آگم ڪيو اچن...

عنوان شاھ جو رسالو
شارح / محقق تاراچند شوقيرام آڏواڻي
ڇپائيندڙ ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ
ڇپجڻ جي تاريخ 2021-09-01
ايڊيشن 2

فھرست

ڪلياڻ

فصل پھريون
بيت - 1

اولِ اَلله عليم، اعليٰ، عالم جو ڌَڻِي،
قادرُ پنھنجي قُدرت سين قائم آھِ قديم،
والي، واحِد، وحَدَہُ، رازق رب رحيم،
سو ساراھ سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم جوڙؤن جوڙَ جھانجي.

بيت - 2

وحدہٌ لا شريڪ لهٌ، جان ٿو چئين اِيئن،
تان مڃ محّمد ڪارڻي نرتون منجهان نيھن،
سو تون وَڃيو ڪيئن نائين ڪنڌ ٻين کي؟

بيت - 3

وحدہٌ لاشريڪ لهٌ، جڏهن چيو جن،
تن مڃيو محّمد ڪارڻي ميجان ساڻ ھِنيَنِ،
تَڏھن منجهان تن اَوتڙ ڪو نہ اوليو.

بيت - 4

وحدہٌ لاشريڪ لهٌ، جن اُتو سين ايمان،
تن مڃيو محمد ڪارڻي قلّب ساڻ لِسان،
اوءِ فائق ۾ فرمان، اوتر ڪنھن نہ اوليا.

بيت - 5

اوتڙ ڪنھن نَہ اوليا، ستڙ ويا سالم،
ھيڪائي ھڪ ٿيا، احد سين عالم،
بي بھا بالم آھي ڪِيا اڳھين.

بيت - 6

آگي ڪيا اڳھين نِسوروئي نوُر،
لاخَوفٌ عَليھِم و لاھُم يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سوُر،
مولي ڪيو معمور انگُ اَزلم اُن جي.

بيت - 7

وحدہٌ جي وڍيا الا اللہ سين اورين،
ھِنيون حقيقت گڏيو طريقت تورين،
معرفت جي ماٺ سين ڏيساندر ڏورين،
سُکہ نہ ستا ڪڏهين، ويھي نہ ووڙَين،
ڪُلهئون ڪورين عاشق، عبدالطيف چئي.

بيت - 8

وحدہٌ جي وڍيا الا اللہ اَڌ ڪيا،
محمد رسولُ اللہ چئي مسلمان ٿيا،
عاشق، عبدالطيف چئي، انهين په پيا،
تيلان ڌڻي ڌُئا، جيلان وحدت ويا گڏجي.

بيت - 9

وحدہٌ جي وڍئا ڪيا الااللہ اَڌ،
سي ڌڙ پسي سڌ ڪنهن اَڀاڳي نہ ٿئي.

بيت - 10

وحدہٌ لا شريڪ لهُ ٻُڌءِ نہ ٻوڙا،
ڪي تو ڪنين نہ سُئا، جي گهٽ اُندر گهوڙا،
ڳاڙيندين ڳوڙھا، جت شاھد ٿيندَ ماء سمھان.

بيت - 11

وحدہٌ لا شريڪ لهٌ اھو وھائج وِيُ،
کٽين جي ھارائين، ھنڌ تُنھنجو ھِيَ،
پاڻان چوندُءِ پِيُ، ڀري جام جنت جو.

بيت - 12

وحدہٌ لاشريڪ لهُ، ايُ ھيڪڙائي حقُ،
ٻيائيءَ کي ٻَکُہ، جن وڌو، سي ورِسيا.

بيت - 13

سِرڍونڍيان، ڌڙ نہ لھان، ڌڙ ڍونڍيان، سِرَناِہ،
ھٿ ڪرايون آڱريون ويا ڪپجي ڪانه،
وحدت جي وِھَانءِ، جي ويا، سي وڍيا.

بيت - 14

تون چَو اَللہ ھيڪڙو، وائي ٻي ۾ سِکُہ،
سوئي لکيو لِکُہ، سچو اَکر من ۾.

