آگم ڪيو اچن...

سر سامونڊي

داستان پھريون
بيت - 1

پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ سامُونڊيُن جي،
وجِهي جِيءُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهِرِي.

وائي

آيلِ ڪَرِيان ڪِيئن، مُنھِنجو نِينھُن اَپَلِئو نَہ رَهٖي.
وِيو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙهٖي چيئَن ،
مُنھِنجو نِينھُن اَپَلِئو نَہ رَهٖي.
سامُونڊِيَنِ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏينھن،
مُنھِنجو نِينھُن اَپَلِئو نَہ رَهٖي.
اُڏوھِيءَ جان ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِيئَن،
مُنھِنجو نِينھُن اَپَلِئو نَہ رَهٖي.
گوندر مَٿاءِ جندُڙي وَرِيا وَلِيُنِ جيئن،
مُنھِنجو نِينھُن اَپَلِئو نَہ رَهٖي.
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان ھادِيءَ سِيئَن،
مُنھِنجو نِينھُن اَپَلِئو نَہ رَهٖي.

سُر گهاتو

داستان پھريون
بيت - 2

گهنگهرِيا گَهڻَ ڄاڻَ، مُوڙِهي مَتِ مَھائِيين،
ويا گَڏِجي وِيرِ ۾، پِيا مُنھِن مِھراڻَ،
اڳيان پويان ٽاڻَ، وِيا ويچارَنِ وِسِرِي.

وائي

جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ
گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
ڪاٿي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿي سَندَنِ رَڇَ
گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِيان اَڇَ
گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
اَدِيُون عبداللطيفُ چي، سَڀ لَگِهيندا ڇَڇَ
گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.

سر سريراڳ

داستان پھريون
بيت - 1

مانَ پُڇَنِئي سُپِرين، چِتان لاھِ مَ چَرُ،
اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ تَہ، خالي نہ ٿيين.

بيت - 3

مانَ پُڇَنِئي سُپِرِين، چِتَ ۾ رکِجِ چيتُ،
سِڙِھُ ڌُئاري صافُ ڪر، صابُڻَ سان سُپيتُ،
سامُونڊِي سُچيتُ، ٿيءُ تہ پَھچِين پارَ کي.

وائي

سَھسين شُڪرانا، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
حَمدُ چَئِج حَڪِيمَ کي جورِ ھڻِي جانا، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
تون ڏيکارين تون ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
مَتان مَرد وِسارئين، صاحِبَ جِي ثَنا، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
دوس رَکِي دِلِ ۾ پَڙهُ لالَنُ لِسَانا، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
جَفا ڏيئي جيءَ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنَا، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
تُسِي توسين توھُ ڪَري، مَنَ آگو احسانا، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان ٻانَهپَ سين، ٻانها، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
صاحِبَ وڻي سَچَ سين، ٿيُ دانَھُ، ديوانا. ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
جي تَسليمَ سين تَحقِيق ھُئا، سي ڪئن اَمَانا، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
جاڳِيا جي جَبارَ لَئي سيئي سَمانا، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
فَاذ ڪُرُوني اَذ ڪُرُڪُم ڪَھِئو قُرانا، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
واَ شڪُرُوا لِي وَلا تَڪفُروُنِ ڪَڍُ تون ڪُفرانا، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
سَڀَ سَنواريا سُپِرِينءَ ڪُوَلَ تو ڪَنا، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
چَڱِي چَئِجُ چاھَ سين مَدَحَ اِيءَ مَنا، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
تائبَ ٿِئو تَڪَڙا جوشئون جُوَاناَ، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.
تَہ لَھِين تون لَطِيفَ کان اَمُنُ اَمانا، ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا.

