آگم ڪيو اچن...

سُرُ گهاتو (ماحول ،ڪردار ۽ محققن جا رويا)

ھدايت منگي

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا سڌو سنئون سامونڊي ماحول بحث ھيٺ آيو آھي. سمنڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏاکڻن علائقن وٽ بيهڪ، سياري ۽ سانوڻ ٻنھي مندن ۾ سمنڊ جي مزاج،ننڍي پاڻيءَ کان اونھي پاڻيءَ يعني deep waters تائين جي فطري صورتحال، سمنڊ تي ھلندڙ ٻيڙن، انھن ۾ ڪم ڪندڙ ماھرن، انجنيئرن، خلاصين ۽ موسمي ڄاڻن، سامونڊي واپار ۽ ان جي خاص يا عام اسمن وغيرہ بابت توڙي سمورن ھنرمندن يا ڪامين جي ڪٽنبن جا احوال، اسان اڳ ئي سُر سريراڳ ۽ سامونڊيءَ ۾ تفصيل سان پڙهي آيا آھيون. ٽيون ڀيرو سامونڊي ماحول جي حوالي سان مواد مھيا ڪندڙ ڀٽائيءَ جي ڪلام جو سُر آھي، گهاتو. 

 گهاتو سنڌي ٻوليءَ جو قديم لفظ آھي، جيڪو سمنڊ جي نھايت اونھي علائقي ۾ مڇي ماريندڙ مھاڻن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ننڍي کنڊ جي ٻين ھمعصر ٻولين توڙي پراڻي سنسڪرت ۾ بہ گهاتوءَ جي معنيٰ مھاڻو يا مڇي ماريندڙ ٻڌائي وئي آھي، جيڪو سمنڊ جي پرانھين پنڌ تائين مڇي مارڻ ھليو ٿو وڃي. 

 گهاتو، ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام ۾ مختصر ۽ ننڍڙو سر آھي ۽ پاڻ وٽ ميسر سمورن رسالن ۾ ھڪ ئي داستان تي مشتمل آھي، جنھن ۾ ٻن ڊزن بيتن ۽ ٻن واين کان وڌيڪ مواد ڪونھي. اڪثر مُرتبن ۽ محققن وري انھن ٿورڙن بيتن ۾ بہ اڃا وڌيڪ گهٽتائي ڪندي، سڄي سُر جي ھڪ وائي بچائي آھي ۽ اڌو اڌ بيتن جو تعداد ڦٽي ڪري ڇڏيو اٿائون. ڪنھن رسالي مان بيتن يا شعرن جو تعداد گهٽائڻ جو مطلب شايد تجارتي نڪتئہ نظر کان ھجي تہ جيئن، شيءِ مارڪيٽ ۾ موجود ڪري ڏجي، پوءِ ٿوري ئي صحيح ، پر جڏهن معاملو ھجي ڀٽائيءَ جھڙي ڪامل مفڪر ۽ سماج جي شارح جو تہ پوءِ ڪجهہ شعرن کي الڳ ڪري ڪتاب جي ذخامت گهٽائي ڇڏڻ مناسب ڪانہ ٿي لڳي. 

 خير، ڀٽائيءَ جي سريراڳ ۽ سامونڊيءَ جي علائقي وار حد بندي ڪجي ٿي ته، اھي ڀٽائيءَ جي دور جي انھن بندرگاھن جي نشاندھي ڪن ٿا، جيڪي اڄوڪي سنڌ جي اولهہ - ڏکڻ وارن سامونڊي ڪنارن يعني رڻ ڪڇ جي اولهہ - ڏکڻ واري اُن پٽيءَ ۾ ھئا، جتي وڏا سامونڊي ٻيڙا بيهندا ۽ سامان آڻيندا ۽ نِيندا ھئا. پر گهاتوءَ ۾ اڄوڪي ڪراچي ۽ تڏهوڪي ڪلاچي ۽ سون مياڻيءَ واري بلوچستان جي ايراني ڪنارن تائين پکڙيل ان ايراضيءَ جو ذڪر ملي ٿو، جتي وچولي دور جي زماني ۾ سامونڊي واپاري ٻيڙا تہ لنگهي ويندا ھئا پر مڇي مارڻ وارن ملاحن کي اڄ جھڙيون سھوليتون نہ ھيون. ان ڪري سندن دور جا مڇيءَ جا ٻيڙا يا ٻيڙيون اڪثر ڪلاچيءَ جي ڪُن يا سون مياڻيءَ جي غير آباد پاڻين ۾ وڃي گم ٿي ويندا ھئا، يا وري مانگر مڇن جو کاڄ بڻجندا ھئا. 