بيت - 15

عاشق چَوم اُنکي، مڪي چَو معشوق،
خالق چَوم خام تون، مَڪي چَو مخلوق،
سلج تنھن سلوڪ، جو نا قصائي نڱيو.

بيت - 16

وحد تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُ،
حق حقيقي ھيڪڙو، ٻوليء ٻيُ مَ ڀلُ،
ھُو ھلاچو ھُل، بااللہ سندو سڄڻين.

بيت - 17

مروئان، موران، پکڻان، وائي ٻي مَ ڀُل،
ھو ھُلاچو ھُل، بااللہ سندو سڄڻين.

بيت - 18

پاڻهين جل جلالَهٌ، پاڻهين جان جمالُ،
پاڻهين صورت پِرينءَ جي، پاڻهين حُسن ڪَمالُ،
پاڻهين پير مُريد ٿئي، پاڻهين پاڻَ خيالُ،
سڀ سڀوئي حال منجهان ئي معلوم ٿئي.

بيت - 19

پاڻهين ڏئي سنيھڙا، پاڻين اِيُ سلطان،
پاڻ ڪَرَ پاڻَ لھي، پاڻَ سڃاڻي پاڻُ.

بيت - 20

پاڻهين پسي پاڻکي، پاڻهئي محبوب،
پاڻهين خلقي خوب پاڻهين طالب تنجو.

بيت - 21

سوھِيُ، سو ھُوْ، سو اَجَلُ، سو اللہ،
سو پرين، سو پساہ، سو ويري، سو واھرو.

بيت - 22

سوئي ھيڏان، سوئي ھوڏان، سوئي مَنِ وَسي،
سوئي سو پَسي، تنھين سندي سوجهري.

بيت - 23

سائي صورت عَينَ، سائي صورت غينَ،
سمن نقطا دور ڪرو، تہ اُوءَ عين ڪي عين.

بيت - 24

پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائيَ جو جي لھين،
ھُئا اڳهين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻہ ٿيا.

بيت - 25

ايڪ قصر، دَرَ لکہ، ڪوڙين سھسَ گڙکيون،
جيڏان ڪريان پَرکہ، تيڏان صاحب سامهون.

بيت - 26

ڪوڙين ڪايائون، تُنھنجون لِکَن لَکَہ ھزاَر،
جِي سڀڪنھن جيءَ سين، دَرسن ڌاروَن ڌارَ،
پريم تُنھنجا پَار، ڪهڙا چئي ڪيئن چوان.

وائي

سڀڪا پريان ڪون پوڄي،
نينھن نيڻين ڳڙُ ڳالهہ وو،
جا چتايم چت ۾ سڄڻ سا ٿو ٻجهي،
لات جا لطيف جي سڏُ تِنھنجو سُڄي.

وائي

عشق تُساڏي مين گهايل ڪيتي،
وو ميڏي ميان، درد رانجهن دي،
ھيڪ جو اڳيئي سھڻا، ٻيجهي بي پروائي،
ويڄ طبيب پڇندي مين ٿڪي وو.

فصل ٻيو
بيت - 1

اَگهي اگهائي، رنجُ پريان کي رَسيو،
چکيم چڱائي، سورانْگهي سوريء تان.

بيت - 2

انڌا اُنڌا ويڄ، کَلَ ڪُڄاڙيا کانئين؟
اسان ڏُکي ڏيل ۾، تون پيارئين پيڄ،
سوُري جني سيڄ، مرڻ تن مُشاھدو.

بيت - 3

سوُري سڏُ ٿيو، ڪا ھلندي جيڏيون؟
وڃڻ تِن پيو، نالو نِينھَن ڳنهن جي.

بيت - 4

سُوري سڏَ ڪري اُڀي عاشقن کي،
جي اٿئي سَڌ سڪڻ ۾ تہ ڪَو مَ پير پري،
سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻو.

بيت - 5

سُوري آہِ سينگار، اصل عاشقن جو،
مُڙڻ، موٽڻ ميھڻو، ٿيا نظاري نِروار،
ڪُسڻ جو قَرار اصل عاشقن جو.

بيت - 6

سُوري سينگاري اصل عاشقن کي،
لُڏيا ڪين لطيف چئي، ٿيا نيزي نظاري،
ڪوٺيو ڪِناري، آڻيو چاڙهي اُنکي.