وائي

مون ۾ تُون موجُود، آئون اَڳاھِين آھِيان،
آئُون اَسُونِھين آھِيان.
اَکِيُون اَکَڙِيُنِ کي، سِڪئو ڪَنِ سُجُودُ،
آئُون اَسُونِھين آھِيان.
تيلاھن رَسِيُون بُودَ کي، جيلاھن ٿِيُون نابوُدُ،
آئُون اَسُونِھين آھِيان.
ماڙهُن جي موٽَڻَ جو، صاحِبَ هَٿِ سُجُود،
آئُون اَسُونِھين آھِيان.
اِنَ دَرِ سيئي اِگِهئا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ
آئُون اَسُونِھين آھِيان.

سر ڪلياڻ

داستان پھريون
بيت - 1

اَول الله عَلِيمُ، اعلى، عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پنھنجي قُدرت سين، قائم آھِ قديم،
والِي، واحِدُ، وَحدَہُ. رازق، ربُّ رَحِيم،
سو ساراھ سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪيم،
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جھان جي.

بيت - 2

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، جان ٿو چَئين اِيئن،
تان مَڃُ مُحمَّدُ ڪارَڻِي، نِرِتُون مَنجهان نِينھن،
تان تُون وَڃيو ڪِيئن، نائِين سِرُ ٻِين کي

بيت - 3

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، جَڏھن چَيو جن،
تَن مَڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، ھيجان ساڻ ھِنَئينِ،
تڏھن مَنجهان تن، اَوَتَڙِ ڪو نہ اوليو.

بيت - 4

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، جن اُتوسين ايمانَ،
تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتَڙِ ڪنھن نہ اوليا.

بيت - 5

اَوَتَڙَ ڪنھن نہ اوليا، سُتَڙِ ويا سالِمَ،
ھيڪائِي ھيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ،
بي بھا بالِمَ، آگي ڪيا اڳھِين.

بيت - 6

آگي ڪيا اڳھِين، نسورو ئي نُور،
لَاخَوفٌ عَلَيھِمۡ وَلَاھُمۡ يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور،
مولي ڪيو مَعمؤر انگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.

بيت - 7

وَحۡدَہٗ جي وَڍيا، اِلّا اللہ سين اورِينِ،
ھِنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ،
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ،
سُک نہ سُتا ڪڏھين، ويھي نہ ووڙِينِ،
ڪُلَھِنئُون ڪورِينِ، عاشق عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي.

بيت - 8

وَحۡدَہٗ جي وَڍيا، اِلّا اللہ اَڌَ ڪَيا،
مُحَمدُ رَسُولُ اللہ چَئي، مسلمان ٿيا،
عاشق، عَبۡدُاللَطِيفُ چئي اِنَھيِن پَھِ پيا،
تيلان ڌَڻيءَ ڌُئا، جيلان وِيا وَحدت گڏجي.

بيت - 9

وَحۡدَہٗ جي وَڍيا، ڪَيا اِلّا اللہ اَڌَ،
سي ڌَڙَ پَسي سَڌَ، ڪنھن اَڀاڳِيءَ نہ ٿِئي.

بيت - 10

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، ٻُڌءِ نہ ٻوڙا،
ڪِہ تو ڪنين نہ سُئا، جي گهَٽَ اندر گهُوڙا،
ڳاڙيندين ڳوڙھا، جت شاھد ٿيندَءِ سامُھان.

بيت - 11

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، اِھو وِھائج وِيّ،
کَٽين جي ھارائين، ھنڌ تُنھنجو ھِيُ،
پاڻان چوندُءِ پِيُ، ڀري جام جَنَّتَ جو.

بيت - 12

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، اِيءُ ھيڪڙائِي حَق،
ٻيائِي کي ٻَکُ، جن وڌو، سي وِرسيا.

بيت - 13

سِرُ ڍُؤنڍيان، ڌڙ نہ لھان، ڌڙ ڍُؤنڍيان، سِرُ ناھِ،
ھَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانِھ،
وحدت جي وِھانءِ، جي ويا، سي وڍيا.

بيت - 14

عاشق چَؤ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَؤ معشوق،
خالق چَؤ مَ خام تون، مَ ڪِي چَؤ مخلوق،
سَلِج تنھن سُلوڪ، جو ناقِصئا نِڱيو.

