوال“ واري قصي کي حضرت شاھ عبدالطيف جي رسالي جي سُر سھڻي جو موضوع بڻايائين. حالانڪ حضرت شاھ عبدالطيف ”سر سھڻي“ ۾ جنھن قصي جا اھڃاڻ ۽ اشارا آندا آھن سو خالص ”سھڻي ۽ ميهار“ وارو سنڌي داستان آھن. ھيٺ اسان ”سھڻي ۽ ميهار“ واري قديم سنڌي قصي جي ٽاڻن ۽ اھڃاڻن ڏيڻ بعد ان کي پنجاب ۾ مشھور ٿيل ”سھڻي – مھيوال“ واري قصي جي ڀيٽ ڪري، انھن جي بنيادي فرق کي بيان ڪنداسون.

 سھڻي ۽ ميهار جو حسب نسب 

 سھڻي ۽ ميهار جي حسب نسب بابت سنڌ جي عام مشھور روايت اھا آھي تہ سھڻي ذات جي ”سامٽي“ ھئي ۽ ”جرڪت“ نالي ساميٽي جي ڌيءَ ھئي. ميهار جو نالو ”ساھڙ“ ھو ۽ ذات جو ”نڱامرو“ ھو. ھڪ روايت موجب ھو ”گنهور ڄام“ جو پٽ ھو. انھن اھڃاڻن تي شير خان نالي سگهڙ جو ھيٺيون مشھور بيت شاھد آھي ته: 

 دَلُو دمامن جو ڌڻي، ھو وير وڏو ورنات 

 ميهر ذات نڱامترو ھو، مينھن جي مصلحات 

 ٻيٽو گنهور ڄام جو، وير وڏي سان وات 

 سھڻي ذات جي سامٽي، جرڪت ٻيٽي ذات 

 ڪو ٻي بتائي بات، تہ اڳيئون شاھد ڏيان شير خان چئي 

 ڀٽائي صاحب جي بيتن ۾ پڻ ساھڙ کي ”ڄام“ جي لقب سان ياد ڪيو ويو آھي – مثلا. 

 ”ساريان ساھڙ ڄام کي ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينھن“ 

 نڱامرن ڄامن جي ميرپور ساڪري ۾ ڪيٽي بندر واري علائقي ۾ سرداري ھئي. نڱامرا 8 – صدي عيسوي کان وٺي اتي آباد ھئا ۽ ويندي ڪلھوڙن جي دور تائين اُتي سندن سرداري قائم ھئي. 

 اتر سنڌ جي ھڪ روايت موجب سھڻي ذات جي ”وھڻيتي“ ھئي ۽ ”لال“ نالي کٽيءَ جي ڌيءُ ھئي. پر ٻئي ڪنھن آڳاٽي سگهڙ تشريح ڪندي چيو تہ سھڻي ذات جي ”وھڻيتي“ ڪا نہ ھئي. پر ڇاڪاڻ جو درياءَ جي وھ يا وھڪري ۾ پئي انھيءَ ڪري کيس ”وھڻيتي“ سڏيائون: 

 ڏھ ڏهڙ، وھه ويھ، لوھئون لوھاڻو وھي 

 ساھڙ ذات لغامڙو، سھڻي ”لال“ کٽي جي ڌيءَ 

 ذات ٻنهي جي ھيءَ، پر ھو وھ کئون ”وھڻيتي“ سڏي.سھڻي جي سڪ ۽ نينھن جو سبب 

 سنڌ جي عام مقبول ۽ مشھور قصي ۾، سھڻي جي سڪ ۽ محبت جو سبب اھا کير جي سرڪي ھئي، جيڪا ”چئن يارن“، چئن درويشن يا چئن پرهيزگارن بچائي ھئي، ۽ جيڪا سھڻي کي ساھڙ جي ھٿان ملي. انھن ڀلارن جي بچايل سرڪي سببان ساھڙ ۾ اھا صورت ڏٺائين، جو مٿس ڇڪن ٿي پئي. ڪن روايتن موجب سھڻي سير تري ساھڙ وٽ انھيءَ لاءِ ويندي ھئي تہ من کيس انھن درويشن جو ديدار نصيب ٿئي. سھڻي جي ھن سچي ۽ حقيقي سڪ، سنڌ جي داستان جو ھڪ مکيہ بلڪ مرڪزي جز آھي. ھڪ روايت موجب اھي چار درويش غوث بھااؤلدين زڪريا، شيخ فريدالدين مسعود شڪر گنج، شيخ عثمان قلندر شھباز ۽ سيد جلال الدين بخاري ھئا. انھن بزرگن جي ايامڪاريءَ وارو زمانو ڇھين صدي ھجري جو آخر ۽ ستين صدي جو نصف اول آھي، جنھن مان پڻ سنڌ جي ھن قصي جي اوسر ۽ ابتدا جو اھڃاڻ ملي ٿو. 