بيت - 7

سوريء مٿي سيڻ، ڪھڙي ليکي سنرا؟
جيلَه لڳا نيڻ، تيلَهِ سُوريائي سيڄ ٿي.

بيت - 8

سوُريء چڙھڻُ، سيڄ پسڻُ، اِيُ ڪم عاشقن،
پاھون ڪين پسن، سائُون، ھَلن سامهان.

بيت - 9

سوُري تي سَو وار، ڏينھاڻيون چَنگ چڙهين،
جِمَ وِرچي ڇڏئين، سِڪڻ جي پچار،
پرتِ نہ پَسين پار، نينھن جياءِ نِگيو.

بيت - 10

پھرين ڪاتي پاءِ پڇج پوءِ پريتڻو،
ڏُکُہ پريان جو ڏيل ۾ واڄٽ جئن وڄاءِ،
سيخن ماہُ پچاءِ، جي نالو ڳيڙءَ نِينھَن جو.

بيت - 11

ڪاتيِ ڪونهي ڏوہُ، ڳن وڍيندَڙ ھٿ ۾،
پسيو پر عظيم جي، لِچيو وڃي لوہُ،
عاشقن اندوہُ، سدا معشوقن جو.

بيت - 12

ڪاتي تکي مَ ٿئي، مَرُ مُنيائي ھوءَ،
مانَ وِرمَن توءِ مون پِريان جا ھٿڙا.

بيت - 13

ڪاتي جا قريب جي، سا ھَڏُ چيري چَم،
عاشقن پنھنجو انگ اللہِ ڪارِڻ وڍيو.

بيت - 14

جي تون سِڪڻ سکيو، تہ ڪاتيُ پِئي مَ ڪنجُهہ،
سُپيريانجي سوُر جو ماڻهن ڏِجي نہ مَنجهہ،
اندر ايُ اھنج، سانڍڄ سُکائون ڪري.

بيت - 15

جان وڍيو ھُئين، تان ويھ، نات وٺيو واٽ وَنءُ تون،
ھيء تني جو ڏيه، ڪاتي جَني ھٿ ۾.

بيت - 16

ڪاتي جن ڳَري، مان لَنءُ لڳي تنسين،
محبت جي ميدان ۾ وڃان پير ڀري،
اڏيء سِرُ ڌري، مانَ ڪُھَنِئون سپرين.

بيت - 17

اڳيان اَڏِنِ وٽ، پوين سِرَ سنباھيا،
ڪاٽ تہ پوين قبول ۾، مڇَڻ ڀائين گهٽ،
مٿا مُھاينجا پيا نہ ڏسين پَٽِ؟
ڪلالڪي ھَٽِ، ڪُسڻ جو ڪوپُ وَھي.

بيت - 18

جي اَٿيئي سَڌ سُرڪ ۾، تہ وَئُن ڪلالن ڪاٽي،
لاھي رکہ، لطيف چئي، مٿو وٽ ماٽي،
ٽِڪَ ڏيئي پِڪَ پي تون منجهان گهوٽ گهاٽي،
جو وَرنه وِھاتي، سو سِرَوٽِ سَرو سھانگو.

بيت - 19

جي اَٿيئَي سَڌ سُرڪ۾، تہ وڻن ڪلالڪي ھَٽِ،
لاھي رکُہ، لطيف چئي، مٿو ماٽي وٽ،
سِر ڏيئي ۾ سَٽِ، پيج ڪي پياليون.

بيت - 20

جي اٿيئي سَڌ سُرڪ ۾، تہ وَئُن ڪلالڪي ڪُوءِ،
مھيسر جي منڌ جي ھُتِ ھَڏھين ھُوءِ،
جان رمز پروڙيم روءِ، تان سروٽ سُرڪي سَڳُڻي.

بيت - 21

جي اٿئي سَڌُ سُرڪ ۾ تہَ وَئُن ڪلالِڪي گهر،
وڍڻ، چيرڻ، چچرڻ پَھت اُنجي پَر،
جي وَٽي پويئي وِر، سوکي آہِ، سيّد چئي.

