آگم ڪيو اچن...

عنوان شاھ جو رسالو
شارح / محقق غلام محمد شاھواڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
ڇپجڻ جي تاريخ 1950-10-06
ايڊيشن 1

فھرست

مقدمه

فصل 1

شاهه عبداللطيف جي سوانح حيات

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جنهن کي ڀٽائي گهوٽ، ڀٽ ڌڻي، لال لطيف ۽ لاکيڻو لال ڪري پڻ سڏيندا آهن، تنهن جي زندگيءَ جو مفصل احوال ڪٿي به قلم بند ٿيل ڪونهي؛ پر سندس حياتيءَ جو ڪجهه قدر احوال هيٺين ڪتابن مان دستياب ٿي سگهي ٿو:

پارسي ۾ ڪتاب، ‘تحفة الڪرام’ جو مير علي شير قانع ٺٽويءَ سن 1767ع ۾ لکيو.

انگريزيءَ ۾ ڪتاب ‘سنڌ ۽ سنڌ ماٿريءَ ۾ رهندڙ قومون’، جو سر رچرڊ برٽن، سن 1801ع ۾ شايع ڪرايو.

شاهه جي سوانح عمري جا سر بارٽل فريئر سن 1801ع کان 1809ع ۾ لکارائي، جا خطي حالت ۾ ڪمشنر جي ڪتب خانه ۾ سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ رکيل آهي.

انگريزيءَ ۾ ڪتاب ‘سنڌ بابت ٿورو ذڪر’ جو ديوان ڏيارام گدومل، ‘سگما’ جي نخلص سان سن 1882ع ۾ شايع ڪرايو.

سنڌيءَ ۾ ڪتاب، ‘احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو’، جو مرزا قليچ بيگ، سن 1887ع م ڇپايو.

انگريزيءَ ۾ ڪتاب، ‘شاهه لطيف جي حياتي، مذهب ۽ شعر’، جو ديون ليلارام سنگ وطڻمل لعلواڻيءَ سن 1890ع ۾ شايع ڪرايو.

شاهه جي رسالي جو ‘مقدمه’ جو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سن 1923ع ۾ ڇپايو.

سنڌيءَ ۾ ‘لطيفي سير’ جو ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ، سن 1927ع ۾ شايع ڪرايو.

انگريزيءَ ۾ ڪتاب، ‘شاهه عبداللطيف ڀٽائي’ جو مسٽر سورلي سن 1940ع ۾ ڇپايو.

ڊاڪٽر گربخشاڻي واري ‘مقدمه’ ۾ ڏنل آهوال کان سواءِ، ٻين سڀني تذڪرن ۾، آکاڻين ۽ افسانن ۽ ڪرامتن ۾ معجزن جو گهڻو احوال درج ٿيل آهي. انهن سڀني نسخن کي مقابل رکي، ڇنڊ ڇانڊ ڪري، مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو.

شاهه عبداللطيف جي شجري ڏسڻ مان معلوم ٿئي ٿو، ته سندس عالي نسب، حضرت محمد ﷺ جن سان وڃيو ملي. سندن وڏا اصل هرات جا رهاڪو هئا، جي نه فقط زهد ۽ تقويٰ ڪري مشهور هئا، پر ججهي دنيوي مال متاع جا پڻ مالڪ هئا. منجهائن مير حيدر شاه، سير ۽ سياحت سانگي هالن مان اچي نڪتو، جت هن جي شاهه محمد هاليءَ جي نياڻيءَ سان شادي ٿي. ٽن سالن ۽ اٺن مينن بعد، پنهنجي والد جي وفات جي خبر ٻڌي، کيس وطن واپس وڃڻو پيو. سندس اسهڻ بعد، کيس پٽ ڄائو، جنهن جي اولاد مان سنڌ جو ناميارو اولياءُ، شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو، ٿي گذريو آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سيد حبيب الله شاهه جو پٽ، سيد عبدالقدوس شاهه جو پوٽو، سيد جمال شاهه جو پڙ پوٽو ۽ شاهه ڪريم جو تڙ پوٽو هو. شاهه عبداللطيف، حيدرآباد ضلعي جي هالا تعلقي ۾، حويليءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو، جو ڀٽ کان 9 ڪوهه پري آهي. سندس والد، وقت جو وڏو بزرگ اهلبيت هو ۽ کيس گهڻائي مريد هئا. سندس والده هڪ مجذوب درويش، شاهه دياني جي نياڻي هئي. شاهه ديانيءَ کي مخدوم عربي پڻ ڪري ڪوٺيندا هئا ۽ گهڻن ماڻهن جو منجهس اعتقاد هوندو هو.

شاهه جي ولادت جي تاريخ جي پوري خبر ن هي. ڊاڪٽر ٽرمپ، شاهه جي رسالي جي ديباچي ۾، شاهه جي ولادت جو سال سن 1670ع ڄاڻايو آهي، پر ’سگما‘ جو چوڻ آهي ته شاهه سن 1690ع ۾ ڄائو هو. انهي اختلاف سبب سندس وفات جي تاريخ ۽ سندس ڄمار مان، سندس ولادت جي تاريخ ڳولڻ ۾ گهڻي هٿي ملي سگهندي. ڊاڪٽر ٽرمپ جي چوڻ موجب، شاهه صاحب سن 1611ع هجري مطابق سن 1747ع ۾، يعني 27 ورهن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي؛ پر ’سگما‘ جي چوڻ موجب شاهه سن 1125 هجري مطابق سن 1701ع ۾ 23 ورهن جي عمر ۾ چولو بدلايو.

