آگم ڪيو اچن...

عنوان شاھ جو رسالو
شارح / محقق مرزا قليچ بيگ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڇپجڻ جي تاريخ 2007-01-01
ايڊيشن 2

فھرست

سُر ڪلياڻ

فصل پھريون
بيت - 1

اَولِ اَللهُ عَلِيمُ، اَعلي‏ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيَ قُدرتَ سين، قائمُ آھ قَدِيمُ،
والِي، واحِد، وَحَدہُ، رازقُ، ربُ رحيمُ،
سو ساراھ سچو ڌڻي، چئي حمدُ حڪيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪريمُ، جوڙون جوڙَ جَھانَجي.

بيت - 2

جوڙي جوڙ جھان جي جڏھن جوڙِيائين،
خاوند خاص خلقي محمد ﷺ مڪائين،
ڪلمو تنھن ڪريم تي چٽو چايائين،
انا مولاک و انت محبُوبي اِئين اتائين،
ڏکي ڏنائين، ٻئي سرائون سيد چئي.

بيت - 3

جوڙي جوڙ جھان جي پاڻ ڪيائين پروارِ،
حامي ھادي ھاشمي سردارين سردارِ،
سونھي صحابَن سٿ ۾ منجه مسجد مڻيادارِ،
چارئي چڱا چوڌار، ھوا ھيڪاندا حبيب سين.

بيت - 4

وحده لاشريڪ له چؤ چوندو آءُ،
فرض واجب سنتون تنئون ترڪ مپاءِ،
توبَه سندي تسبيح پڙھي سا پڄاءِ،
نگا پنھنجي نفس کي ڪا سئين راھ سونھاءِ،
سپيريان جي ڳالهڙي ھيءَ ھنين سين لاءِ،
تہ سندي دوزخ باھِ، تو اوڏيائي نہ وڃي.

بيت - 5

وحده لاشريڪ له، جان ٿو چئين اِينئن،
تان مڃ محمدﷺ ڪارڻي نرتون منجھان نِينھن،
سو تون وڃيو ڪيئن نائين ڪنڌ ٻين کي؟

بيت - 6

وحده لاشريڪ له، جڏھن چيو جنِ،
تن مڃيو محمد ﷺ ڪارڻي ھيجان ساڻُ ھنينِ،
تڏھن منجھان تن اوتڙ ڪونہ اوليو.

بيت - 7

وحده لاشريڪ له، جنِ اتو سين ايمانَ،
تنِ مڃيو محمدُ ﷺ ڪارڻي قلبَ ساڻ لسان،
اوءِ فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنھن نہ اوليا.

بيت - 8

اوتڙ ڪنھن نہ اوليا، ستڙ ويا سالم،
ھيڪائي ھڪ ٿيا احد سين عالم،
بي بھا بالم آگي ڪيا اڳھين.

بيت - 9

آگي ڪيا اڳھين نسوروئي نور،
لاخوف عليھم ولاھم يحزنون، سچن ڪونھي سور،
مولي ڪيو معمور انگ ازل۾ ان جي.

بيت - 10

وحده جي وڍيا الاّالله سين اورينِ،
ھنيون حقيقت گڏيو طريقت تورينِ،
معرفت جي ماٺ سين ڏيساندر ڏورينِ،
سکھ نہ ستا ڪڏھين، ويھي نہ ووڙين،
ڪلھنون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي.

بيت - 11

وحده جي وڍيا اِلاالله اڌ ڪيا،
محمد ﷺ رسول الله چئي مسلمان ٿيا،
عاشق، عبداللطيف چئي، اِنھين په پيا،
تيلان ڌڻي ڌئا، جيلان وحدت ويا گڏجي.

بيت - 12

وحده جي وڍيا ڪيا اِلاّالله اڌ،
سي ڌڙ پسي سڌ، ڪنھن اڀاڳي نہ ٿئي.

بيت - 13

وحده لاشريڪ له، ٻڌئي نہ ٻوڙا،
ڪي تو ڪنين نہ سئا، جي گھٽ اندر گھوڙا،
ڳاڙيندين ڳوڙھا، جت ِ شاھد ٿيندئي سامھان.

بيت - 14

وحده لاشريڪ له، اِھو وھائج ويُ،
کٽين جي ھارائيين، تہ ھنڌ تنھنجو ھي،
پاڻان چوندءِ پِي، ڀري جام جنت جو.

بيت - 15

وحده لاشريڪ له، اِي ھيڪڙائي حق،
ٻيائيءِ کي ٻکھ، جنِ وڌو سي ورسيا.