بيت - 22

ناڻي ناہ ڪَڪوہُ، ڪي ملهہ مھانگو مَنڌُ،
سنباھج، سيّد چئي، ڪاٽڻِ ڪارڻ ڪَنڌُ،
ھِيُ تِنھنجو ھنڌ، مٽن پاس مَرن جي.

بيت - 23

عاشق زھر پياڪ، وِہُ ڏسي وِھَسن گهڻو،
ڪڙي ۾ قاتل جا ھميشه ھيراڪ،
لڳين لَنءُ، لَطيف چئي، فنا ڪيا فراق،
توڻي چِڪنِنِ چاڪ، تہ بہ آہَ نہ سَلن عام کي.

بيت - 24

مَڪَر سَڌَ شراب جي، جو تُون ٽارين ٽوُہُ،
پيتي جنھن پاسي ٿئي منجهان رڳن روح،
ڪاٿي چَکُہ ڪَڪوہُ، لاھي سِرَ، لطيف چئي.

بيت - 25

سَڌڙيا شراب جون ڪُهُ پَچارُون ڪن؟
جُه ڪاتَ ڪالالَن ڪڍيا، تہ موٽيو پوءِ وڃن،
پِڪون سي پين، سِر جنجا سَٽِ۾.

بيت - 26

سِرَ جُدا، ڌڙَ ڌار، دوڳہ جنجا ديڳ۾،
سي مَرَ ڪن پچار، حاضر جني ھٿ ۾.

بيت - 27

ديڳين دوڳہ ڪڙھن، جت ڪَڙئين ڪَڙ ڪو نہ لَھي،
تني طبيبن چاڪ چڪندا ڇڏيا.

بيت - 28

سِسي سي گُهرن، جي واڻيندڙ وچ۾،
اوءِ ڪي ٻيو پُڇن، سَروجن سنباھيو.

بيت - 29

اصل عاشق پنھنجي سسي نہ سانڍين،
لاھيو سِرُ، لطيف چئي، ساہ سَلهاڙيو ڏين،
ڪُلهنئون ڪورين پُڇن پوءِ پِرِيتڻو.

بيت - 30

اصل عاشقن جو سِرُ سانڍڻ ڪم،
سَوَ سِسنئان اڳرو سندو دوسان دم،
ھِيُ ھڏو ۽ چم پِڪَ پريانجي نہ پڙي.

بيت - 31

جي مٿي وٽ مِڙن، تہ سڀڪنھن سَڌَ ٿئي،
سر ڏني سٽ جُڙي، تہ عاشق ائن اچن،
لڌاتي لڀن، مُلهہ مھانگا سپرين.

بيت - 32

مُلهہ مھانگو قطرو، سِڪڻ شھادت،
اسان عبادت نظر ناز پرين جا.

وائي

عشق رانجهن دا لڳا مينون ماھي،
راتِيان درد، ڏينھان در ماندي، لوڪان خبر نہ ڪئي،
مونکي مرض ماريو، سڄڻ ھٿ سگهائي،
دارون ھن درد جو آھينتون الٰھي.

وائي

رانجها وو مين تيڏڙي آھيان،
او اي آندي ٻانھي، وو مين تيري واسطي،
ري وو مين پَي وو، مينون نال وِسارنهين،
چيٽڪ لايا وو مينون، ڪوڪ سُڻوايا،
ڪينون شرم اسانڏا ھوءِ تينون،
نامي واسطي ري وو مين پي وو مينون نال وسارنهين.

فصل ٽيون
بيت - 1

اٿياري اُٿي ويا منجهان مون آزار،
حبيب ئي ھڻي ويا پيڙا جي پچار،
طبيبن تَنوار ھڏ نہ وڻي ھاڻ مون.

بيت - 2

ھڏ نہ وڻي ھاڻ مون ويڄن جو وصال،
ھِن منھنجي حال حبيب ئي ھادي ٿيو.

بيت - 3

حبيب ئي ھادي ٿيو، رھَنما راحتَ،
پيڙا نِيَاءِ پاڻسين لائي ڏيئي لَتَ،
سُپرِيان صِحتَ ڏنيم منجهان ڏُکندي.