بيت - 15

وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل،
حق حقيقي ھيڪڙو، ٻولي ٻِيءَ مَ ڀُل،
ھُو ھُلاچو ھُل، بااللہ سندو سڄڻين.

بيت - 16

پاڻَھِين جَلَّ جَلَالَهٗ، پاڻھِين جانِ جمالُ،
پاڻھِين صورت پِرِينءَ جي، پاڻھِين حُسن ڪَمالُ،
پاڻھِين پِير مُريد ٿئي، پاڻھِين پاڻَ خيالُ،
سڀ سڀوئي حالُ، منجهان ئي معلوم ٿئي.

بيت - 17

پاڻَھِين پسي پاڻکي، پاڻھِين مَحبُوبُ،
پاڻھِين خلقي خوب، پاڻھِين طالب تن جو.

بيت - 18

سو ھِيُ سو ھُو، سو اجَلُ سو اللہ،
سو پِرين، سو پَساھ، سو ويري، سو واھَرؤ.

بيت - 19

پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَھِين،
ھُئا اَڳَھِين گَڏُ، ٻُڌڻ ۾ ٻہ ٿيا.

بيت - 20

ايڪ قَصَرُ، دَرَ لَکَ. ڪوڙين ڪَڻِس ڳڙکيون،
جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن صاحب سامهُون.

بيت - 21

ڪوڙين ڪايائون تُنھنجيون، لِکَن لَکَ ھزارَ،
جِيءُ سڀ ڪنھن جيءَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار،
پِريَمِ! تنھنجا پارَ، ڪھڙا چَئِي ڪيئن چوان.

وائي

سَڀَڪا پِريان ڪون پُوڄي،
نِينھُن نيڻين، ڳُڻُ ڳالهہ وو.
جا چِتايم چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي،
لاتِ جا لَطِيف جي، سَڏُ تُنھنجو سُڄي.

بيت - 32

مُلهہ مَھانگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَھادت،
اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پِريَن جو.

داستان ٻيو
بيت - 1

اگهي اَگهائي، رَنجُ پِريان کي رسيو،
چَکيَم چڱائِي، سورانگهي سُوريءَ تان.

بيت - 2

انڌا اُوندا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِيين؟
اسان ڏُکي ڏِيل ۾، تون پيارِئين پيڄَ!
سُورِي جنِين سيڄَ، مرڻ تن مُشاھِدو.

بيت - 3

سُوريءَ سَڏ ٿيو، ڪا ھَلندي جيڏيون؟
وَڃڻ تِن پِيو، نالو نِينھن ڳِنَھَنِ جي.

بيت - 4

سُوري سَڏَ ڪَري، اُڀِي عاشقَن کي،
جي اَٿيئي سَڌَ سِڪڻَ ۾، تہ ڪَؤ مَ پير پَري،
سِسِي ڌَار ڌَري، پُڇِجُ پوءِ پريتَڻو.

بيت - 5

سُوري آھِ سينگار، اَڳھِين عاشقن جو،
مُڙڻ، موٽڻ ميھڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ،
ڪُسڻ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي.

بيت - 6

سُوري سينگاري، اَصلِ عاشِقَن کي،
لُڏِيا ڪِين، لَطِيف چَئي، ٿِيا نيزي نظاري،
ڪوٺيو ڪِناري، آڻيو چاڙھي اُنِ کي.

بيت - 7

سُوريءَ مٿي سيڻَ، ڪھڙي ليکي سَنَرا؟
جيلَهَ لڳا نيڻَ، تي سؤريائِي سيڄَ ٿي.

بيت - 8

سُوريءَ چَڙھڻ، سيڄ پَسڻ، اِيُ ڪَمُ عاشِقَن،
پاھؤن ڪِينَ پَسَنِ، سائي ھَلنِ سامهان.