مسٽر ليلارام شاهه جي روضي تي اڪريل ابيات مان، ابجد جي حساب لڳائڻ ۽ ٻين دليلن مان ثابت ڪيو آهي ته، شاهه 14 صفر سن 1125هجري مطابق 1701ع ۾ وفات ڪئي. درگاهه جي فقيرن، مريدن ۽ معتقدن جو متفق رايو آهي، ته شاهه جي عمر، حضرت محمد ﷺ ۽ حضرت علي (ڪرم الله وجهہ) جي عمر جيتري، يعني 23 سال هئي. انهي حساب سان شاهه صاحب سن 1102هجي مطابق 1279_1290ع سن ۾ متولد ٿيو.

شاهه عبداللطيف جي ولادت باسعادت بعد، شاهه حبيب هالا حويليءَ مان لڏي، اچي ڪوٽڙيءَ ۾ مقيم ٿيو، جا ڀٽ کان ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي آهي. انهي وقت جي رواج موجب، شاهه عبداللطيف کي، آخوند نور محمد ڀٽيءَ، وائيءَ واري وٽ خٿاب ۾ وهرايو ويو. آخوند صاحب جڏهن الف- بي شروع ڪرايس، تڏهن شاهه ’الف‘ ته چيو پر ’ب‘ چوڻ کان بنهه پڙ ڪڍي بيٺو؛ چي: ’الف کان پوءِ ڇا آهي، جو پڙهان؟‘ جڏهن شاهه حبيب کي خبر ٻڌائي ويئي، تڏهن هن پٽ جي روحاني رمز پروڙي ورتي ۽ ڏاڍو خوش ٿيو: پر سمجهائينس ته جيئن لباس جي پهرڻ جو رواج آهي، تيئن ظاهري علم حاصل ڪرڻ جو پڻ ضرور آهي.

هن ڳالهه ڪري ئي شايد تحفة الڪرام ۾ ڄاڻايل آهي ته، شاهه بلڪل اُمي يا اڻ پڙهيل هو، پر سندس رسالي جي سرسري مطالعي مان ئي معلوم ڪري سگهبو، ته ائين بلڪل ڪين هو. جي ائين هجي ها، ته ميان نور محمد ڪلهوڙو کيس جلال الدين رومي جي مثنويءَ جو سونهري اکرن ۾ لکيل قلمي نسخو تحفي طور ڪيئن ڏئي ها؟ ڊاڪٽر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ‘اهڙي دعويٰ کي رد ڪرڻ لاءِ شاهه جو ديوان ئي ڪافي ثبوت آهي، جنهن ۾ هن عربي ۽ فارسي زبانن جو اونهو محاورو ڏيکاريو آهي.’

مطلب ته شاهه هڪ فاضل ۽ عالم شخص هو، جنهن ڪجهه تعليم درسگاهه مان ۽ ڪجهه تعليم دنيا جي تجربي گاهه مان حاصل ڪئي هئي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، رسالي جي مقدمي ۾ چوي ٿو، ته شاهه ‘عربي ۽ فارسيءَ جو عالم هو ۽ پنهنجي مادري زبان تي کيس ڪُلي ضابطو هو. نه فقط ائين، پر ٻين ٻولين سان پڻ ڪي قدر واقفيت هيس، جهڙوڪ بلوچي، سرائڪي، هندي ۽ پنجابي وغيره. ازانسواءِ، سندس تاريخي معلومات به وسيع هئي. سنڌ توڙي هندستان جي ٻين ڀاڱن جي قصن ۽ ڪهاڻين وغيره جو به ڳوڙهو اڀياس ڪيو ٿو ڏسجيس. قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه ڪريم جو رسالو اڪثر ساڻس همراهه هوندا هئا.’ هو عام ملن وانگر ڪين هو، جن لاءِ پاڻ چيو اٿس ته:

’پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾.‘

هن لاءِ فطرت هڪ وڏو درسگاه هو، جنهن جي وهندڙ نهرن ۾ هن لاءِ ڪتاب، ته پنن ۽ پٿرن ۾ معرفت ڪردار جا دفتر موجود هئا.

شاهه جي ننڍيءَ ٽهيءَ جا، ڪئين قصا ۽ ڪرامتون بيان ڪيون وڃن ٿيون، جي شايد سندس معتقد مريدن جون رائج ڪيل ٿيون ڀانئجن؛ پر کين ڪابه تاريخي تصديق ڪانه ٿي ملي؛ تنهن ڪري ويهن ورهن تائين سندس وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي. شاهه صاحب جڏهن ورهين جو ٿيو، تڏهن کيس جيڪو مجازي عشق ٿيو هو، تنهن جو احوال هن ريت ڏين ٿا، ته انهيءَ ساڳيءَ ڪوٽڙيءَ ۾، جتي شاهه صاحب جن رهندا هئا، مرزا مغل بيگ نالي، هڪ سکر ماڻهو رهندو هو، جنهن جو خانداني سجرو وڃيو چنگيزن خان سان لڳي ٿو. مغل بيگ ۽ سندس سڄي ڪٽنب ۽ قبيلي جو؛ شاهه حبيب ۾ ڏاڍو اعتقاد هوندو هو ۽ سندس تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. هڪڙي ڀيري مرزا مغل بيگ جي نياڻي، بيمار ٿي پيئي ۽ دستور موجب تعويذ ڦل ۽ دعا ڦيڻي لاءِ شاهه حبيب کي سڏايو ويو. اتفاقاً شاهه حبيب، انهي ڏينهن عليل هئڻ سبب نه وڃي سگهيو، تنهن ڪري شاهه عبداللطيف کي اوڏهين روانو ڪيائين. مغل نهايت سخت پردو ڪندا هئا ۽ حويليءَ ۾ ڪنهن به مرد ماڻهو کي، اچڻ ڪونه ڏيندا هئا؛ سو ڇوڪريءَ کي چادر ۾ ويڙهي سيڙهي کڻي وهاريائون. جيئن شاهه کي، ڇوڪريءَ جي آڱر ڦيڻي وجهڻ لاءِ هٿ ۾ ملي، تيئن عشق ڄڀيون ڏيڻ لڳو. شاهه امالڪ، ڇوڪريءَ ت اڪن ڇڪن تي ڇوڻ لڳو، ته جنهنجي آڱر سيد هٿ ۾، تنهن کي نڪو لهر، نڪو لوڏو.’ مغل پرولي ڀڃي ويا؛ پر اوڏيءَ مهل، مٺي به ماٺ ۾ مٺي به ماٺ ڪري، سور پي ويا؛ پر پوءِ ته اچي ساداتن کي اُچائي کنيائون. پيري مريديءَ واري واٽ ته ڇٽي، پر هاڻي خصومت وجهي ويٺا ۽ تيسين ساه نه پٽيائون، جيسين ساداتن کي تنگ ڪري ڇنا نه ڇڏايائون. هنن جي مظالمن ڪري سيدن کي لاچار ڪوٽڙيءَ مان لڏي وڃڻو پيو.