بيت - 16

سر ڍونڍيان، ڌڙ نہ لھان، ڌڙ ڍونڍيان، سر ناهِ،
ھٿ ڪرايون آڱريون ويا ڪپجي ڪانهِ،
وحدت جي وھانءَ، جي ويا سي وڍيا.

بيت - 18

عاشق چو م انکي، مڪي چؤ معشوقُ،
خالق چؤ م خام تون، مڪي چؤ مخلوق،
سلجھ تنھن سلوڪ، جو ناقصائي نڱيو.

بيت - 19

وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،
حق حقيقي ھيڪڙو، ٻوليءَ ٻيءَ م ڀل،
ھو ھلاچو ھل، باالله سندو سڄڻين.

بيت - 20

چئي تون الله ھيڪڙو وائي ٻي وسار،
تن ۾ تند تنوارِ، سدا سپيرين جي.

بيت - 21

چؤ تون الله ھيڪڙو ٻي وائي وساري ڇڏِ،
او تان توسين گڏِ، سڄڻ ساھ پساھ ۾.

بيت - 23

پاڻھئين جل جلاله، پاڻھئين جان جمال،
پاڻھئين صورت پرينءَ جي، پاڻھئين حسن ڪمال،
پاڻھئين پِير مريد ٿئي، پاڻھئين پاڻ خيال،
سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.

بيت - 25

پاڻھئين پسي پاڻ کي، پاڻھئي محبوبُ،
پاڻھين خلقي خوبُ پاڻھين طالب تنجو.

بيت - 26

سو ھي، سو ھو، سو اجل، سو الله،
سو پرين، سو پساھ، سو ويري، سو واھرو.

بيت - 29

پڙاڏو سو سڏ ور وائيءَ جو جي لھين،
ھئا اڳھين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻہ ٿيا.

بيت - 30

ايڪ قصر، در لک، ڪوڙين سھس ڳڙکيون،
جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن صاحبِ سامھون.

بيت - 31

ڪوڙين ڪايائون، تنھنجون لکن لکھ ھزار،
جِيءُ سڀڪنھن جيءَ سين، درسن ڌارو ڌار،
پريم تنھنجا پار، ڪھڙا چئي ڪيئن چوان.

وائي

سڀڪا پرين ڪون پوڄي،
نينھن نيڻين ڳڙ ڳالهہ وو:
جا چتايم چيم سڄڻ سا ٿو ٻجھي،
لات جا لطيف جي سڏ تِنھنجو سڄي.

وائي

وائي-2
عشق تساڏي مين گھايل ڪيتي،
وو ميڏي ميان، درد رانجھن دي،
ھيڪ جو اڳيئي سھڻا، ٻيجهي بي پروائي،
ويڄھ طبيبَ پڇندي مين ٿڪي وو.

فصل ٻيو
بيت - 1

اگهي اگهائي، رنج پريان کي رسيو،
چکيم چڱائي، سورانگھي سوريءَ تان.

بيت - 2

انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪڄاڙيا کانئين؟
اسان ڏکي ڏيل ۾، تون پيارئين پيڄ،
سوري جني سيڄ، مرڻ تن مشاھدو.

بيت - 3

سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا ھلندي جيڏيون؟
وڃڻ تن پيو، نالو نينھن ڳنھنِ جي.

بيت - 4

سوري سڏ ڪري اڀئ عاشقن کي،
جي اٿيئي سڌ سڪڻ ۾ تہ ڪو م پير پري،
سسي ڏار ڏري، پڇج پوءِ پريتڻو.

بيت - 5

سوري آه سينگار، اصل عاشقن جو،
مڙڻ، موٽڻ ميھڻو، ٿيا نظاري نروار،
ڪسڻ جو قرار، اصل عاشقن جو.

بيت - 6

سوري سينگاري اصل عاشقن کي،
لڏيا ڪين لطيف چوي، ٿيا نيزي نظاري،
ڪوٺيو ڪناري، آڻيو چاڙھي ان کي.

بيت - 7

سوريءَ مٿي سيڻ، ڪھڙي ليکي سنرا؟
جيله لڳا نيڻ، تيله سوريائي سيج ٿي.

بيت - 8

سوريءَ چڙھڻ، سيج پسڻ، اِي ڪم عاشقن،
پاھون ڪين پسن، سائون ھلن سامھان.

بيت - 9

سوريءَ تي سو وار، ڏينھاڻيون چنگ چڙھين،
جِم ورچي ڇڏئين، سڪڻ جي پچار،
پرتِ نہ پسين پار، نينھن جياءِ نڱيو.

