وَٽان جي سنڌي معنيٰ
وٽ، وٽن، مان، منجهان، کان، ڀرسان، ڀر ۾
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In, by, inside, there, near to
وَٽان جا بيتن ۾ حوالا
ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 12 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 12 ]
قاتِلُ ڪَمائِي ڪَري، وِھُ ماکِي جي ڪَنِ،
وَٽان ويھِي تَنِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 7 ]
وَٽان ويھِي تَنِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 7 ]
وِتُ ويِمي جو جَي لَھِين، تَہ ٻِي ڪارِ نَہ ڪَرِين ڪا،
اِھا پَرُوڙِجِ ڳالِهڙِي، وَڻِجارَنِ وَٽان،
موتِي جَنِ ھَٿان، آندَءِ گهَڻي اَدَبَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 8 ]
اِھا پَرُوڙِجِ ڳالِهڙِي، وَڻِجارَنِ وَٽان،
موتِي جَنِ ھَٿان، آندَءِ گهَڻي اَدَبَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 8 ]
اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين،
نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ،
گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ پيرَ،
کُڙيُون کُنِهبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرَ،
ھِتِ گهُرِجين ھيرَ، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، وايون، 9 ]
نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ،
گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ پيرَ،
کُڙيُون کُنِهبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرَ،
ھِتِ گهُرِجين ھيرَ، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، وايون، 9 ]
سُونھان چائِين سُڌِ نَہ ڏِينِ، ڪو نَہ سُڄي سونهوُن،
دُکائي دُونهُون، وَٽان مُون واٽَ ٿِئا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 7 ]
دُکائي دُونهُون، وَٽان مُون واٽَ ٿِئا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 7 ]
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ،
وَٽان ويئِي جَنِ، وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 15 ]
وَٽان ويئِي جَنِ، وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 15 ]
ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ،
اِشارَتُون اُنِ جُون، سُڪُوتا سُڄَنِ،
وَٽان ويھِي تَنِ، سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 1 ]
اِشارَتُون اُنِ جُون، سُڪُوتا سُڄَنِ،
وَٽان ويھِي تَنِ، سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 1 ]
ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪافَ نَہ ڏِيين ڪو،
قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا وَٽان تو،
ھوتُ مُئِيءَ جو ھو، ساڄَنُ اُنَهيِن ساٿَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 2 ]
قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا وَٽان تو،
ھوتُ مُئِيءَ جو ھو، ساڄَنُ اُنَهيِن ساٿَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 2 ]
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، دِلِاسا ڏِجَنِ،
گهَڻو پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽان ھوتَ وَڃَنِ،
تُون ڪِيئَن سَندا تَنِ، پَھَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 11 ]
گهَڻو پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽان ھوتَ وَڃَنِ،
تُون ڪِيئَن سَندا تَنِ، پَھَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 11 ]
ڏُونگَرَ مُنھِجي ڏُکَ جو، تان تُون واقِفُ ٿِيءُ،
وَٽان وَٺِي وِئا، پَهَسُ مُنھِنجو پِيءُ،
ڀَڄِي پَراھُون ٿِيءُ، ماتان سَڙين پِريان جي سُورَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 16 ]
وَٽان وَٺِي وِئا، پَهَسُ مُنھِنجو پِيءُ،
ڀَڄِي پَراھُون ٿِيءُ، ماتان سَڙين پِريان جي سُورَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 16 ]
English Meaning
In, by, inside, there, near to