شاهه صاحب ويو هو مسيحا ٿي، پر موٽيو خود ڪنهن مرض ۾ مبتلا ٿي. لُونءَ لُونءَ ۾، لالن جي لغار لڳي ويس. اتي اندر جي اُڌمن ڪڍڻ ۽ بخارن ڇنڊڻ لاءِ، سندس لڪل شاعراڻو شعور پلٽجي پيو. ڪئين پيو بيت ڏيندو هو. ڳوٺ جي ماڻهن کي خبر پئجي ويئي ۽ سڄي شهر ۾ هر هنڌ اهو چرچو هلڻ لڳو. جتي چار ماڻهو گڏبا هئا، اتي اها پچار ڪندا هئا. مغل جڏهن اهي ڳالهيون ٻڌاندا هئا، تڏهن هيڪاري پيا پچندا هئا، چي اسان کي کڻي بدنام ڪيو اٿس. شاهه جي نينهن جا نعرا، (سندس بيت) مغلن لاءِ نوڪدار نيزن جو ڪم ڪرندا هئا. ٻئي ڌريون، پنهنجي پنهنجي نقطي نگاه کان مجبور هيون: هڪڙي ڌر کي عميق عشق هو، ته ٻئي کي اڻ لڀ عزت جو خيال. هرڪو مجبور ث لاچار هو. مغلن شاهه کي عش ق جي راه کان هٽائڻ لاءِ جيڪي ڪي حيلا ڪيا، سي بيڪار ثابت ٿيا. هنن جي ظلمن، شاهه کي عشق جي اڙانگي راهه کان هڪ قدم به پٺتي ته ڪونه هٽايو، بلڪل اٽلو برهه جي باهه کي زيده ڀڙڪو کارايو. تن، من، دنيا ۽ ماسوا جو سماءُ نه رهيس. جهنگلن ۽ برن ۾ ڏينهن جا ڏينهن پيو ڀٽڪندو هو ۽ بيت ڏئي دل ٺاريندو هو. هڪڙي لڱا، ڪنهن وڻ کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو ۽ محبوب جي خيال ۾ ايترو ته محو ٿي ويو، جو ٽي ڏينهن لنگهي ويس ۽ اڏامندڙ واي ڪلهن تائين ڍڪي ڇڏيس. سندس والد، کيس ڳولي ڳولي اچي ڏسي، ته اکيون پوريون پيون اٿس ۽ ڌڙ واريءَ ۾ دٻيو پيو اٿس. نهايت درد ڀرئي آوز سان پڪاريائين، ته:

‘لڳي لڳي واءَ، ويا انگڙا لٽجي.’

شاهه عبداللطيف، پيءُ جو آواز سڃاڻي اُتر ڏنس ته:

‘پيئي کڻي پساه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.’

هڪ طرف جواني ديواني، ته ٻئي طرف عشق آرنڀا ڪيا؛ سو شاهه برهه جي باهه ۾ پچي لعل ٿي پيو. ڪڏهن قمر کي پرينءَ ڏي، قاصد ڪري اماڻيندو هو، ته ڪڏهن ڪانگل کي- سر کنڀات ۾، جيڪي بيت آيل آهن، سي شايد هن جا چيل ٿا ڏسجن. مطلب ته ڦوهه جواني جي تيزاب تي، جيڪي عشق جا الا اي پيا هئا، تن هڪ اهڙو ڀنڀٽ ٻاريو جو ساري سنڌ روسن ٿي ويئي ۽ سنڌي ادب جو بهترين حصو پيدا ٿي پيو.

پٽ کي بيقرار ڏسي، شاهه حبيب مغلن مان سڱ ڇڪيو، پر سندس سعيا سجايا نه ٿيا، تنهن ڪري شاهه عبداللطيف نااميد جي حالت ۾، جهنگ منهن ڏئي اٿي هليو. سڄا سارا ٽي سال گم هو. ڪيڏانهن ويو هوندو، تنهن جو پرو سندن رسالي جي بيتن مان پئجي سگهي ٿو. شاهه جو وطن جا وڻ ڇڏي، پرديس جا ڏک ڏاکڙا بر سر کنيا، تنهن جو ڪارڻ بيان ڪندي ٿو چوي، ته:

‘بره مڻايس بر، نت سکي! ڪير سڌون ڪري؟’

جڏهن شاهه ڳوٺان نڪتو هوندو، ته ضرور هالن کان شاهي سڙڪ وٺي، حيدرآباد ڏي رخ رکيو هوندائين، جتي گنجي ٽڪر وٽ سنياسي فقير مليا هوندس. انهي ڳالهه جي ثابتي سر کاهوڙيءَ ۾ درج ٿيل، انهن بيتن مان ملي سگهي ٿي، جن ’گنجي ڏونگر گام‘ جي تعريف ڪئي آهي، چي:

‘پيو جن پرو، گنجي ڏونگر گام جو،
ڇڏي کيٽ کرو، لوچي لاهوتي ٿيا.’