 گهاتوءَ جي ماحول ۽ ڪردارن کي محققن relate ڪيو آھي ”مورڙي ۽ مانگر مڇ“ جي پراڻي ڪھاڻي يا آکاڻيءَ سان جيڪا چيو وڃي ٿو ته، راجا دلوراءِ جي ڏينھن ۾ ٿي. آکاڻيءَ موجب ڪلاچيءَ کان ڪجهہ ميل اولهہ طرف سامونڊي گهوماٽو يا ڪُن پوندو ھو جيڪو، ٻيڙا ماري وجهندو ھو. ان ڪري مھاڻا ان طرف ڪونہ ويندا ھئا. ٻيو تہ ان ئي گهِري اونھي پاڻيءَ ۾ وھيل نموني جي مڇي رهندي ھئي، جنھن کي مانگر مڇ جو نالو ڏنل آھي. اھا ملاح جا ٻيڙا اونڌا ڪري انھن کي ڳڙڪائي ويندي ھئي. گذر بسر جي دارو مدار سبب ملاح علائقو ڇڏي بہ ڪين ٿي ويا ۽ مانگر مڇ سان سندن جهيڙو جاري ھو. ائين ھڪ لڱان سون مياڻيءَ جي مھاڻي اوباھئي جا ڇھ پٽ سرڪشي ڪري اونھي ڏانھن ٻيڙا ڪاھي ويا. ٻہ ڏينھن ٿيا تہ ھو واپس آيا ئي ڪونه. پڪ ٿي وئي تہ مانگر مڇ کين ڳڙڪائي ڇڏيو آھي. سندن ستون ڀاءُ مورڙو، جيتوڻيڪ پولئي جو ماريل معذور ھو پر حرفت ڪري لوھو پڃرو ٺھرائي، ان ۾ ويهي اونھي ڏانھن ھليو ويو. ڪجهہ ڪلاڪن کان پوءِ ھن پڃري ۾ وجهايل واڍين کي ڇڪيو ته، ڪناري تي بيٺل وھڙن ۽ اٺن تي ٻڌل واڍرين سان پڃري سوڌو مانگر مڇ ڇڪي ٻاھر ڪڍيائون. مڇ ھن پڃري کي بہ ڳڙڪايو ھو، پر مورڙو محفوظ ويٺو ھو. بعد ۾ مڇ کي ماري ان جي پيٽ مان مورڙي جي ڀائرن جا ڳريل جسم ۽ ھڏا ڪڍي ڪناري تي پوريائون، جتي سندن قبرون اڃا موجود آھن. پر ان واقعي کان پوءِ صدين تائين ان علائقي ۾ مھاڻن جي ڪا وستي نہ رهي ۽ ھراس کان شھر ڦٽي ويا. ان برباديءَ جو ذڪر ڀٽ ڌڻيءَ ھيئن ڪيو آھي؛ 

 جتي گهوريو گهاتئين، تتي واريءَ بُٺ، 

 سھسين ساٽي مُٺَ، سَرُ سڪو، سونگي ڳيا. 

..

 نڪا بُوءِ بزار ۾، نہ ڪا ڇِلُرَ ڇَٽ، 

 جتي ڏنڀرن جي، اڳي ھُئي اَکُٽ، 

 سي پِڙَ پسيو پَٽَ، ماڙهو وڃن موٽيا. 

 ھڪ ھزار سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آھي، جو اولهہ ۽ اوڀر جي سامونڊي مسافرين جو سلسلو جاري آھي. اڄ شپنگ کي سڀ کان اھم انڊسٽري سمجهيو ٿو وڃي، پر اونداھي، جاڳرتا ۽ وچولي دورن ۾ سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان ٻيڙن جي اچ وڃ جا اھڃاڻ ملن ٿا. ٻيو تہ ٺھيو، عيسوي سن کان ٽي سو سال اڳ جي يوناني ملاحن، خلاصين ۽ فوجي ٻيڙن جو ذڪر بہ ڪتابن ۾ ملي ٿو، جڏهن سڪندر اعظم سنڌ فتح ڪرڻ آيو. تڏهن کان ڪلاچيءَ جي اونھي ڪن ۾ متان ڪي وڏا ٻيڙا موسمي حالتن سبب غرق ٿيا ھجن، جن ۾ سنڌي ملاحن جا رڇَ وڃي ڦاسندا ھئا! ڏسو؛ 

 ڪو جو ڪھر ڪلاچ ۾، گهڙي سو نِئي، 

 خبر ڪونہ ڏئي، تہ رڇ ڪڄاڙي رنڊئا!؟ 

..