 سھڻي ۽ ميهار جي داستان وارو دور 

 ٻين داستانن وانگر سھڻي ۽ ميهار جي ڳالهہ بہ ھڪ داستان آھي: اھو ڪو تاريخي واقعو ڪونھي جنھن جو سن ۽ سال متعين ڪري سگهجي. البت ھن داستان ۾ ڳالھين جا ڪي اھڙا ٽاڻا ۽ اُھڃاڻ موجود آھن، جن جي مدنظر ھن داستان جي عمر ڪنھن حد تائين ڪٿي سگهجي ٿي. ان سلسلي ۾ ھيٺيان اُھڃاڻ غور طلب آھن: 

پھريون تہ سگهڙ شير خان جي مٿي ڏنل بيت موجب اھو زمانو ”دلو راءُ“ جو ھو: ”دلو دمامن جو ڌڻي ھو وير وڏو ورنات“. اندازي موجب دلو راءُ، عربن جي دور جي آخر ۽ سومرن جي دور جي شروعات ۾ اندازا پنجين – ڇھين صدي ھجري (11-12 صدي عيسوي) ڌاري ٿي گذريو. 

ٻيو تہ سھڻي – ميهار جي داستان جو تعلق ”سنڌو درياءَ“ سان آھي، جنھن جي وھڪري بابت ھن داستان جي روايتن ۾ ٻہ خاص اھڃاڻ ملن ٿا. مٿي آندل بيت ۾ ڄاڻايل آھي تہ 

 ”ڏھ ڏهڙ، وھ ويھ، لوھئون لوھاڻو وھي“ 

 لوھاڻو درياءَ جنھن کي ”سھڻي وارو ڍورو“ يا ”سھڻي وارو درياءَ“ سڏين، تنھن جو پيٽ شھدادپور شھر کان اولهہ لڳو لڳ ظاھر بيٺو آھي. ”لوھاڻو درياءَ“ عربن جي دور ۾ ويندي چوٿين صدي ھجري تائين منصورہ شھر لڳ (شھدادپور کان 7 ميل اوڀر طرف) وھندو ھو، ۽ پوءِ ڦري اولهہ طرف شھدادپور وٽان وھڻ لڳو، جنھن ڪري منصورہ جو شھر پنجين يا ڇھين ھجري ۾ ڦٽي ويو. سھڻي جي سمي بابت ٻيو اھڃاڻ اتر سنڌ ۾ اٻاوڙي ۽ ميرپور ماٿيلي طرفان درياءَ جي وھڪري وارين روايتن ۾ ملي ٿو. اتي جو ھڪ عام مشھور بيت آھي ته: 