بيت - 4

اور ڏکندو اُو ٿئي، ھادي جنھن حبيب،
تِر تفاوت نہ ڪري تنھنکي ڪو طبيب،
رھنما رقيب ساٿر آھي سپرين.

بيت - 5

ساٿر صِحت سپرين آھي نہ آزار،
مجلس وير مِٺو ٿئي ڪوٺيندي قهار،
خنجر تنھن خوب ھڻي، جنھن سين ٿئي يار،
صاحب رب ستار سوجهي رڳون ساہ جون.

بيت - 6

رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀڪنھين،
لُڇڻ، ڪُڇڻ، نہ ٿيو جانب ري جواب،
سوئي سَنڌيندم سپرين، ڪَيسِ جنھن ڪباب،
سوئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي.

بيت - 7

سوئي راَہ رد ڪري، سوئي رھنماءُ،
وَتُعِّز مَنۡ تَشَاءُ وَتُذِل مَنۡ تَشَاءُ.

بيت - 8

پَر ۾ پڇيائون عشق جي اسباب کي،
دارون ھن درد جو ڏاڍو ڏسيائون،
’آخر وَاۡلعَصر‘ جو اِينھين اُتائون،
تھاَن پوءِ آءٌ سِڪان ٿي سلام کي.

بيت - 9

سِڪين ڪُهُ سلام کي، ڪرين ڪُهُ نہ سلام؟
ٻيا دَر تن حَرامَ، اِيء در جَني ديکيو.

بيت - 10

مِٺايان مِٺو گهڻو، ڪڙو ناہِ ڪلام،
سُڪوتي سلام پريان سندي پارجو.

بيت - 11

پِريان سندي پار جي مِڙيئي مِٺائي،
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيتُ ڪري.

بيت - 12

ڄاڻي ٻُجهي جن، توسين سُورَ سَڃَ ڪئي،
تون ڪيئن سنديون تن پَرَ سين پچارون ڪرين؟

بيت - 13

تو جنجي تات، تن پڻ آھي تُنھنجي،
فَاذۡ ڪُرۡوني اَذۡ ڪُرۡ ڪُمۡ، اِيَ پروڙج بات،
ھَٿِ ڪاتي، ڳُڙ واتِ، پُڇڻ پَرِ پِريَنَ جي.

بيت - 14

حبيبن ھيڪاَر منجهانِ مِھر سڏ ڪيو،
سو مُون سڀ ڄَمار اورَڻ اُھوئي ٿيو.

بيت - 15

پاٻوھي ھيڪاَر مونکي پڇيو سَڄَڻين،
الۡسُت بِرَبّڪُمۡ چيائون جنھن وار،
سندي سورَ ڪنار، تَنَ تڏاھڪون نہ لھي.

بيت - 16

پاٻو ھيو پُڇن، ڪِٿي ھٽ حبيب جو،
نيزي ھيٺان نيِنھَن جي پاسي پاڻ نہ ڪن،
عاشق اَجل سامهان اونچي ڳاٽ اچن،
ڪُسڻ قُرب جن، مرڻ تَنِ مُشاھدو.

بيت - 17

ڪوٺي ڪُھي سپرين ڪوٺي ڪُھَڻ ساڻُ،
نيري ھيٺان نِينھن جي پاسي ڪَرِمَ پاڻُ،
ڄُلُ وڃائي ڄاڻُ، عاشق اَجل سامهون.

بيت - 18

ڪوٺڻ قريبن جوعين تَڙڻ آہِ،
اَيَ اُلٽي ڳالهڙي، سِڪ ورندي ساہَ،
اَسَرُ ھَڏِ مَ لاہِ ڇِنڻ ڳَنڍڻ اَنِجو.

بيت - 19

ڪُھن تان گَهَڻگُهرا، جان ڪَرَ لھن تان ڪُھن،
سيئي ماءِ مُھنِ، سيئي راحت روح جي.

بيت - 20

ڪُھي سو ڪَرَ لھي، ڪوٺي سو ڪُھي،
سوئي ماءَ مُھي، سوئي راحت روح جي.

بيت - 21

ڪُھي سو ڪَرَ لھي، ڪوٺي سو قريب،
اھا عادت سِکيو ھر زمان حبيب
تِڇي سو طبيب، سوئي راحت روح جي.