سنياسي، جيڪي هنگلاج يا لاهوت ويندا هئا، سي گنجي ٽڪر تي، ڪاليءَ جي مندر وٽ، اچي گڏ ٿيندا هئا، تنهن ڪري شاهه کي ’هنگلاج‘ ۽ ’لاهوت‘ وڃڻ جي خواهش به هتي پيدا ٿي هوندي. شاهه ضرور هتي 16 ڏينهن رهيو هوندو، جو سر رامڪلي ۾، ڪاپڙي فقيرن سان ٻارهن ڏينهن جي صحبت جو احوال ڏنو اٿس. هن جيڪا انهن جوڳين لاءِ راءِ قائم ڪئي، سا ٻڌائيندي چوي ٿو، ته:

‘مون سي ڏٺا ماءُ! جني ڏٺو پرينءَ کي.’

شاهه دنيا کان اڳيئي بيزار هو، سو جو جوڳين ۽ سنياسي فقيرن جون ڳالهيون ٻڌيون هوندائين، سو ضرور ’ناني‘ (هنگلاج) وڃڻ جي سڌ ٿي هوندس. جوڳين کي اهڙي سٽاڻي سفر جو سانباهو ڪندو ڏسي ٿو چوي، ته آئون پوڻو ڪين پوندس:

‘مون ملاقات ان سين، جن پورب جي پچار،
اَٺئي پهر اُن جي، آهه نانيءَ ڏي نهار،
سامين ساڻ ستار! لاهوتي لعل ٿيان!’
(رامڪلي)

حيدرآباد ۾ هنگلاج هلڻ جي تمنا پيدا ٿي هوندس، پر پاڻمرادو هنن جي پٺيان ڪاهي ڪين پيو هوندو. جوڳين کيس هلڻ لاءِ پڻ چيو ٿو ڏسجي؛ ورنه شاهه ڪونه چوي ها، ته:

‘هلڻ جو هنگلاج ڏي، آديسين اُتوم.’

جيڪي آديسي فقير، هنگلاج ڏانهن ويندا هئا، سي گيڙوءَ رتا ڪپڙا ڪندا هئا، تنهن ڪري ٿو شاهه چوي:

‘اڄ ملينديس ماءِ، ڌاڄا ڪنديِسِ ڪپڙا،
جيجان جوڳياڻي ٿيان، مُون کي جَهلِ مَ پاءِ،
هوت ٻروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنَر پئِيان.’

اڄ تائين، شاهه صاحب جي گيڙوءَ رتي ڪفني سندس درگاه تي رکي آهي. شاهه گيڙوءَ رتي ڪفني اوڍي، پيرين اگهاڙو، ڪاپڙين سان سفر تي سڌاريو هوندو، ڇاڪاڻ جو چوي ٿو، ته:

‘جتيون سي پائينديون، جن پيرَ پِرين.’

شاهه صاحب، سامين سان هنگلاج وڃڻ لاءِ ڪهڙو رستو اختيار ڪيو هوندو، تنهن جو به رسالي مان پتو پئجي سگهي ٿو. حيدرآباد کان ڪراچي وارو رستو وٺي، اچي ڪينجهر ڍنڍ وٽان نڪتو هوندو، ڇاڪاڻ جو هيٺينئين بيت ۾ ڪينجهر ڍنڍ جي چشم ديد نظاري جو نقش ڪڍيو اٿس:

‘هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،
اچي وڃي وچ ۾ تماچيءَ جي ساءَ،
لڳي اُتر واءَ، ڪينجهر هندورو ٿئي.’

هن بيت جي پهرين مصراع ۾ شاهه بيان ڪري ٿو، ته هيٺيان جر (پاڻي) يعني ڪينجهر ڍنڍ آهي ۽ مٿي مڃر (ڪنڊيءَ جو ٻور يا سڱر) يعني ’هيلاين‘ واي ٽڪري ۽ برسان وڻراهه (ٻيلو) يعني بر وارو جهنگ آهي. سر ڪارايل ۾ وري، جيڪي ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي گهمندي ڏٺو اٿس، تنهن جو بيان ڏنو اٿس. مطلب ته، سياري ۾ ’ڪينجهر‘ جي ڍنڍ اُڪري، ٺٽي ۾ آيل ٿو ڏسجي؛ جتان سهڻي ميهار جو قصو ٻڌي، ذهن نشين ڪيو اٿس. اتان اڳتي، ڀبڀور وڃي، سسئي پنهونءَ جي ڦوڙائي جو احوال حاصل ڪيو اٿس.

شاهه، جيترا بيت سسئيءَ متعلق چيا آهن: اوترا ڪنهن ٻي آکاڻيءَ ۾ سمجهائڻ لاءِ نه چيا اٿس- سو ڇو؟ انهيءَ جا ٻه سبب هوندا: (1) ٻئي، محبوب خاطر جهنگ جهاڳيندا ۽ ڏونگر ڏوريندا ٿي وتيا. سسئي پنهونءَ لاءِ پنڌ ڪيا ٿي، ته شاهه وري، هنيون حقيقت سان گڏي، معرفت جي ماٺ سان ڏيساندر ڏوريا ٿي. ٻنهي کي، ڀنڀور تياڳي، يعني دنيوي تعلقات ترڪ ڪري، محبوب جو مشاهدو ماڻڻو هو. (2) ٻنهي کي، منزل مقصود تي پهچڻ لاءِ، ساڳيو ئي گس هلڻو ٿي پيو؛ جنهن ڪري، شاه، سسئيءَ جي ڏکن ۽ ڏاکڙن جو ذاتي تجربو ڪري، بيخوبي واقف ٿي، پاڻ کي سسئي تصور ڪرڻ لڳو هوندو. ’ڪيچ مڪران‘ وڃڻ لاءِ، سسئي به اهائي ساڳي واٽ ورتي هوندي، جيڪا شاهه هنگلاج وڃڻ لاءِ ورتي هوندي. شاهن اهکن گسن ۽ اڻانگن لڪن لتاڙيندي، سسئي کي ڏاڍو داد ڏنو هوندو ۽ همدردي ڪئي هوندي.