 سڏ نہ سجهي ساٽئين، ڪُن ڪلاچيءَ پار، 

 ڪنھن ٻئي تڙ نھار، گهاتن سندا مڪڙا! 

 سامونڊي سفر ۽ مصيبتن جي ڄاڻ رکندڙ معلم، ملاح ۽ خلاصي ڪلاچيءَ جي ڪُن کان ھٽي پرتي ٿيندا ھئا، ڇو تہ اونھي جي اسرار سندن متيون منجهائي ڇڏيون ھيون؛ 

 گهنگهريا گهڻ ڄاڻ، مُوڙهي مَت مھائيين، 

 ويا گڏجي وير ۾، پيا منھن مھراڻ، 

 اڳيان پويان ٽاڻ، ويا ويچارن وسري. 

 مھراڻ لفظ بابت اڳ بہ بحث ڪيو اٿئون ته، ڀٽائيءَ اڪثر سنڌ واري سمنڊ کي، جيڪو اڳتي وڃي عربي سمنڊ ۾ پئي ٿو، ان کي مھراڻ سڏيو اٿس. ڪلاچيءَ جي ڪن وٽ بہ ملاحن جا صدين تائين ميڙاڪا رهيا آھن. ھاڻي تہ اھو علائقو جپاني، آمريڪي، ڪوريائي، ٿائي، بنگالي، ھندوستاني ۽ ٻين ملڪن جي ملاحن جي شڪار جو خاص علائقو آھي، پر پراڻي دور ۾ بہ سنڌي ۽ بلوچ ملاح بھادريءَ سان ان ھنڌ شڪار ڪندا ھئا. ڀٽائيءَ جو ڪلام ھن ريت ان ڳالهہ جو شاھد آھي؛ 

 اوھين جا لُڏو لوڏ، ايءَ پر گهاتوُئڙن جي، 

 ڪُن ڪلاچيءَ ڪوڏ، سُکِ نہ ستا ڪڏهين. 

 اونھي جي آگاھيءَ لاءِ ڀٽائيءَ وٽ معيار ڏسو تہ ھو، مھاڻن کي سمنڊ جي گهرائين ۾ وڃڻ لاءِ گهربل تيارين ۽ تقاضائن کان ڪيئن ٿو ھوشيار ڪري؛ 

 جيئن جهينگا پائين جهول ۾، ائين نہ مرن مڇ، 

 سَٻَرَ ڌار سمونڊ جا، ڪي رائو رڱي رڇ، 

 ھي ڇارون ۽ ڇڇ، اڃان اوڙاھ اڳاھون ٿيو. 

 ڪلاچيءَ جي ملاحن مانگر مڇ کي نيٺ حرفت سان ماريو، جنھن جو ذڪر بہ گهاتوءُ ۾ ڀٽائيءَ ھن طرح ڪيو آھي؛ 

 گهُوريندي گهُور پيا، اَگهُور گهُوريائون، 

 مانگر ماريائون، ملاحن مُنھن سَنُرا. 

 سر گهاتوءَ جي ھڪ وائي؛ ”جڪس جهليا مڇ، گهاتو گهر نہ آئيا“، ھر رسالي ۾ آھي، پر بمبئيءَ ۽ قليچ وارن رسالن ۾ جيڪا وائي آھي سا سُر سامونڊيءَ واري ماحول جي ڏسجي ٿي؛  

 - ھُو جي ويا مون ھڻي،الا تن جڙ جڏي ڪئي... 

 - بندر مٿان بارَ سي، ويڙا ڪالهہ کڻي... 

 - سامونڊين سڙهه سنباھيا، ڇني تن تڻي... 

 - لائينديس لنڱن کي، سندي پرينءَ پڻي... 

 - ان سان عبداللطيف چئي، ميڙيندوم ڌڻي...