 اصل تڙ ”تڻوٽ“ ھو، پوءِ کوھ کڄي کارو 

 واڌا ڌڻي ”وڄڻوٽ“ جا وڌ جني وارو 

 کن ”کينجهو“ ھو، سڄي ”ستيارو“ 

 ”ڏيٿري“ تي ڪوٽ ھو، پتڻ پينگهارو 

 ”کيروھي“ جي ڍنڍڙي، کٽائي سارو 

 سھڻي ۽ ميهار جو، تڏهن ھو وارو 

 تنھن جو ساکي آھي قطب تارو  

 ھن بيت جي مختلف روايتن ۾ اُتر سنڌ جون آڳاٽيون بستيون بيان ٿيل آھن ۽ پڻ اھي اڳوڻا دريائي واھڙ ۽ وھڪرا ڳڻيل آھن. جيڪي بھاولپور کان مٿان قديم ھاڪڙي درياءَ جو پاڻي آڻي ”اڀرنديين ناري“ ۾ ڀريندا ھئا. انھن مان ڪي ڍورا ھن پوئين ويجهي دور ۾ سنڌو درياءَ جي آب ڪلاڻيءَ جو پاڻي پڻ ”اڀرنديين ناري“ ۾ آڻيندا ھئا. ”تڻوٽ“ جو قديم تڙ يا کوھه (جيڪو ڏند ڪٿا موجب ديوَن کڻايو) اُٻاوڙي تعلقي جي سرحد لڳ جيسلمير جي حد ۾ آھي. ”وڄڻوٽ“ (ريتي اسٽيشن لڳ) اسلام کان اڳ واري دور جي بستي آھي جتان قديم آثار دستياب ٿيا آھن. ”ڏيٿري جي ڀٽ“ ۽ ”پينگهاري جي ڀٽ“ جي وچان قديم ”ريڻي درياءَ“ جو ڦٽل پيٽ آھي، راقم انھن ٻنھي ڀٽن تي واقع قديم بستين جو معائنو ڪيو ۽ اتان ”ٻڌ ڌرم“ جي دور جا آثار لڌا. بھرحال انھن بستين جي وَسٽا توڙي انھن دريائي ڍورن جا وھڪرا، قبل از اسلام کان وٺي 6 صدي ھجري واري آڳاٽي دور سان تعلق رکن ٿا. 

ٽيون تہ ڇُٽي پير ۽ سھڻي جي درياءَ جي وچ ۾ ملاقات ۽ گفتگو، سنڌ واري ڳالهہ جو ھڪ مکيہ باب آھي. ڇٽو پير درويش ھو ۽ درياءَ جي وچ سير ۾ مصلو وڇائي نماز پڙهندو ھو. لوڪ ڪَٿا جي دائري کان ٻاھر جڏهن اسان تاريخي ماخذن ۾ ”ڇٽي پير“ جي تلاش ڪريون ٿا تہ معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ جي درويشن ۾ ھڪ ڇٽو آمراڻي ھو، جنھن جي درگاھ سيوھڻ ۾ آھي. روايت موجب ھو ”دلوراءِ“ جو ڀاءُ ھو، يعني پنجين يا ڇھين صدي ھجري جو درويش ھو. ٻيو درويش ”شاھ لال ڇٽو“ ھو جيڪو مشھور ولي سيد جميل شاھ گرناري (جنھن جي مزار ”پير پَٺي“ تي آھي) جي خليفي وجيہ الدين بن فتح شاھ جي چئن پٽن مان سڀني کان ننڍو ھو. مير علي شير قانع جي ڪتاب ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ ڄاڻايل آھي ته: ”شاھ لال ڇٽو (ڄمندي ڄام ۽ ڪرامت وارو ھو). ٻاراڻي وھيءَ ۾ پاڻ کي پاڻيءَ ۾ وجهي لڪايائين“. سندس مزار ڪيترن ئي جاين تي جدا جدا ڀاڱن ۾ آھي. جتي بہ (پاڻي کان ٻاھر) سر کنيائين، اُتي سندس مزار ٺاھيائون. ”تحفتہ الڪرام“ ۾ ڄاڻايل آھي تہ شاھ وجيہ الدين جو چوٿون پٽ ”شاھ لال ڇٽو“ ھو جنھن جي مزار مُتعين ٿيل ناھي. سنڌ جي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ جتي بہ (پاڻيءَ مان ٻاھر) سر کنيائين اتي مزار ٺاھي اٿن. چون ٿا تہ ھُن پاڻ کي درياءَ ۾ وجهي پاڻ لڪايو. ھن وقت سندس مشھور مزار اھا آھي جيڪا ”تندسر“ جي ڪناري تي واقع آھي. 