بيت - 9

سُوريءَ تي سَؤ وارَ، ڏِھاڙيو چَنگ چڙھين،
جِمَ وِرچي ڇڏئين، سِڪڻ جي پَچار،
پِرتِ نہ پَسِين پارَ، نينھن جِئان ئي نِڱئو.

بيت - 10

پھرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو،
ڏُکُ پِريان جو ڏيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وَڄاءِ،
سِيخُن ما‏ہُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙُءِ نِينھن جو.

بيت - 11

ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وڍيندڙَ ھٿ ۾،
پَسيو پَرِ عجيب جِي، لِچيو وڃي لوھُ،
عاشقن اَندوہ، سدا معشوقن جو.

بيت - 12

ڪاتِي تِکِي مَ ٿئي، مَرُ مُنِيائِي ھوءِ،
مانَ وِرمَن توءِ، مُون پِريان جا ھٿڙا؟

بيت - 13

ڪاتي جا قَريبَ جِي، سا ھَڏُ چِيري چَمُ،
عاشقَن پَنھنجو اَنگُ، اللہ ڪارَڻِ وَڍِيو.

بيت - 14

جي تون سِڪَڻ سِکيو، تہ ڪاتيءَ پَئي مَ ڪَنجهُہ،
اَندرِ اِيُ اَھنجُ، سانڍج سُکائون ڪَري.

بيت - 15

جان وَچِين، تان ويھ، نہ تہ وَٺِيو واٽَ وَنءُ تون،
ھيءُ تَنِين جو ڏيهُ، ڪاتي جنين ھَٿ ۾

بيت - 16

ڪاتي جَنِ ڳَرِي، مان لَنؤ لَڳي تَن سِين،
مُحبَت جي ميدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري،
اَڏيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھَنِئوُن سُپرين.

بيت - 17

اڳيان اَڏِنِ وَٽِ، پويَن سِر سنباھيا،
ڪاٽ تہ پوين قبولَ ۾، مَڇُڻ ڀائين گهَٽ،
مٿا مُھايَنِ جا، پيا نہ ڏِسين پَٽِ؟
ڪلاڪي ھَٽِ، ڪُسڻ جو ڪوپُ وَھي.

بيت - 18

جي اَٿيئي سَڌَ سُرڪ جِي، تہ وَنءُ ڪلالن ڪاٽي،
لاھي رک، لَطِيف چئي، مٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئي پِڪَ پِيُ تون، منجهان گهوٽ! گهاٽي،
جو وَرَنَهَ وِھاٽي، سي سِرَ وَٽِ سَرو سھانگو.

بيت - 19

جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪ جي، تہ ونءُ ڪَلالڪِي ھَٽِ،
لاھي رک، لطيف چي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئي ۾ سَٽِ، پِيجُ ڪي پياليون.

بيت - 20

جي اَٿيئي سَڌَ سُرڪ جي، تہ ونءُ ڪلالڪي ڪُوءِ،
مَھيسَر جي مَنڌَ جِي، ھُتِ ھَڏھِين ھُوءِ،
جان رمز پروڙيم روءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرڪِي سَڳُڻي.

بيت - 21

جي اَٿيئي سَڌَ سُرڪ جي، تہ وَنءُ ڪَلالڪي گهرِ،
وَڍڻُ، چِيرڻُ، چِچِرڻُ، پَھَتِ اُنِين جي پَرِ،
جي وَٽِي پويئِي وَرِ، تہ سَھَنگي آھ، سيد چَئي.

بيت - 22

ناڻي ناھِ ڪَڪُوھُ، ڪي مُلهہ مَھانگو مَنڌُ،
سَنباھج، سيّد چئي، ڪاٽڻ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
ھِيُ تنِين جو ھنڌُ، مَٽَن پاس مَرَنِ جي.

بيت - 23

عاشق زھر پِياڪَ، وِھُ ڏسي، وِھُسَنِ گهڻو،
ڪَڙي ۽ قاتلَ جا، ھميشه ھيراڪَ،
لڳين لَنؤ، لطيف چي، فَنا ڪيا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِن چاڪَ، تہ بہ آھَ نہ سَلِن عامَ کي.