بيت - 10

پھرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو،
ڏک پريان جو ڏيل ۾ واڄٽ جئن وڄاءِ،
سيخن ماه پچاءِ، جو نالو ڳيڙوءَ نينھن جو.

بيت - 11

ڪاتيءَ ڪونھي ڏوه، ڳن وڍيندڙ ھٿ۾،
پسيو پير عظيم جي، لچِيو وڃي لوه،
عاشقن اندوه، سدا معشوقن جو.

بيت - 12

ڪاتي تکي م ٿئي، مر منيائي ھوءِ،
مان ورمن توءِ مون پريان جا ھٿڙا.

بيت - 13

ڪاتي جا قريبَ جي، سا ھڏ چيري چم،
عاشقن پنھنجو انگھ الله ڪارڻ وڍيو.

بيت - 14

جي تون سڪڻ سکيو، تہ ڪاتيءَ پئي م ڪنجه،
سپيريان جي سور جي ماڻھن ڏجي نہ منجه،
اندر اِي اھنج، سانڍج سکائون ڪري.

بيت - 15

جان وڍيو ھئين، تان ويھ، نات وٺيو واٽ ونءُ تون،
ھي تني جو ڏيھ، ڪاتي جني ھٿ۾.

بيت - 16

ڪاتي جن ڳري، مان لنءُ لڳي تنسين،
محبت جي ميدان ۾، وڃان پير ڀري،
اڏيءَ سر ڌري، مان ڪھنئون سپرين.

بيت - 17

اڳيان اڏن وٽ، پوين سر سنباھيا،
ڪاٽ تھ پوين قبول۾، مڇِڻ ڀائين گھٽِ،
مٿا مھاينجا پيا نہ ڏسين پٽِ؟
ڪلالڪي ھٽِ، ڪسڻ جو ڪوپ وھي.

بيت - 18

جي اٿيئي سڌ سرڪ۾ تہ وئن ڪلالن ڪاٽي،
لاھي رکھ، لطيف چئي، مٿو وٽ ماٽي،
تِڪ ڏيئي پڪ پِي تون منجهان گهوٽ گهاٽي،
جو ورنه وھاٽي، سو سر وٽِ سرو سھانگو.

بيت - 19

جي اٿيئي سڌ سرڪ۾، تہ وئن ڪلالڪي ھٽِ،
لاھي رکھ، لطيف چئي، مٿو ماٽي وٽ،
سر ڏيئي ۾ سٽِ، پيج ڪي پياليون.

فصل ٽيون

سُر يمڻ ڪلياڻ

فصل پھريون
بيت - 3

تون حبيب، تون طبيب، تون ھين ڊَٺَن ڊَڀُ،
تون ڏئين، تون لاھئَين، تون ھِين ھادي رَبُ،
آھِم اِيُ عَجب، جئَن واريو ويڄَ وھارئين.

بيت - 4

تون حبيب تون طبيب، تون دارُون کي دَردَن،
تون ڏئين، تون لاھِئَين، ڏاترَ کي ڏُکندن،
تڏھن ڦَڪِيون فَرق ڪن، جڏھين امر ڪريو انکي.

بيت - 6

جان ڪي ڪَري طبيبُ، دارُون ھِن دَردَ جا،
ھَڻيو سي حبيبُ، اُکوڙيو اَڌَ ڪري.

بيت - 7

ھَڻُ حبيب ھَٿُ کڻي، ٿيڪَ مَ ٿورو لاءِ،
پِريِن تُنھنجي گهاءِ، جي مران تہ مانُ لھان.

بيت - 8

ھَڻُ حبيب ھٿ کِڻي، دل ۾ ديري دانھن،
ڪڇان تان ڪوڪ ٿِئَي صبر آءُ نہ سَھان،
ڪِنھِنکي ائين چُوان تہ مون کي ماريو سَڄڻين.

بيت - 9

ھڻ حبيبَ ھٿ کڻي ٻنگا لَھِي ٻاڻ،
ماڳِھِين مون مِنھن ٿِئي، جهولِيءَ وجهان پاڻ،
اِن پر ساجَن ساڻ، مان مقابلو مون ٿِئي.

بيت - 10

جِت حبيبَ ھڻن، نائُڪَ ڀري نِينھَن جي،
تِتي طبيبن وڄا وڃي وسَري.

بيت - 11

ھَڻي جي حبيبُ، محبتي مَيا ڪَري،
پُڇان ڪينَ طبيبُ، ھوند گهائَن سين ٿي گهاريان.

بيت - 12

چوري چَنگ ٻَنگُ لھي حبيبن ھَنيوس،
ٻُجهان ٻاڻُ لڳوس، ڪاناريو ڪَرُ کڻي.