 ھنن حوالن مان ظاھر آھي تہ ”شاھ لال ڇٽو“ ساڳيو عوامي قصي وارو ”ڇٽو پير“ آھي، جنھن جي رهائش درياءَ ۾ ھئي. شاھ لال ڇٽي جو پيءُ شاھ وجيہ الدين، سيد جميل شاھ گرناري جو وڏو خليفو ۽ ھمعصر ھو. سيد جميل شاھ گرناري سومرن واري دور ۾ ٿي گذريو. ھو سن 580هه ۾ ڄائو ۽ سن 642هه ۾ وفات ڪيائين. ان جي معني تہ ”شاھ لال ڇٽو“ پڻ انھيءَ دور جو يعني تہ ستين سنہ جو ھو. ھن ٽاڻي مطابق سھڻي – ميهار وارو قصو دير ۾ دير تہ بہ ستين سنہ ۾ سومرن جي پوري وچين دور جو شمار ڪري سگهجي ٿو. 

 سھڻي – ميهار جا آثار 

 سھڻي - ميهار جو داستان درياءَ جي ڪنڌي – ٻيلي جو داستان آھي، انھيءَ ڪري سھڻي ۽ ميهار جا آثار بہ اڪثر سنڌو ندي جي قديم پيٽن ۽ ٻيٽن لڳ آھن. جيئن تہ ”ڇٽو پير“ بہ ھن داستان جي مکيہ ڪردارن مان آھي، انھيءَ ڪري سھڻي جا ڪي ماڳ ۽ مقام ”ڇٽي پير“ جي درگاھن ۽ مقامن لڳ آھن. سنڌ اندر سھڻي، ميهار ۽ ڇٽي پير جي آثارن ۽ اھڃاڻن مان ھيٺيان وڌيڪ مشھور معروف آھن. 

 (الف) سڀني کان وڌيڪ مشھور آثار ضلعي سانگهڙ جي ڀر پاسي شھدادپور لڳ ”لوھاڻي درياءَ“ جي قديم پيٽ جي ڀر پاسي سان آھن، جتي سھڻي، ميهار ۽ ڇٽي پير ٽنھي جا ماڳ مقام آھن. ”سھڻي“ جي قبر لوھاڻي درياءَ جي کاٻي (اڀرندينءَ) ڪنڌي لڳ آھي ۽ اھو مقام ”سھڻي جي مقام“ جي نالي سان مشھور آھي. چون ٿا ته: سھڻيءَ جي مقبري لاءِ ساھڙ پاڻ، ”سونَ چِڙيءَ“ جي ڀِڙي مان پڪيون سرون ڪڍي پاڏي تي کڻي آيو، ۽ مقبرو اچي ٻڌايائين. پوءِ ساھڙ پنھنجي حياتيءَ جا باقي ڏينھن پنھنجي اصلوڪي ڳوٺ (هاڻي شھدادپور) ۾ رهيو. سندس قبر شھر شھدادپور ۾ سيد اللہ اوڀائي شاھ جي پاڙي ۾ آھي. 

 ھن پوئين دور ۾ سھڻي جو اھو مقبرو نواب شاھ ضلعي جي ڪليڪٽر مرحوم حاميد علي صاحب پنھنجي ايام ڪاريءَ ۾ ٺھرايو. سھڻيءَ جي قبر سنگ مر مر سان ٻڌل آھي، ۽ قبر جي مٿان چوٽي واري سنئين پٿر تي ھيٺيون ڪتبو اُڪريل آھي: 

 ”تہ کر ڪينء سئي، جي سير نہ گهڙي سھڻي 

 ھت حياتي ڏينھڙا، ھڏئين تان نہ ھئي 

 چُڪي تنھن چري ڪئي، جو ڏنس اُن ڏهي 

 سھڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪُھي 

 ھنھين ھوند مُئي، پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا. 

 قبر سھڻي جوڙائي مسٽر حاميد علي آئي – سي – ايس“ 

 سھڻي جي درگاھ تي جمعي رات فقير شاھ جو راڳ ڪندا آھن ۽ مولود شريف چوندا آھن. ڪجهہ آڳاٽو قاضي ابراھيم فقير سندن اڳواڻ ھو، ھن وقت امام بخش فقير مقبري جو مجاور ۽ ڪنجي-دار آھي. 

 شھر ۾ ساھڙ جي قبر تي سيراندي واري پاسي کان حافظ رحه جو ھيٺيون بيت اُڪريل آھي. 

 ھر گز نميرد آنکھ دلش زندہ شد بعشق 

 ثبت است برجريدھء عالم دوام ما. 

