آگم ڪيو اچن...

موکي

موکي (ھڪ انساني ڪردار)

موکيءَ جي قبر

اضافي معلومات

ڊجيٽل نقشو
(موکي ۽ متارا ڪردارن بابت محترم اختر بلوچ جي اردو ڊان ۾ رپورٽ)

موکي، شاھ لطيف جي سُر 'يمن ڪلياڻ' جو هڪ مکيہ ڪردار آهي، جيڪو سنڌ جي لوڪ داستان، ”موکي متارا“ مان ورتل آهي. شاھ لطيف جي ٻين ڪردارن وانگر، موکيءَ بابت بہ محققن تحقيق ڪئي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي لوڪ ادب واري ڪتاب ۾ موکيءَ بابت، سنڌ جي مختلف علائقن مان ملندڙ روايتون ڏنيون آهن. انهن روايتن ۾ موکيءَ جو شراب‏ ٺاهڻ، مئخانو هلائڻ ۽ متارن جو وٽس شراب پيئڻ لاءِ سال اڌ ۾ اچڻ، متارن جو لاعلميءَ ۾ مئل نانگ وارو زهريلو شراب پيئڻ بعد بہ نہ مرڻ ۽ پوءِ اهو ٻڌي تہ شراب ۾ نانگ مئل هو، متارن جو انهيءَ مهل ئي مري وڃڻ، متارن جي موت بعد، شراب خانو ويران ٿيڻ ۽ انهيءَ ڏک ۾ موکيءَ جي مري وڃڻ وارا ٽاڻا تہ ساڳيا ئي آهن. (سواءِ ٿرپارڪر واريءَ روايت جي) پر موکيءَ جي حسب نسب، ماڳ مڪان بابت، سڀني روايتن ۾ ڌار ڌار ڄاڻ ڏنل آهي. پھرين روايت جيڪا ڊاڪٽر بلوچ، ڪوهستان، ڪراچي ۽ ملير جي علائقن جي حوالي سان ڏني آهي، ان مطابق، مومل راڻي واري داستان جي ٻانهي ناتر، مومل جي ڏاگهہ چڙهڻ بعد، گڏاپ وارو علائقو وسايو هو ۽ اتي ئي شادي ڪئي هئائين، ناتر، شراب خانو هلائيندي هئي ۽ موکيءَ جي وڏي ٿيڻ تي اهو ڪم اُن حوالي ڪري ڇڏيو هئائين. انهيءَ روايت مطابق اڄ تائين گڏاپ واري علائقي ۾، ”ديھ موکي“ موجود آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق مطابق ”ڪئونڪر“ واريءَ موجودہ بستيءَ کان ڏکڻ اوڀر طرف، گاه واري سائي ۽ سُهڻي جوءِ آهي، جنھن کي ”موکِيءَ جو مڪان“ سڏجي ٿو. موکيءَ جي قبر، متارن جي قبرن واري مقام وٽ آهي. اتي هڪ ڪهنو قبرستان موجود آهي ۽ خيال آهي تہ اهو موکيءَ ۽ متارن جو مقام آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڏنل هڪ ٻيءَ روايت مرجب: ”ڪنھن زماني ۾ سنڌ ۾ ڪلالن جو هڪڙو پاڙو رهندو هو. سندن شراب جي هاڪ هر هنڌ هئي. انهن جي اڳواڻ کي سڪي پني هڪڙي سدا ملوڪ ڌيءَ ڄائي هئي، جنھن جو نالو ”موکي“ رکيائين. موکي وڏي ٿي، تڏهن خدا جي قدرت سان سندس پيءُ گذاري ويو، جنھن ڪري پيءُ جو سمورو ڪاروبار موکي پنھنجي سِر پاڻ هلائڻ لڳي. (بلوچ 1964 عيسوي، ص: 13)

هڪ ٽين روايت آهي. ”برهمڻ آباد“ شھر ۾ ”موکي“ نالي هڪ سھڻي عورت ھئي، جنھن جا مائٽ ڪلاڙڪو ڌنڌو ڪندا ھئا. جڏهن موکيءَ جا مائٽ گذر ڪري ويا، تڏهن موکيءَ بہ مائٽاڻو ڌنڌو اختيار ڪيو .“ (بلوچ 1964 عيسوي، ص: 16)