ڀنڀور کان پوءِ هو ملير آيل ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ جو ملير جي مشهور مينديءَ جو ذڪر ڪندي ٿو چوي، ته:

‘لائينديس، لڱن کي مليرا ميندي.’

ملير کان پوءِ ڪياماڙيءَ وٽ، جيڪو ’ڪلاچيءَ جون ڪُن‘ هو، تنهن وٽان اچي لنگهيو ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ جو اتان ’مورڙي‘ مهاڻي جي ڳالهه جهپي، سر گهاتوءَ ۾ ان جو احوال ڏنو اٿس. انهي وقت اڃا ڪراچيءَ جو ڳوٺ ڪونه ٻڌو هو. ڪراچيءَ جو شهر سن 1729ع ۾ وسيو ۽ شاه، 21 ورهين جي ڄمار ۾، سن 1710ع ڌاري هنگلاج ويو هوندو.

ڪراچيءَ کان آديسي فقير، هڪ ’اڳوئُو‘ يعني سونهون يا اڳواڻ، کڻندا هئا، جو بيرق سميت، هڪ لٺ بيٺ سان ٻڌي، اڳيان هلندو هون، جنهن کي شاهه ’بر جو بورائو‘ به ٿو ڪوٺي:

‘لکين لوڙائو، سهسين آهن سڃ ۾،
بر ۾ بورائو، کڻ پيادي پاڻ سين.’

ڪراچي کان هنگلاج، هڪ سؤ ميلن جي مفاصلي تي آهي؛ تنهن ڪري شاهه، سٿ سميت منزلون طي ڪندو، اڳتي هليو هوندو. منزل کي، ڪراچي جا ماڻهو ’پاڻو‘ چوندا هئا. تنهن ڪري شاهه، پهرين منزل تي خير سلامتيءَ سان پهچڻ لاءِ، آگي در ٿو التجا ڪري، ته:

‘پهرين ئي پاڻو، سڦرو ڪرن ساٿ کي!’

ڪراچيءَ کان هلي، ستن ڪوهن تي، ’حب‘ نديءَ وٽ، پهريون پاڻو ڪيو هوندائين، جو حب نديءَ تي روجه ڏسي چوي ٿو ته:

‘روجهه ڏٺائين رات، هوت ڳوليندي حب ۾.’

اڇن پيرن واري هرڻ کي، روجهه چوندا آهن، جي ماڻهن جي ڊپ کان لڪي پپي رات جو، حب نديءَ مان پاڻي پيئڻ لاءِ ايندا هئا.

هن کان پوءِ- ‘ور وراڪا وچ ۾، لکين آڏا لڪ ‘ _ (سر ديسي) آهن، جن مان ’بريدي‘ ۽ ٻين لڪن ڏانهن، شاهه اشارو ڪري ٿو. اڳتي هلي، شاهه ’وندُر‘ (هڪ نئن جو نالو) وٽ پهتو هوندو، جو سُرُ سَسِئي آبريءَ ۾ پڇي ٿو ته:

‘هيج نه هوندو جَن، سي ڪيئن وندر وينديون؟’

حب نديءَ کان، وندر ڏي ويندي، بريدي لڪ ۽ پوءِ ’کارڙي‘ ناڪو لنگهڻو پوندو آهي، انهيءَ ناڪي تي، لس ٻيلي جو حاڪم محصول وٺندو آهي، جنهن جو ذڪر به شاهه جي رسالي ۾ ڪيل آهي.

وندر کان، اڳڀرو هلبو ته هڪ رڻ ايندو، جنهن ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪتي ڪونه ٿو ملي سگهي ۽ ڇاڪاڻ ته هن رڻ ۾، هڪ گرو ۽ هڪ چيلو، اڃ وگهي مئا هئا، تنهن ڪري انهيءَ رڻ کي، سڏين ئي ’گرو چيلي وارو رڻ‘ هن رڻ مان لنگهندي، رڃ ۽ سڃ جو نظارو پسي، شاهه ٿو سسئي جي واتان چورائي ته:

‘سرتيون!سُڄي سُڃَ، متا ڪا مون سين هلي،
پاڻي ناهِ، پَنڌُ گهڻو، ڳئا رائو رُڳي رُڃَ،
مُڇڻ مَري اُڃَ، ڪا ڏي پاراتو پرين کي.’

هن رڻ لتاڙڻ کان پوءِ، ضرور ’ڦورندي‘ اُڪري هوندائين. اها ندي، هاڙهي جبل جي پڇڙيءَ وٽ آهي ۽ اهائي ساڳي ندي آهي، جنهن جي پاڻيءَ جي اُٿل سببان، سسئي موٽي ’پٻوڻي‘ ناڪي ڏي ويئي هئي. هن کان پوءِ هاڙهي جبل جا پيچرا، لتاڙيا اٿس ۽ واٽ نه منجهڻ لاءِ ڌڻيءَ دران دعائون گهريون اٿس ته:

هلندي هاڙمو مَڻيِ، گسان تن مَ گُسان.“
(سر معذوري)

هاڙهي جبل، جي اورئين ڀڪ واري، ’هنگول‘ ندي ۽ پرئين ڀڪ واري، ’اگهور‘ ندي اُڪري، شاهه ’هنگلاج‘ پهتو هوندو.