 پيرانديءَ کان ھيٺيون ڪتبو اُڪريل آھي: 

 ”ڪنڌيءَ جهليو ڪانہ.، عاشق اُڀو آنھون ڪري 

 تو ڪيئن ٻوڙي سھڻي، ٻيلي منھنجي ٻانھن 

 درياءَ تو تي دانھن، ڏيندس ڏينھن قيام جي 

 مزار مقدس عاشق صادق ميهار عليہ رحمت. 

 جوڙايل سيد مدد علي شاھ لڪياري موسوي حسيني“. 

 ڇٽي پير جو مقام لوھاڻي درياءَ جي ساڄي (الھندين) ڪنڌيءَ تي ھالا تعلقي جي حد ۾ ڄڻ درياءَ جي ھڪ ٻيٽ تي آھي. مڪاني طور اُن کي ”شاھ ڇُٽي جو مقام“ ڪري سڏين. اھو مقام ڳوٺ بچل لڳ، سروي نمبر 270، ديهه ڪاڪا، تعلقي ھالا ۾ آھي. ڇٽي پير تي ميڙو لڳي، جنھن ھاڻي (1972ع) کان وڌيڪ زور ورتو آھي. 

 (ب) ڇٽو پير يا ”لال ڇٽو“ ، تنھن جو مقام تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڏکڻ ۾ ”جهول“ واري آڳاٽي جُوءِ ۾ آھي. جتان ”پَٽہيل ڍورو“ وھندو ھو، ۽ جنھن جي ڪنڌي تي ڪنڊي جو وڻ بيٺل ھو، جنھن کي ڀٽائي صاحب ”سر ڏهر“ ۾ ڳايو آھي. ”لال ڇٽي“ تي ھر سال ميڙو لڳي. 

 (ج) ”سھڻي جو دڙو“، تعلقي بدين ۾ ”روپاھ ماڙي“ کان اٺ ميل کن اولهہ طرف ۽ بدين کان 25 ميل کن ڏکڻ، ”ڳِٺي درياءَ“ واري ڍوري جي الھندين ڪنڌيءَ تي آھي. 

 (د) شيخ ڇٽي ۽ سھڻي جا ٻيا مشھور آثار ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آھن. شھر گهاري لڳ ”ڀنڀور واري درياءَ“ مان ھڪ ”وَرُ“ (ڍورو) نڪري ٿو، جيڪو اڳوڻي ”خاناھ“ درياءَ جو پيٽ آھي. اھو ”خاناھ ڍورو“ اڳتي گهاري کان ڏکڻ، ڳوٺ ”راڄ ملڪ“ لڳ، ”ميران“ يا ”قدمن واري مقام“ کان اُلھندان لنگهي ٿو، جنھن تي (اڳتي اولهہ طرف) ”ڦٽو ڪوٽ“ آھي. اتي ھن ”ڍوري“ کي ”ڪوٽ وارو خاناھ“ ڪري سڏين. اتي انھيءَ ڍوري تي ”شيخ ڇٽي جو مقام“ (گهاري کان اولهہ ۽ ”لوڻ کاڻ“ کان ڏکڻ) آھي جتي ميڙو لڳي. انھيءَ مقام کان ڏکڻ طرف ھن ڍوري کي ور وڪڙ آھن جيڪي ”سھڻي وارا ور“ سڏجن. چون ٿا تہ سھڻي انھن ورن مان تري ميهار ڏي ويندي ھئي. اتي سھڻي جي قبر پڻ آھي. ساھڙ ذات جو نڱامرو ھو ۽ ميرپور ساڪري واري اراضي آڳاٽي وقت کان وٺي نڱامرن جي سرداري ۾ شامل ھئي. 