بيت - 13

ڪاناريا ڪُڻڪَن جَني لوھَ لِڱن ۾،
محبت جي ميدان ۾ پِيا لال لُڇَن،
پاڻهين ٻَڌَن پَٽِيون پاڻِهين چِڪيا ڪَن،
وَٽان وَڍوڙيَن رَھِي اچجي راتڙِي.

بيت - 14

رھي اچجي راتڙِي، تَن وڍوڙِين وَٽان،
جَن کي سُورُ سَريرَ ۾ گَهٽَ منجهاران گهاءُ،
لِڪائي لوڪان، پاڻهين ٻَڌن پَٽيون.

بيت - 15

اڄ پڻ ڪَنجهو ڪَنجهہ، واڍوڙَڪي مَنَھِين،
جُہ پڻ پِييَن سَنجَهہ، ھو پِنيون ھو پَٽِيُون.

بيت - 16

اڄ پڻ ڪھڙِي دَانھَن، واڍوڙَڪِيَ مَنَھِين،
ويڄَ ورائي ٻانھَن، چوري چاڪَ نِھاريا.

بيت - 17

ويچارا واڍوڙ، سدا شاڪـِر سور سين،
تاڻـِين مٿي توڙ، اوري ڪن نھ آسرو.

بيت - 18

سدا آھي سور جي واڍوڙيـَن وائـِي،
جيڪا اٿن من ۾ سـَلـِن نھ سائـِي،
اوڙڪ اھائـِي ڳوليو لھن ڳالھڙي.

بيت - 19

سگھن سڌ نھ سور جـِي تھ گھايل ڪـِيئـَن گھارين،
پـِئل پاسو پٽ تـِي واڍوڙيـَل نھ وارين،
پـَر ۾ پچـَن پـِرينءَ لـَئي ھي ھنجـُھون ھارين،
سڄـَڻ جي سارين تن رويو وھامي راتڙي.

بيت - 20

سـَگـَھـِن سڌ نھ سـُور جـِي ٿا رنڪن رنجـُوري،
پـِيا آھـِين پـَٽ ۾ مـَٿـِن مامـُوري،
لڳـِيـَن لئـُن لطيف چـَئي، سـَدا جـِي سوري،
پـِرت جـَن پـُوري، تـَن رويو وھامي راتڙي.

بيت - 21

سـَدا آھي سور جـِي رنجـُورن رڻڪ،
ڪنھن جِنھن ڏکھ ڏسائيا لٿِين ڪين چڻڪ،
ان ڀلاري ڀڻڪ، ھيڪـَر حـُضوري ڪـِيا.

بيت - 23

آيل ان نھ وسـِھـَان، ھنجھون جي ھارين،
آڻـِيو آبُ اکـِين ۾ ڏيه َ کي ڏيکاريـِن،
سـَڄڻ جي سارين، سي نڪي رون نھ چون ڪي.

فصل ٻيو
بيت - 1

تن طبيبُ نھ تون، جو سڌ نھ لھين سور جـِي،
سانڍ پنھنجا ڊڀڙا، کڏ کـَڻـِي ۾ ڀون،
ڪان گھـُرجي مون، حياتـِي ھوتـَن ري.

بيت - 2

ويڄن سين وائـِيءَ پـِيا ڪري نھ ڪـِيائـُون،
جـِي پند پاريائـُون تھ سـِگھائـِي سگھا ٿيا.

بيت - 3

ويڄن سين وائـِيءَ پـِيا، ڪري ڪن نھ پاڻ،
اگھا اِن اھڃاڻ، پسو سور سـِجھائيا.

بيت - 4

آھي گھڻو اگھن جو تـَرس طـَبـِيبن،
ڪيو وس ويڄن، تان ڪريءَ ري ڪـِين ٿـِئـَي.

بيت - 5

اگھائـِي سـَگھا ٿـِيا، جي ويٺا وٽ ويڄـَن،
ترسـِي طبيبـَن چيٺي ھوند چِـَڱا ڪيا.

بيت - 19

ترس طبـِيبـَن جو جڏن ڪـِيپر نھ ياد،
جو ويڄن جي واتِ، دارون تـِنھن درس ڪـِيا.

فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون
فصل اٺون

سُر کنڀات

فصل پھريون
فصل ٻيو

سُر سراگ

فصل پھريون
وائي

مون ۾ تون موجود، آءٌ آڳاھين آھيان.
اکيون اکڙين کي سِڪيو ڪَن سُجودُ،
تيلانه رسيون بُودَ کي جيلانه ٿيون نابُودُ،
ماڻُهن جي موٽڻ جو صاحبَ ھٿِ سُجودُ،
ان درِ سيئَي اَگهيا، جن وڃايو وجودُ.

فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون

سُر سامونڊي

فصل پھريون
بيت - 2

پَڳَه پاسي پَچِ، آيل سامونڊين جي،
مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنئ اوھري.

فصل ٻيو
فصل ٽيون
بيت - 8

ڏٺـِي ڏياري، سامـُونڊين سـِڙھ سنباھيا،
وجهيو ور ونجهہ کي روئي وڻجاري،
ماريندئي ماري، پـِرھ سور پرين جو.

سُر سھڻي

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون
فصل اٺون
فصل نائون

سُر سارنگ

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون

سُر ڪيڏارو

فصل پھريون
بيت - 1

ڏِٺو مُحَرمُ ماهُ، سَونڪو شـَھزادَن ٿيو،
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، پاڻَ وَڻنديون جو ڪَري.

فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون

سُر سَسَئي (آبري)

فصل پھريون
بيت - 1

اول آخـِر آه هلڻ منهنجو هوت ڏي،
پورهيو سندو پورهيتين والـِي ڪـِيم وڃاءِ،
ٿـَڪي ٿورو لاءِ، جـِيئن جـِئري مـِلي جـَت کي.

فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
بيت - 1

مري جـِي ته ماڻئين جانـِبَ جو جمال،
ٿـِئين هوند حلال، جي پند اِهائـِي ڀارئين.

فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون
فصل اٺون
فصل نائون
فصل ڏھون
فصل يارھون
ابيات مُتفرقہ
ٽيھ اکري

سُر معذوري

فصل پھريون
بيت - 1

هلندي هوت پنهون ڏي، کهـِجن ڪي کوٽـِيون،
پاهڻ تـَن پٽ ٿئي، جي لـَئ لالن لوٺـِيون،
سڀ سهيليون سـِڪ کي چـُنجهون ۽ چوٽـِيون،
ٻانڀڻ ٿي ٻوٽـِيون، ته ڪتا کـِينئـِي ڪيچ جا.

فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون

سُر ديسي

فصل پھريون
بيت - 1

مُٺـيَس جَھـِل مَھارَ، ڪُٺـِيَس ڪاه مَ ڪَرھو،
مون نماڻي جي نـِجُھري ڀيرو ڪـِـج ڀَتارَ،
ساجَن توھان ڌارَ، ڏِٺم ڏِينھُن قِيام جو.

فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون

سُر ڪوھياري

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون

سُر حسيني

فصل پھريون
بيت - 3

لڙ م لاڙائو ٿـِيو، هلـِي ڪر همت،
سـِـج سامـُهـُون مـُنهن ۾، متان ڪرئين ڪٿ،
سپيريان جي سٿ، ڳاڙهي سڄ ڳالهه مـِـڙين.

فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون
فصل اٺون
فصل نائون
فصل ڏھون
فصل يارھون
فصل ٻارھون

سُر سورٺ

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون

سُر بيراگ ھندي

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون

بيات مثنوي

ابيات

سُر ھير رانجهو

فصل پھريون

سُر بروو سنڌي

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون

سُر مومل راڻو

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون

سُر کاھوڙي

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون

سُر رامڪلي

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون
فصل اٺون
فصل نائون
ٽيھ اکري

سُر رپ

فصل پھريون
فصل ٻيو

سُر ليلان چَنيسر

فصل پھريون

سُر بلاوَل

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون

سُر ڏھرُ

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون

سُر ڪاپائتِي

فصل پھريون
مت

سُر پرڀاتي

فصل پھريون

سُر گهاتو

فصل پھريون

سُر سِينھُن ڪيڏارو

فصل پھريون

سُر آسا

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون

سُر مارئي

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽيون
فصل چوٿون
فصل پنجون
فصل ڇھون
فصل ستون
فصل اٺون
فصل نائون
فصل ڏھون
فصل يارھون

سُر ڍول مارئي

فصل پھريون

سُر ڌناسري

فصل پھريون
فصل ٻيو

سُر پُورَبَ

فصل پھريون
فصل ٻيو

سُر ڪاموڏ

فصل پھريون
فصل ٻيو

سُر ڪارايل

فصل پھريون
بيت - 1

وحده وائـِي x چڙهندي چيائـِين،
سو لـُڙ لنگـِهيائـِين، جـِتي پارکه پکيان.

فصل ٻيو

سُر بَسَنت بَھار

فصل پھريون