ٿرپارڪر مان مليل هڪ روايت جيڪا ڊاڪٽر بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ۾ ڄاڻائي آهي، تنهن موجب: ”موکي، رتن سنگ نالي هڪ ظالم ٺڪر جي زال هئي، جيڪو 'ڪوئنرلُ نالي ڳوٺ جو رهاڪو هو، (اهو ڳوٺ ضلعي ٿرپارڪر، تعلقي ڏيپلي ۾ اڃا تائين آباد آهي). رتن سنگ، ڀر واري ڳوٺ مان موکيءَ جي حُسن جي هاڪ ٻڌي کيس زوريءَ کڻي آيو هو. موکي، ڀيل قوم جي ڇوڪري هئي. رتن سنگ مان کيس هڪ ڌيءَ ڄائي. رتن سنگ جي مرڻ کانپوءِ سندس مال ملڪيت، موکيءَ جي هٿ آئي. جڏهن موکيءَ جي ڌيءَ جوان ٿي تہ ٺڪرن کيس نيچ قوم جو سمجهي، سندس ڌيءَ سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنھن ڪري موکيءَ سندس شادي لاءِ ملڪ ۾ هوڪو هلايو. گهڻا ئي جوان، سندس در تي آيا، ڇاڪاڻ تہ موکي رتن سنگ جي دولت اڏائي چڪي هئي، سو انهن جوانن جي آجيان زهر مليل شراب سان ڪندي هئي ۽ سندن مرڻ کان پوءِ، سندن مال ملڪيت هٿ ڪندي هئي. هڪ ڀيري ٻہ راجپوت جوان، موکيءَ جا مھمان ٿي آيا. جيڪي سھڻا ۽ قدآور هئا. کين ڏسي، موکيءَ خيال ڪيو تہ انهن مان هڪ کي ڌيءَ جو سڱ ڏيان، پر اهو فيصلو نہ ڪري سگهي تہ ٻنهي مان ڪنھن کي سڱ ڏي، سو کين چئن مھينن کان پوءِ وري گهرايائين. پوءِ جڏهن جوان وريا تہ سندن آجيان شراب سان ڪيائين، شراب پيئندي ٻئي جوان مري ويا، ڇاڪاڻ شراب جي مَٽ ۾ نانگ مئل هو. موکِي، انهن جوانن جي مرڻ جو صدمو برداشت ڪري نہ سگهي ۽ جلد ئي مري وئي. سندس مرڻ کان پوءِ، سندس ڌيءَ هڪ ٻئي ٺڪر سان شادي ڪئي جنھن جو اولاد اڄ بہ 'موکا ٺڪر' سڏيو وڃي ٿو ۽ جنھن ٽڪريءَ تي 'موکا ٺڪر' آباد آهن ان کي 'موکِيءَ جو ٽڪرو' سڏيو وڃي ٿو. 

گل حسن ڪلمتي، موکيءَ بابت، ڪراچيءَ جي گڏاپ راري حوالي سان لکي ٿو تہ، ناثر اتي جي هڪ شخص 'هيبت گڊي“ سان شادي ڪئي، پر ڪن ٻين ررايتن موجب، هيبت ناتر سان نہ، پر موکيءَ سان شادي ڪئي هئي. هيبت خاصخيليءَ جو ڳوٺ اڄ بہ ديھ موکيءَ ۾، موجود آهي. موکيءَ جي قبر بابت، ڪلمتي لکي ٿو: ”موکيءَ جي قبر، تپي سونگل، ديھ موکي ڪراچيءَ جي گڏاپ ٽائون ۾ آهي . (ڪلمتي 2007 عيسوي ص: 367) 

موکِي ۽ متارن جي لوڪ قصي ۾، موکيءَ جو ڪردار هڪ اهڙي عورت جو آهي، جيڪا ڪلاڙڪو ڪم ڪندي هئي، جنھن جي سماج  ۾ ڪا خاص حيثيت نہ هوندي آهي. پر شاھ لطيف جي موکي، انهيءَ کان ڪافي مختلف نظر اچي ٿي. شاھ لطيف جي موکي، هڪ نيڪ نيت ۽ صاف دل عورت آهي، جيڪا پنھنجي پيشي سان سچي آهي. شاھ لطيف جي نظر ۾ موکي متارن کي مَٺو نٿي گهري ۽ هو سندس پياريل زهريلي شراب سان نٿا مرن. بلڪ موکيءَ جي ويڻ کان مئا هئا. 

متارن جي مرڻ کان پوءِ، ماڻهن بہ موکيءَ کي مھڻا ڏنا تہ موکي ناتر جي ڌيءَ آهي، جيڪا پاڻ ڪاڪ محل ۾ ماڻهن کي مارائيندي هئي. تنهن جي ڌيءَ ڪيئن سچي ٿيندي؟ ماڻهن ‎جي مھڻن کي شاه لطيف سر يمن ڪلياڻ جي داستان نمبر 4 ۾ بھترين نموني سان بيان ڪيو آهي.