 سنڌ ۾ ھي قصو آڳاٽو مشھور ۽ منظوم ٿيو 

 ھن قصي جي اھڃاڻن، يعني تہ نڱامرن ڄامن، سنڌو ندي جي آڳاٽن وھڪرن، توڙي ”ڇٽي پير“ جي ٽاڻن مان اندازو ٿئي ٿو تہ ھي افسانو سومرن جي اوائلي دور ۾ اُسريو ۽ مشھور ٿيو، ۽ سومرن جي آخري دور ۽ سمن جي اوائلي دور ۾ ڳاھن ۽ بيتن کي ھڪ خاص لئي يا سر ۾ ڳايو ويو جيڪو ”سھڻي“ جي نالي سان مشھور ٿيو، ۽ پوءِ اھا راڳڻي ھندستاني راڳ جو جز بني. ھن قصي جون اوائلي ڳاھون محفوظ نہ رهيون آھن، مگر سمن جي دور ۾ ھن داستان بابت ڳاھون ۽ بيت رائج ھئا. جو ان کان پوءِ واري لاڳيتي دور ۾ ميين شاھ ڪريم جي ملفوظات ۾ پڻ ملن ٿا- مثلا. 

 ڳوريءَ ٻي نہ تات، ميهار ئي من ۾ 

 جو پڻ پيئي رات، تہ ھو سائر ھوءَ سوھڻي.  

 جيڪي گهران مَ وڃ، جيڪي موٽ مَ سوھڻي ھيڪڙائي ھٿ ڪري، ٻيون ڀيري ڀڄ. 

 سندس نصيحت آميز مجلسن ۾ شاھ ڪريم پنھنجن بيتن سان گڏ ڪن ٻين شاعرن جا بيت پڻ مثال خاطر پئي آندا: اھڙا بيت جيڪي سندن ملفوظات ۾ ٻين شاعرن ڏانھن منسوب ناھن تن مان گهڻا سندن پنھنجا ھوندا، مگر اھو پڻ ممڪن آھي تہ انھن مان ڪي بيت ڪن آڳاٽن شاعرن جا ھجن: خصوصاً اھڙا بيت جيڪي قصن ۽ داستانن سان تعلق رکن ٿا. انھي لحاظ سان ٿي سگهي ٿو تہ سھڻي – ميهار جي قصي بابت مٿيان ٻہ بيت شاھ ڪريم جا پنھنجا ھجن يا سمن جي دور (1350ع-1520ع) جي ڪنھن ٻئي شاعر جا ھجن. شاھ ڪريم (ولادت 1526ع وفات 1634ع) جي مجلسن ۽ ملفوظات وارو دور گهڻي حد تائين مغليہ سلطنت جو اوائلي دور آھي، ۽ انھيءَ ڪري جيڪڏھن اھي ٻئي بيت شاھ ڪريم جا پنھنجا چيل ھجن تہ بہ اوائلي مغليہ دور جا قرار ڏيئي سگهجن ٿا. شاھ ڪريم کان پوءِ ميين شاھ عنات (1613/1623ع-1701/1709ع) ۽ شاھ عبدالطيف (1689ع-1752ع) جي رسالن ۾ ”سھڻي – ميهار“ جي داستان بابت سربستا ”سر“ موجود آھن، ۽ کانئن پوءِ جن سنڌي شاعرن ھن قصي بابت بيت چيا تن جو تہ ڄڻ شمار ئي ڪونھي. 

 پنجاب واري قصي سان ڀيٽ 

 ”گجرات بعھد قديم و جديد“ جو مصنف احمد حسين قريشي لکي ٿو ته: 

 ”مغليہ عھد حڪومت جو گجرات ۾ مشھور واقعو ”سوھني – مھينوال“ جو مشھور عشقيہ داستان آھي. بخارا جو ھڪ مشھور شھزادو گجرات آيو ۽ اتان جي ھڪ حسينہ تي ديوانو ٿي پيو، تان جو ٻنھي جو موت بہ انھيءَ معاشقي ۾ ٿيو. اھو ھڪ مشھور داستان آھي جنھن فارسي، اردو ۽ پنجابي ادب ۾ وڏو اضافو ڪيو آھي. ھن داستان متعلق ڪيتريون ئي روايتون مشھور آھن. ڪي تہ ھن کي محض ھڪ فرضي قصو سمجهن ٿا. ”چار باغ پنجاب“ جي مصنف منشي گنيش داس گجراتي، ھن کي محمد شاھ بادشاھ جي دور جو واقعو ڪري لکيو آھي، ۽ ان واقعي جو سن 1145هه بيان ڪيو اٿس. اھو پڻ لکيو اٿس ته، ھي واقعو خود گجرات جي شھر ۾ رونما ڪو نہ ٿيو، بلڪ سوھني ”رلياله“ ڳوٺ جي رهاڪو ھئي. رليالہ گجرات کان اوڀر طرف درياءَ جي ڪناري تي ھڪ ڳوٺ ھو ۽ اتي ئي ”سوھني“ ۽ ”مھينوال“ درياءَ ۾ غرق ٿيا. اھو ڳوٺ ھينئر درياءَ کڻي ويو آھي.“ 