بيت - 22

ڪُھن ۽ ڪوٺين، اِيَ پر سَندي سڄڻين،
سوريء چاڙهيو سپرين ڏنڀ ڏھاڻي ڏين،
ويٺا وِرہَ وٽين، آءُ واڍوڙيا وِھاءِ تون.

بيت - 23

شيشہ رابُر کن و برادربِيا،
جام راپر کن و بر خير بيا،
ساقيا بر خيز در در جام را،
خاک بر سرکُن غمِ آيا مرا،
بادہ در دہ چند زين بادِ غُرور،
خاک بر نفس نافرجا مرا،
گرچہ بدنامي است نزِد عاقلان،
مانمي خواہيم ننگ ونا مرا،
ساغرِمي بر کفم نہ تاز سر،
و کشم اين خلق اَزرق فام را.

وائي

عجب نين تيري، سرس نين تيري،
جَلَ وچ کَوَلُ، کَوَلُ وچ مَدُوۡئا،
جون چاند کون بادل گهيري،
چُڻ ڀُڻ کَليان سيجہ وڃا وان آءُ پَي گهر ميري.

يمن ڪلياڻ

فصل پھريون
بيت - 1

تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب منھنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع،
صاحب ڏي شفا، ميان مريضن کي.

وائي

وِرسئا ويڄ ويچارا، دل ۾ درد پرين جو.
اُٿيو ويڄا م ِھو، وڃو ڊڀ کڻي،
ٻُڪي ڏيندا ٻاجهہ جي، آيا سور ڌڻي،
آيا جيء جيارا.

فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
بيت - 14

موکي چوکي نہ ٿئي، اصل اوڇي ذَات،
وَٽيون ڏيئي وات، متارا تنھن ماريا.

فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون
فصل اٺون
بيت - 1

ھَرھَر ھَرائ وڃڻ در دوستن جي،
پاڙي ڏانھن پرين جي، اُجهہ م اوائ،
الڙ ٿي م آڇ تون، واٽاڙنِ وائ،
لائيندءِ لطيف چئي، سُوران سرھائي،
ڳجهو ڳالهائي، پرت وٽجي پاڻ۾.

کنڀات

فصل پھريون
بيت - 1

ڀلائي آهِين، پرين ڀلائيءَ پانھنجي،
سَٻاجها سِرِ چَڙهيو، ڏوراپو نہ ڏين،
مان ڏي مديون ٿين، سڄڻ سڄاين۾.

بيت - 19

کڻي نيڻ خمار مان ناز ڪيائون نظر،
سورج شاخون جَهڪيون ڪوماڻو قمر،
تارا ڪَتيون تائب ٿيا ديکيندي دلبر،
جهڪو ٿيو جوھر جانب جي جَمال سين.

وائي

وَھلي وَنءُ مَ وھامِي، رھ رات، رائينديس پرينءَ کي.
شمع ٿينديس شب ۾ ان خوشيءَ کان کامي،
بابوئَن سندي باھ جئن ٻران شال اُجهامي!
پرت جا پيتم جي سا ڪين پروڙي عامي،
مون کي مون پرينءَ جو آهي درد دوامي،
آھيان يار سيد جو ڪان رھي ڪا خامي،
هُوءَ جو لَئُن، لطيف جي مونکي آھي مدامي،
روشن ٿيا رڃن۾ جي ھيا لئَي انهين لامي،
ڪاري سا قيام سنئَين ھوت جنھنجو حامِي،
آيم تنھن لوڪ سان جي سي مان چَونِ سامِي.

فصل ٻيو

سراڳ

فصل پھريون
بيت - 1

مانَ پُڇنيئَي سُپرين، چِتان لاھ مَ چُر،
اُنهيءَ جا امر، کڻ تہ خالي نہ ٿئين.

بيت - 3

مان پڇنيئي سپرين، چت ۾ رکج چيت،
سِرُ ڌئاري صاف ڪر، صابڻ سان سُپيت،
سامونڊي سُچيت، ٿي تہ پھچين پارَ کي.