بيت - 24

مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جي، جي تون ٽارِئين ٽُوھُ،
پِيتي جنھن پاسي ٿئي، منجهان رَڳُن رُوح،
ڪاٽي چَکُ ڪڪُوھُ، لاھي سِرُ، لطيف چي.

بيت - 25

سَڌَڙِيا شراب جون، ڪُھُ پَچارُون ڪَنِّ؟
جُہ ڪاتَ ڪَلالن ڪڍيا، تہ موٽيو پوءِ وڃنِّ،
پِڪُون سي پِينّ، سِرَ جنجا سَٽِ ۾.

بيت - 26

سِرَ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جنين جا ديڳِ ۾،
سي مَرُڪن پَچارَ، حاضر جن جي ھَٿ ۾.

بيت - 27

ديڳين دوڳ ڪَڙھن، جِت ڪَڙئين ڪَڙَڪو نہ لَھي،
تِتي طبيبن، چاڪ چِڪَندا ڇڏيا.

بيت - 28

سِسي سي گهُرَنِ، جي واٽِيندڙَ وِچَ ۾،
اُوءِ ڪِي ٻيو پُڇَن، سَرو جَن سَنباھيو؟

بيت - 29

اَصُل عاش پنھنجي، سِسي نہ سانڍين،
لاھيو سِرُ، لطيف چي، ساھُ سَلهاڙيو ڏِين،
ڪُلھنِئون ڪورينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريتَڻو.

بيت - 30

اصل عاشقن جو، سِرُ نہ سانڍڻُ ڪمُ،
سَوَ سِسِنئان اڳرو، سَندو دوسان دمُ،
ھِيُ ھڏو ۽ چمُ، پِڪَ پِريان جِيَ نہ پَڙي.

بيت - 31

جي مٿي وٽِ مِڙَنِ، تہ سڀ ڪنھن سَڌَ ٿئي،
سِرَ ڏني سَٽِ جُڙي، تہ عاشقَ اِئن اچن،
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلهِہ مَھانگا سُپرين.

وائي

مَنڌُ پئندي مون، ساڄَنُ سَھِي سڃاتو،
پِي پِيالو عِشقَ جو، سڀڪي سمجِهيوسون،
پريان سَندي پارَ جي، اندر اڳ اَٿُون،
جِئڻُ ناھي جَڳَ ۾، ڏِينھن مڙيئِي ڏُون،
الا! عبداللطيف چي، آھين تُون ئي تُون.

داستان ٽيون
بيت - 1

اُٿياري اُٿي وِيا، مَنجهان مُون آزارَ،
حبيبَ ئي ھڻِي ويا، پِيڙا جي پَچار،
طَبيبن تَنوارَ، ھَڏِ نہ وڻي ھاڻِ مون.

بيت - 2

ھَڏِ نہَ وَڻي ھاڻ مون، ويڄَن جي وِصالَ،
ھِنَ منھنجي حالَ، حبيبُ ئي ھادي ٿيو.

بيت - 3

حَبيبُ ئي ھادِي ٿِيو، رَھَنُما راحَتَ،
پِيڙا نيائين پاڻَ سِين، لائي ڏيئي لَتَ،
سُپيريان صِحتَ، ڏِنيَم منجهان ڏُکندي.

بيت - 4

اَورِ ڏُکَندو اُو ٿئي، ھادِي جنھن حَبِيبُ،
تِرُ تَفاوتُ نہ ڪري، تنھن کي ڪو طَبِيبُ،
رَھَنُما رَقِيبُ، ساٿَرِ صِحتَ سُپِرين.

بيت - 5

ساٿَرِ صِحتَ سُپِرِين، آھي نہ آزارُ،
مجلسَ وير مِٺو ٿئي، ڪوٺِيندي قَھارُ،
خَنجرُ تنھن خُوب ھڻي، جنھن سين ٿئي يارُ،
صاحِبُ رَبُّ ستّارُ، سوجهي رَڳُون ساھَ جون.