 مٿيون بيان، پنجاب جي عالمن جي ھن قصي بابت تحقيق جو ڄڻ خلاصو آھي. پنجاب جو قصو ھڪ سنئون سڌو معاشقو آھي، جنھن ۾ ڪا بہ حقيقي لئون لڪل ڪانھي. ٻيو تہ پنجاب ۾ ھي قصو نسبتا پوئين دور ۾ مشھور ٿيو، انھيءَ ڪري ان کي محمد شاھ جي دور جو يا وڌ ۾ وڌ تہ شاھ جھان جي دور جو واقعو ڪري تسليم ڪيائون. جن بہ شاعرن پنجابي، فارسي يا اردو ۾ ھن قصي کي منظوم ڪيو، سي بہ نسبتاپوئين دور جا آھن. پنجابي ۾ سڀ کان پھريائين ھاشم شاھ (ولادت 1166هه) ھي قصو منظوم ڪيو، ان کان پوءِ سن 1265هه ۾ فاضل شاھ، سن 1768ع ۾ احمد يار ۽ پوءِ (؟) قادر يار منظوم ڪيو. پنجاب جي فارسي شاعرن مان فضل حسين ”تبسم“ سنہ 1258هه ۾ ھي قصو منظوم ڪيو. ان کان پوءِ 1279هه ۾ محمد زيرڪ ڪلانوري (”غنيمت“ جي مثنوي ”نيرنگ عشق“ جي جواب ۾) ھي قصو ”ارڙنگ عشق“ جي نالي سان مثنوي ۾ جوڙيو، 1284هه ۾ نجم الدين ”تسڪين“ منظوم ڪيو، ۽ 1256هه ۾ منشي گنيش داس گجراتي ”چار باغ پنجاب“ ۾ ان کي مختصر طور نثر ۾ بيان ڪيو. 

 مٿيان مڙيئي شاعر حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي کان پوءِ جا آھن. پنجاب جي قصي جو واقعو وڌ ۾ وڌ شاھ جھاني دور جو تسليم ڪيل آھي، پر سنڌ ۾ ميين شاھ ڪريم جي ملفوظات ۾ آيل سھڻي – ميهار جي قصي جا بيت ان کان بہ اڳ جا آھن. حقيقت ھيءَ آھي تہ ”سھڻي – ميهار“ توڙي ”سسئي – پنھون“، اھي ٻئي داستان پھريائين سنڌ ۾ اُسريا ۽ سنڌ ۾ ئي ڳايا ويا ۽ پوءِ ملتان واري خطي ۽ اتان مٿي پنجاب ۾ پڌرا ٿيا، جتي جي شاعرن وٽن پھتل روايتن موجب انھن قصن کي پنھنجي ٻُڌ سُڌ ۽ مقامي ماحول مطابق منظوم ڪيو. جيئن ھاشم شاھ بہ پنھنجو ”سسئي – پُنون“ بہ سنڌ جي داستان ”سسئي – پنھون“ کان متاثر ٿي منظوم ڪيو، تيئن ” سوھني – مھينوال“ بہ سنڌ جي ”سھڻي – مھيار“ واري داستان کان متاثر ٿي جوڙيائين. پنجاب وارو قصو محض ھڪ معاشقو آھي، جيڪو نسبتا پوئين ادبي دور جي پيداوار آھي. ان جي بر عڪس سنڌ جو داستان ” سھڻي – ميهار“ پنھنجي تاريخي قدامت، ڳالهہ جي سٽاءَ ۽ ساخت، توڙي ڪردارن جي عظمت جي لحاظ سان ھڪ آڳاٽو شاھڪار آھي.