شاهه هنگلاج کان پوءِ، سامين سان ’دوارڪا‘ ويو ٿو ڏسجي، جو چوي ٿو ته:

”نانگا نانيءَ هليا، هنگلاجان هلي،
ديکي تن دوارڪا، مهيسين ملهي.“
(سر رامڪلي)

هنگلاج کان موٽندي، ’ٺٽي‘ کان سنڌونديءَ وارو پتڻ اڪري، ڪراچيءَ جي لاڙ واري پاسي، يعني ’مغل ڀئين‘ طرف هليو هوندو، جو چوي ٿو ته:

”کاري کيڙائو، مَٿي مِٺي موٽيا“
(سر سامونڊي)

کارو ۽ مٺو پاڻي، ڪراچيءَ جي ’لاڙ‘ حصي ۾، سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وٽ ئي ملي ٿو، تنهن ڪري اتي جو ا- وال، سر سامونڊيءَ ۽ سر سريراڳ ۾ ڏنو اٿس. جنهن مان سمجهجي ٿو ته شاهه اتان ئي لنگهيو هوندو. انهيءَ پاسي وڻج واپار جو احوال، مٿين، ٻنهي سرن ۾ گهڻو آيل آهي. سامونڊين جي ڦوڙائي ۾، جيڪي سندن وهون چون ٿيون، تن جو بيتن ۾ بيان پڻ، هتي جي ماڻهن جي چشم ديد حالات تي مبني آهي. ’جادم جکري‘ جو جيڪو بيان ڏنو اٿس، تنهن جون حقيقتون پڻ، هتان هٿ ڪيون هوندائين، جو چوي ٿو ته:

”جکري جِهو جوان، ڏسان ڪونه ڏيهه ۾.“
(سر بلاول)

مغل ڀئين کان ’ڪاري‘ کاري اُڪري، ’لکپت‘ جي ڪڇ واري بندر تي پهتو هوندو. اتان ’ڀڄ‘ مان ٿيندو، ’هالار‘ صلعي مان گهمندو، ڪڇ جو نار اُڪري، ’دوارڪا‘ پهتو هوندو. هالار ۾ ڪپڙو سٺو رڱبو هو، تنهن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:

”رچي جي ريٽو ٿيا، ڪين اُٻاٽجن اوءِ،
کنڀ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،
توڻي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالائي ان جي نه لهي.“
(سر مومل راڻو)

اتان ’پوربندر‘ ويو هوندو، جنهن بابت دعا گهري ٿو ته:

”سيد ساٿ سندوءِ پُربندر پهائين-“
(سر سريراڳ)

سندس دعا اگهاڻي ۽ خدا جڏهن سندن ڇتر کي، ڇوهي کان رکي ورتو تڏهن- هو هن طوفاني تڙ کان اُڪري، ’جهوناڳڙهه‘ ۽ ’گرنار‘ ويو هوندو ۽ اتان ’راءِ ڏياچ‘ جي سخا جي ساک ٻڌي، سر سورٺ جا بيت ٻَڌا هوندائين. گرنار جي ٽڪريءَ جون پنج مکيه چوٽيون آهن، جن مان ’گورکناٿ‘ تمام اتاهين آهي، ۽ جنهن جو بيان ڏيندي شاهه چوي ٿو ته:

”سامي ڇڏي سانگ، گڏيا گور کناٿ کي.“

سر رامڪليءَ ۾ جن مندرن، غارن، غفائن ۽ جوڳين جي قسمن جي بيان آهي، سي سڀيئي هتي ڏسي سگهجن ٿا. گرنار کان ٿي، ’کنڀات‘ کان هلي، ’گجرات‘ جا پٽ لتاڙي، وري هنگلاج ويو هوندو.

شاهه وري ٻيو ڀيرو به هنگلاج ويو. پر هن ڀيري اُتي جون ريتيون رسمون پوريءَ طرح بجاءِ نه آندائين، جنهن ڪري جوڳين کان ڇڄي ڌار ٿيو. جوڳين جي جدائي جو گهڻو ارمان هوس، جو چوي ٿو ته:

”لکين ڪيا لسان سين لاهوتن لوڙا،
گهڙا! ڙي گهوڙا! آءٌ نه جِئَندي اُنِ ري.“

شايد، سامين شاهه کي رات جو ستل ڇڏي، گوهي ڏني ٿي ڏسجي. شاهه صبح جو، آديسين کي آستان تي نه ڏسي، هنن جي پٺيان پيو هوندو. جوڳين شايد ’قلات‘ ڏي رخ رکيو هو، ڇاڪاڻ جو شاهه کي شڪ هو ته کين ڪابل ڏي وڃڻو هو، (وٽان تو ويندا، ڪاپڙي ڪابول ڏي.) ’لس ٻيلي‘ ۽ ’قلات‘ جي وچ ۾، قلات رياست جو هڪ وڏو حصو آهي، جنهن کي ’جهلوان‘ ڪوٺيندا آهن. انهيءَ علائقي ۾ وڏا جبل آهن، جن جا نالا آهن ’جائو، جمر ۽ جر.‘ ’وڻڪار‘ جو ڳوٺ، وري لس ٻيلي جي اتر اڀرندي طرف، ’کير ٿر‘ جبلن جي قطار وٽ آهي. سامين جي پٺيان، شاهه انهن تائين ضرور پهتو هوندو، جو چوي ٿو ته:

”وڏا وڻ وڻڪار جا جت، جائو، جمر، جر-“

جي شاهه هن ماڳ کان اڳتي به وڃي ها، ته ضرور ڪنهن نه ڪنهن هنڌ، انهي مڪان جو ذڪر ڪري ها، پر شاهه جوڳين پٺيان فقط جائو تائين ويل ٿو ڏسجي، هتان هو اڪيلو موٽي لس ٻيلي ۾ آيو هوندو، جتي ’سٻر‘ سخيءَ جي هاڪ ٻڌي، بيت ٿو ڏي:

”ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا،
مِينهَن مندائتا وسڻا، سدا وسين تون،
جي گهر اچين مون، ته ميريائي مان لهان.“

لس ٻيلي کان، شاهه ڪراچيءَ موٽي آيو هوندو، جتان شايد ’لاهوت‘ ويو ٿو ڏسجي. لاهوت، ڪراچيءَ کان ڇٽيهن ڪوهن تي آهي، پر رستو نهايت خطرناڪ هوندو هو. واٽ تي برن ۾ بلائون ۽ جبلن ۾ چيتا هوندا هئا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته، جنن ۽ ديون جو هتي واسو هوندو هو ۽ شاهه بلاول نالي برزرگ، جو قلندر شهباز جو همعصر هو، تنهن هي علائقو گوڪل نالي ديو جي چنبي مان ڇڏايو هو. شاهه بلاول جي درگاه کان، ڏيڍ ڪوه اورڀرو، ’پٻ‘ جبل جي پيٽ ۾، هڪ غار آهي جا صفي وانگر آهي، جنهن کي لاهوت سڏين ٿا. جبل تان لهي، صفي ۾ وڃڻ اوکو آهي ۽ هاڻي اتي لوهه جي ڏاڪڻ لڳائي ويئي آهي. لاهوت واري صفي جي ڇت ۾، ڍڳيءَ جي ٿڻن جهڙا پهڻ آهن، جن مان چون ٿا ته اڳي کير وهندو هو. هاڻي فقط پاڻي ڦڙا ڦڙا ٿي هيٺ ڳڙي ٿو. اُتي جي مجاور چيو، ته ”لاهوت لامڪان، چوٿين آسمان تي آهي.“

شايد، لاهوت کان موٽندي، وري به کنڀات ۽ گجرات کان ٿيندو، شاهه وڃي ننگرپارڪر پهتو هوندو. هاڻي کيس ساڻيهه جي سڪ ستايو ٿو ڏسجي، جو چوي ٿو ته:

”ڏينهُون ڏينهن نئون، مُون کي وِرِوُ ويڙيچن جو – “

ننگرپارڪر کان ڏيپلي وارو رستو وٺي، پراڻ جو پتڻ لنگهي، شاهه سنڌ ڏانهن موٽيو هوندو. انهيءَ جي ثابتي، رسالي مان ملي سگهي ٿي. سر سارنگ ۾، شاهه ننگرپارڪر لاءِ چوي ٿو، ته:

”ڍٽ ڍَرِي پَٽِ پييُون پاسي پارڪر،
سڀيئي ڀريا سَرَ، پلر جي پالوٽ سين.“

(ٿر جا ٻه ڀاڱا آهن: هڪڙو ڍٽ، يعني وارياسو ڀاڱو، ٻيو پٽ، يعني ڏاڍي زمين وارو حصو)

ننگرپارڪر کان پوءِ ’پائر‘ يعني سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ واري ٿر ۾ ويو ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ جو اتي جي اصطلاحن، رسمن ۽ جاين جو ذڪر ٿو ڪري. اهو ٿر مارئي جي ملير کي بلڪل ويجهو آهي. انهيءَ ڪري مارئيءَ کان ٿو چورائي ته:

_”ستي سيئي ساريان، جي پائر جا پهنوار. “
_”ڇڇئان ڇيڪاريون ڇيڙلا، پٽَين پهرائين“_

ٿر جي ڏاکڻي ڀاڱي جون زمينون، ڇڇيون يا ڪلراٺيون ٿي پونديون آهن ۽ برسات ۾ گوڏي جيڏي گپ ٿيڻ ڪري، مالدار اتان مال ڪاهي پٽن، يعني ڏاڍين زمينن ڏانهن ويندا آهن. اهو کاين ڏٺو حال، شاهه مٿئين مصراع ۾ بيان ڪيو آهي.

پائر کان هلي، ’کاروڙي‘ کان ٿيندو پوءِ ملير ويو ٿو ڏسجي، جو ننگرپارڪر شهر کان ٻارهن ڪوهن تي آهي. ملير اکئين ڏٺو اٿس، تنهن جي ثابتي مارئي جو سر پڙهڻ مان پئجي سگهي ٿي؛ پر هن هڪ مصرع مان ته يقين ٿيو وڃي ٿو:

_”جوءِ ڪشادي جيڏيون! مليرَ مُوڪ مهاڙِ_“

’ڀالوا‘ جي ڳوٺ وٽ، ست لاڳيتيون ڀٽون آهن، جن جي اڳيان ڏهر ۾ ملير جو ڳوٺ آهي، جنهنجي مُهاڙي يا ويڪر حيدرآباد جي جيل کان اسٽيشن جيتري ٿيندي. اهو بيان مٿئين مصرع ۾ آيل آهي.

ملير کان پوءِ ’ويڙهي جهپ‘ ويو هوندو، جو ڏيپلي کان ٽن ڪوهن تي آهي، جو مارئي کان ٿو چورائي ته:

_”کاروڙيان کڻي، ويڙهي جهپ ويا“_

ويڙهي جهپ کان عمرڪوٽ ويو ٿو ڏسجي، جتي عمر مارئي نيئي بند ڪئي هئي. عمر ڪوٽ جي ڀرسان ميل سوا جي مفاصلي تي شاهه ’مومل جي ماڙي‘ ڏٺي هوندي، جا ناهيءَ وقت چڱي حالت ۾ هوندي، ۽ هاڻي زبون ٿي چڪي آهي. مومل راڻي جي ڪهاڻي، هتان جهپي هوندائين.