بيت - 6

رَڳُون ٿيون ربابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنھِين،
لُڇَڻُ، ڪُڇَڻُ، نہ ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ،
سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪَسِ جنھن ڪَبابُ،
سو ئِي عينُ عَذابُ، سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي.

بيت - 7

سو ئِي راھَ رَدِّ ڪري، سو ئي رَھَنُماءُ،
وَ تُعِزُّ مَنۡ تَشَآءُ وَ تُذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ.

بيت - 8

پَرِ ۾ پُڇيائُونِ، عشق جي اسباب کي،
دارُون ھنَ دردَ جو، ڏاڍو ڏسِيائُون،
آخر والعَصَر جو، ايئن اُتائون،
تھان پوءِ آئون، سِڪان ٿي سَلام کي.

بيت - 9

سِڪِين ڪُهُ سَلامَ کي، ڪَرين ڪُهُ نہ سَلامُ؟
ٻيا دَرَ تن حرامُ، اِيُ دَرُ جنِين ديکيو.

بيت - 10

مِٺايان مِٺو گهڻو، ڪَڙو ناھِ ڪَلامُ،
سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.

بيت - 11

پريان سَندي پارَ جي، مِڙيئي مِٺائي،
ڪانهي ڪَڙائي، چَکِين جي چيتُ ڪري.

بيت - 12

ڄاڻي ٻُجهي جَن، توسين سُورَ سَڃَ ڪئي،
تون ڪيئن سنديُون تَن، پَرَ سين پَچارؤن ڪرين.

بيت - 13

تو جنِين جي تاتِ، تن پڻ آھي تنھنجي،
’فَاذۡکُرُونِي اَذکُرۡکُمۡ‘، اِي پَرُوڙِج باتِ،
ھَٿِ ڪاتي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِين جي.

بيت - 14

حَبِيبَن ھيڪار، مَنجهان مِھرَ سَڏُ ڪيو،
سو مون سَڀُ ڄَمار، اورڻ اھوئي ٿِيو.

بيت - 15

پاٻوھي ھيڪارَ، مُون کان پُڇيو سَڄَڻين،
اَلَسۡتُ بِرَبِّڪُمۡ، چَيائُون جنھن وارَ،
سَندي سورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏاھڪُون نہ لھي.

بيت - 16

پاٻوھِيو پُڇَنِّ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ جو؟
نيزي ھيٺان نِيھنَ جي، پاسي پاڻُ نہ ڪَنِّ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُون چي ڳاٽ اَچَنِّ،
ڪُسَڻُ قُربُ جَنِّ، مَرَڻُ تَنِّ مُشاھِدو.

بيت - 17

ڪوٺي ڪُھي سُپرِين، ڪوٺي ڪُھڻَ ساڻُ،
نيزي ھيٺان نِينھنَ جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ! اَجَلَ سامهُون.

بيت - 18

ڪوٺڻُ قَريبَنَ جو، عينُ تَڙڻُ آھِ،
اِيَ اُلٽي ڳالَهڙِي، سِڪَ وَرَندِي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِہ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.

بيت - 19

ڪُھَنّ تان ڪَرَ لَھَنِ، ڪَرَ لَھَنِ تان ڪُھَنِّ،
سيئِي ماءِ! مُھَنّ، سيئي راحتَ رُوحَ جِي.

بيت - 20

ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو قَريبُ،
اِھا عادتَ سِکيو، ھَر زمان حبيبُ،
تِڇي سو طبيبُ سو ئي راحتَ رُوحَ جِي.

بيت - 21

ڪُھَنِّ ۽ ڪوٺين، اِي پَرِ سندي سَڄَڻين،
سؤريءَ چاڙھيو سُپرين، ڏَنڀَ ڏِھاڻي ڏِين،
ويٺا وِرِھُ وَٽِين، آءُ واڍوڙيا! وِھاءِ تُون.