وائي

سھسين شُڪرانا،
ڪوڙِيين ڀالَ ڪريم جا،
حمد چئج حڪيم کي، زور هڻي جانا،
تون ڏيکارين تون ڌڻي، باطن جا بانا،
متان، مرد وسارِئين صاحب جو ثنا،
دوست رکي دل۾ پڙه لالَنُ لِسانا،
جفا ڏيئي جيءَ کي ٿي فڪر منجهہ فنا،
تُسي تو سين تَوہُ ڪري، آگو احسانا،
ڪڍ تون دغا دل مان ٻانهپ سين ٻانا،
صاحبَ وڻي سچ سين ٿيء دانَهُ، ديوانا،
جي تسليم سين تحقيق هوا سي ڪئن اَمانا،
جاڳيا جي جبار ليء سيئي سَمانا،
فَاذ ڪُروني اَذڪُرڪُم، ڪَھيو قُرآنا،
وَاشڪروا لي وَلاتڪفرون، ڪڍ تون ڪُفرانا،
سڀ سنوريا سپرين، قَوال تو ڪنا،
چڱي چئج چاه سين، مَدَح اِيء منا،
تائب ٿيو تڪڙا، جوشا، جوانا!
لھين تون لطيف کان، اَمن اِيمانا.

وائي

مون ۾ تون موجود، آءٌ اڳاھين آھيان،
اکيون اکڙين کي، سڪيو ڪن سُجود،
تيلانه رسيون بُودَ کي جيلانه ٿيون نابود،
ماڻهن جي موٽڻ جو صاحب ھٿ سُجود،
ان درِ سيئَي اَگهيا، جن وڃايو وجود.

فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون

سامونڊي

فصل پھريون
بيت - 1

پڳَهَ پاسي گهارِ، آيِل سامونڊين جي،
وجهي جيُ جنجار، جِمَ وڃنيئ اوھري.

وائي

آيل ڪريان ڪئن، منھنجو نينھن اَپليو نہ رهي،
ويو وڻجارو نڪري، مونکي چاڙهي چيئَن،
سامونڊين جي سڱ کي، رئان راتو ڏينھن،
اڏوهي جيئَن ڏکڙا، چڙهيا چوٽيءَ سينئَن،
گوندر مٿان جندڙي وريا ولين جئن،
مادر پائي منڊيون، وڃان هادئ سيئَن.

فصل ٻيو
فصل ٽيون

سھڻي

فصل پھريون
بيت - 1

وَہَ تِکَہ، واهڙ تکہ، جت نِينھن، تکہ نرالي،
جنکي عشق عميق جو، سي خلوت خيالي،
وارئين سي والي، هيئَنڙو جن هٿ ڪيو.

بيت - 15

وڻن ويٺا ڪانگ، وچي ٿي ويلا ڪري،
گهڙي گهڙو ھٿ ڪري، سڻي سانجهئ ٻانگہ،
سي ئي ڍونڍي سانگہ، جتي ساھڙُ سُپرين.

وائي

ڪھڙي منجهہ حساب، ھوئڻ منھنجو ھوت ري،
گولي ڀڄ گناھ کان، ڪونهي سُول ثواب،
نڪي تقاوت ۾، نڪي منجهہ رباب،
خُديائي خوب ٿي؛ لائين جي لعاب،
پلِيتُئ پاڪ ٿي، جَنبِيو منجهہ جناب،
سو نہ ڪنھن شيَ ۾، جيڪي منجهہ تراب،
جي جهر ڪيا جرتي، سي تان سڀ حباب،
ھاديءَ سين ھن پار ڏي، ريڙهين ساڻ رڪاب،
چنبو وجهي چور جيئَن، آءُ ڇڙ عقاب،
ديد وڃايم دوست جو، ھلي منجهہ حجاب،
ڪسرت آھي قرب ۾، ادغا ۾ اعراب،
فنا وجهي فَم۾، ڪارڻ ٿئ ڪباب،
ڏي طَھُورا تنکي، جي سڪن لاءِ شراب،
ھوئڻ منھنجو ھوت ري، ڪھڙي منجهہ حساب،
مُٺيءَ ڪيا مرض ۾، يا وَہ سڀ جواب.

فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون
فصل اٺون
فصل نائون
ابيات مُتفرّقہ

سارنگ

فصل پھريون
بيت - 1

آگَمِئو آھي، لَڳهَ پَسُ لطيف چَئي،
وَٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪڍو ڌڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇڏي پَٽِ پَئو، سَمر سنباھي،
وھو مَ لاھي، آسرو الله مان.

فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
بيت - 13

موٽي مانڊاڻنجي، واري ڪياءِ وارَ،
وڄون وَسڻ آئيون، چَوڏس ۽ چَوڌارَ،
ڪي اُٿي ويئيون استنبول ڏي، ڪن مڃيا مغرب پارَ،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لھن سمرقنديُنِ سارَ،
ڪي رمي وييون روم تي، ڪي ڪابل، ڪي قنڌارَ،
ڪي دھلي، ڪي دَکنِ، ڪي گُڙَنِ مٿي گِرنارَ،
ڪِنھين جُنبي جيسلمير تان، ڏِنا بيڪانير بُڪارَ،
ڪنھين ڀُڄُ ڀِڄائيو، ڪنھين ڍٽ مٿي ڪي ڍارَ،
ڪن اچي عمرڪوٽ تان، وَسايا وَلهارَ،
سانيَمِ سداءِ، ڪرين، مٿي سنڌ سُڪارَ،
دوستَ تون دلدارَ، عالم سڀ آباد ڪرين.

ڪيڏارو

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون

سسئي (آبري)

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون
فصل اٺون
فصل نائون
فصل ڏھون
فصل يارھون
ابيات مُتفرّقہ
ٽيھ اکرِي

معذوري

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون

ديسي

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون

ڪوھياري

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون

حسيني

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون
فصل اٺون
فصل نائون
فصل ڏھون
فصل يارھون
فصل ٻارھون

سورٺ

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون

بيراگ سنڌي

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
ابيات مثنوي

ابيات مثنوي

ھير رانجهو

فصل پھريون

بروو سنڌي

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون

مومل راڻو

فصل پھريون
بيت - 1

شمع ٻاريندي شَبَ، پرِہَ باکُون ڪڍيون،
موٽ مَران ٿي مَينڌَرا، راڻا ڪارڻ ربَّ،
تُنھنجي تات طَلَب، ڪانگَ اُڏايَم ڪاڪِ جا.

فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون

کاھوڙي

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون

رام ڪلي

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون
فصل اٺون
فصل نائون
ٽيھ اکرِي

رپ

فصل پھريون
فصل ٻيو

ليلان چنيسر

فصل پھريون

بلاول

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون

ڏھر

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون

ڪاپائتي

فصل پھريون
مَتِ

پرڀاتي

فصل پھريون

گهاتُو

فصل پھريون
بيت - 2

گَهنگَهرِيا گَهڻَ ڄاڻَ، موڙهي مَتِ مَھائِيين،
وِيا گڏجي وِيرِ۾، پيا مُنھِن مِھرانَ،
اَڳيان پويان ٽاڻَ، ويا ويچارن وِسري.

وائي

جيڪس جَهليا مَڇَ، گهاتو گَهرِ نہ آئيا.
ڪاھي وڃو، ناکُئا ڪَريو بُري تي بَڇَ،
ڪاٿي سَنديُنِ ڪُنڊيون، ڪاٿي سَندَن رَڇَ؟
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍو، اٿَوَ اَڳيان اَڇَ،
اديون عبداللطيف چئي، سَڀ لَگِهيندا ڇَڇَ.

سِينھُن ڪيڏارو

فصل پھريون

آسا

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون

مارئي

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون
فصل اٺون
فصل نائون
فصل ڏھون
فصل يارھون
فصل ٻارھون

ڍول مارئي

فصل پھريون

ڌَناسَري

فصل پھريون
فصل ٻيو

پُوربُ

فصل پھريون
فصل ٻيو

ڪاموڏُ

فصل پھريون
فصل ٻيو

ڪارايل

فصل پھريون
فصل ٻيو

بَسَنتُ وَ بَھارُ

فصل پھريون