وائي

ٿيندو تَنَ طَبيبُ، دارُون منھنجي دردَ جو،
ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجهَہ جِي، اَچي شالَ عَجيبُ،
پِرِيَنِ اَچِي پاڻ ڪِيو، سَندو غُورُ غَرِيبُ،
ڏُکَندو سڀوئِي ڏُور ڪِيو، مَنجهُون تَنَ طَبيبُ،
اَدِيُون! عبداللطيف چَي، ھاتِڪُ آھِ حَبِيبُ.

سر يمن ڪلياڻ

داستان پھريون
بيت - 1

تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دَردَ جي دَوا،
جانِبَ! منھنجي جِيءَ ۾، آزارَ جا اَنوا،
صاحبَ! ڏي شِفا، ميان! مريضن کي.

وائي

وِرسيا ويڄَ ويچارا! دِلِ ۾ دَردُ پِرِيُنِ جو،
اُٿيو ويڄا! مَ وِھو، وَڃو ڊَبَ کَڻِي،
ٻُڪِي ڏيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي،
آيا جِيءَ جِيارا، دِلِ ۾ دَرِدُ پِرِينِ جو.

داستان ٻيو
داستان ٽيون
داستان چوٿون
بيت - 13

موکِي چوکِي نہ ٿئي، اصل اوڇي ذات،
وَٽيون ڏيئي واتِ، مَتارا جنھن ماريا.

وائي

دوسُ پيھي دَرِ آيو، ٿِيو مِلَڻَ جو ساعِيو،
ڏينھين پُڄاڻُون، آڻي اسان کي مولى مُحِبُ مِلايو،
ويو وِڇوڙو، ٿِيو ميلاپو، واحِدَ واءُ ورايو،
ھو جِنهين جو ڏَسُ ڏؤراڏو، اوڏو اَڄُ سو آيو،
عَبدُاللطِيفُ چي، اَچِي عَجيبَن، پاڻَ فَضُلُ فَرمايو.

داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
بيت - 1

ھَرَ ھَرَ ھَرائِي، وڃڻ دَرِ دوستن جي،
پاڙي ڏانھن پِرين جي، اُڃُ مَ اَوائِي،
اَلڙُ ٿِي آڇِ مَ تون، واٽاڙُن وائِي،
لائِيندءِ، لَطِيفُ چي، سُوران سَرھائِي،
ڳُجهو ڳالهائِي، پِرتِ وَٽجي پاڻ ۾.

وائي

يار سڄڻ جي فراقَ، ڙي جيڏيُون! آئُون ماري!
دَرِ دوسَن جي ڪَئِين جو ھوندا، مُون جيھا مُشتاقَ،
جاٿي ڪاٿي محبوبن جي، آھ حُسنَ جي ھاڪَ،
سُرمو سھِي ڪر اکين جو، خاص پِريان جي خاڪ،
عَبدُاللَطِيفُ چئي، پرين اَسانجو ھميشه حُسناڪ.

سر کنڀات

داستان پھريون
بيت - 1

ڀَلائِي آھِين، پِرِين ڀَلائِيءَ پانھنجي،
سَٻاجها سِرِ چَڙهئو، ڏوراپا نہ ڏين،
مان ڏي مَديُون ٿِينِ، سَڄَڻَ سَڄايُن ۾.

بيت - 18

کَڻِي نينَ خُمارَ مان، جان ڪيائون نازُ نَظَرُ،
سُورجَ شاخُون ڄُڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِب ٿيا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جهَڪو ٿئو جوھَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.

وائي

وَھَلَڙي وَؤن مَ وِھامِي، رَھُ راتِ، رائِينديَسِ پرينءَ کي،
شمَعَ ٿينديس شَب ۾، اِنَ خوشيءَ کان کامي،
رَھُ راتِ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
بابُوئَنِ سَنديءَ باھِ جان، ٻَران شالَ اُجهامِي،
رَھُ راتِ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
پَرِتِ جا پِيتَمَ جي سا ڪِينَ پُروڙي عامِي،
رَھُ راتِ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
مون کي مون پِريَنِ جو، آهي دَردُ دَوامِي،
رَھُ راتِ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
روشَنُ ٿِيان رُڃُنِ ۾، جي ھُئان لَنؤ اِنهي لامِي،
رَھُ راتِ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
ڪارِي سا قِيامَ سَئِين، آھِ ھوتُ جنھن جو حامِي،
رَھُ راتِ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
آيَمِ تِھن لوڪَ سان، جيسِين مون چَوَنِ سامِي،
رَھُ راتِ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.

سر سُھڻي

داستان پھريون
بيت - 1

وَھُ تِکَ، واھُڙَ تِکَ. جِت نِينھُن، تِکَ نرالِي،
جن کي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خِلوَتَ خِيالِي،
وارِيين سي والِي، ھنيڙو جِنين ھَٿِ ڪئو.

بيت - 10

وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪري،
گِهڙي گَهڙو ھَٿِ ڪري، سُڻي سانجِهيءَ ٻانگَ،
سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساھَڙُ سُپِرِين.

وائي

ڪھڙي منجِهہ حِسابَ، ھوئَڻُ منھنجو ھوت ري،
گولي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونهي سُول ثَوابَ،
ھوئَڻُ منھنجو ھوت ري.
نَہ ڪِي تَفاوَتَ ۾، نَہ ڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
ھوئَڻُ منھنجو ھوت ري.
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، جُنبَئو مَنجِهہ جِنابَ،
ھوئَڻُ منھنجو ھوت ري.
سو نَہ ڪھِين شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
ھوئَڻُ منھنجو ھوت ري.
ھوءِ جي جَرَڪِئا جَرَ تي، سي تان سَڀِ حُبابَ،
ھوئَڻُ منھنجو ھوت ري.
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏي، رِڙهين ساڻُ رِڪابَ،
ھوئَڻُ منھنجو ھوت ري.
چَنبو وجِهي چورَ کي. آءُ ڇَڙَ عُقابَ،
ھوئَڻُ منھنجو ھوت ري.
ديدُ وِڃاءِ مَ دوستَ جو، ھَلي مَنجِهہ حِجابَ،
ھوئَڻُ منھنجو ھوت ري.
ڪَسرَتَ آھي قُربَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
ھوئَڻُ منھنجو ھوت ري.
فنا وِجِهي فَمَ ۾، ڪَارڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ھوئَڻُ منھنجو ھوت ري.
ڏي طَھُورا تَن کي، جي سِڪا لاءِ شَرابَ،
ھوئَڻُ منھنجو ھوت ري.
مُٺيءَ ڪِيا مَرضَ ۾، جاڏا سَڀِ جَوابَ
ھوئَڻُ منھنجو ھوت ري.

سُر سارنگ

داستان پھريون
بيت - 1

آگميو آھي، لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چي،
وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرُ سنباھي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.

داستان ٻيو
داستان ٽيون
داستان چوٿون
بيت - 9

موٽِي مانڊاڻنِ جِي، واري ڪِيائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَوڏِس ۽ چوڌارَ،
ڪي اُٿِي ويون اِستَنبولَ ڏي، ڪَنِ مَڻِئا مَغربَ پارَ،
ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھَنِ سَمرقَندِيُنِ سارَ،
ڪي رَمي وِييُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ،
ڪي دِلِي، دکَنِ، ڪي پورب پڇم گُڙَنِ مَٿي گِرنارَ،
ڪَھِين جُنبِي جيسَلميرَ تان، ڏِنا بيڪانيرَ بُڪارَ،
ڪَنِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِين ڍَٽ مَٿي ڪي ڍارَ،
ڪَن اَچِي عُمرَڪوٽَ تان، وَسايا وَلهارَ،
سايم سَدائِين، ڪرِين، مٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسِتَ مٺا دِلدارَ، عالَمَ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.