هتان ’کائر‘، (کپري تعلقي جي ڳوٺ هٿونگي کان، عمر ڪوٽ ۽ ڇاڇري تعلقن جي اتر واري ايراضي، جا وڃيو جيسلمير سان لڳي) لتاڙي جيسلمير پهتو هوندو. جيسلمير کان پنج ڪوهه پري هڪ شهر آهي، جنهن کي ’لڍاڻو‘ سڏيندا آهن، جو ٽڪريءَ تي آهي. اهو لاه ڏسي اُٺ کي نيڪ صلاح ڏئي ته:

”ڪرها ڪارڻ ڪاه، توکي ڏڻين ڌاريو،
ساري ڏج سيد چي لڍاڻي تان لاه“_
(مومل راڻو)

ڪاڪ جي ڪنڌي، لڍاڻي واري ٽڪريءَ سان لڳي پئي آهي، تنهن ڪري شاهه ڪاڪ جي ڪناري کي ’لڍوڻي ڪنڌئين‘ ڄاڻايو آهي.

شاهه اتان وري ’ويڙهي جهپ‘ کان ’ڏيپلي‘ ۽ ’رحمڪي بازار‘ مان ٿيندو پُراڻ جو پتڻ اُڪري پنهنجي ڳوٺ آيو ٿو ڏسجي. ’پراڻ‘، پراڻي درياه جو نالو آهي، جنهن ۾ اڳي ’ڍورونارو‘ ڇوڙ ڪندو هو. هاڻي ڦليلي (واهه) ٽنڊي محمد خان ۽ بدين تعلقن مان وهندو، اچيو پراڻ سان گڏجي.

ٽن ورهين جي دراز وڇوڙي بعد، هاڻي شاهه ويڙهيچن جي وِرِهه جا واڪا ڪندو، پنهنجي ڳوٺ ۾ پهتو. شاهه حبيب جنهن کي پٽ جي فراق بيحال ڪري ڇڏيو هو، سو وڇڙيل پٽ کي ملي ڏاڍو خوش ٿيو، ڇاڪاڻ ته الله سندس عرض اگهائي ورهين جا وڇوڙا لحظي ۾ لاهي ڇڏيا هئا.

مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، ته سفر وارن ٽن سالن ۾ شاه، نه رڳو فقيرن جون خصوصيتون جاچيون، پر مختلف ملڪن جون ريتون ۽ رسمون، جدا جدا ڪهاڻيون ۽ قصا، الڳ الڳ طبيعتن جي ماڻهن جا جذبا ۽ اُمنگ، نرمل نظارا ۽ عجيب آزمودا پريا، جنهن ڪري سندس تجربي ۽ معلومات جو دائرو نهايت وسيع ٿي ويو. انهيءَ ڪري بيتن ۾ به اهي ويهي درياهه اوتيا اٿس، جو ان مان پاڻي پيئندي ’تونس‘ نٿي لهي. ڇا نه ويهي رسالي ۾ انساني امنگن جا نقش چٽيا اٿس! شاهه ڪاريگر ڪمانگر وانگر- مِرُن، ماڻهن، ندين ۽ نارن، جهنگلن ۽ ٻيلن، جبلن ۽ برپٽن جون تصويرون ڪڍيون آهن. رسالو سندس تجربي جو تَتُ آهي.

سٽاڻي سفر تان ڪوٽڙي ۾ آئي شاهه کي اڃا ٿورو عرصو مس گذريو، ته 1124هجري مطابق سن 1713ع ’دَلَ‘ ذات ڪي چور، مرزا مغل بيگ جي قبلي تي ڪاهي آيا. گهرن ۾ مرد ماڻهو موجود نه هئا، تنهن ڪري هنن کي ساڄي لڳي ويئي. اگر تگر اجڙ ڪري، سارو مال متاع ٻهاري راهي ٿيا.

مغل ماڳ تي موٽي اچي ڏسن ته ’ڪاريءَ وارا ڪک‘ وڇريا پيا آهن. نيٺ هٿيار ٻڌي، سهي سنڀري، چورن جي پٺيان نڪتا. شاهه عبداللطيف واٽ تي هنن کي ويندو ڏسي، پاڙي جي ننگ پاڙڻ ڪارڻ، پنهنجو خدمتون آڇيون، پر مغلن هڪ به نه ٻڌيس. تنهن تي تپي پاراتوڏنائين ته:

”بيگ تنهنجي بيگي، ڪوٽڙيءَ ۾ ڪان،
اتم آس الله ۾، دَلَ مارينئي مانَ.“

ڪرامتن جي قائلن جي چوڻ موجب، فقيرن جو چوڻ ڪونه گسندو آهي، سو مرزا مغل بيگ، وڳر سوڌو دلن جي هٿان مارجي ويو. مرداني پهر مان مغلن ۾ فقط هڪ صغير ڇوڪرو، نالي ’گولو‘ وڃي بچيو. مغلن کي اچي خيال ٿيو ته اهو قهر، رڳو سيدن جي رنڃائڻ ڪري ٿيو آهي، تنهن ڪري سيدن وٽ پيش پئي، کين پرچايائون ۽ اها ڇوڪي، جنهن جي چيچ شاهه هٿ ۾ جهلي هئي، سا شاهه عبداللطيف کي شادي ڪري ڏنائون. بيبيءَ جو نالو سيده بيگم هو، پر مريد ادب وچان، کيس تاج المخدارات (ستين جو ڇٽ) سڏيندا هئا. بيبي نهايت پاڪدامن، پرهيزگار ۽ پارسا هوندي هئي. جهڙو هو شاهه ڀلارو، تهڙيائي هي سندس بيبي ڀلاري. ٻنهي جي هڪ ٻئي سان محبت هوندي هئي.

شاهه کي ڪو اولاد ڪونه ٿيو. بيبي صاحبه حامله هئي، ته هڪ ڀيري شاهه، پنهنجي فقير کي پري کان سهڪندو ايندو ڏٺو. پڇا ڪرڻ تي کائڻ جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ، پري کان ڊوڙندو اچان ٿو،- “ شاهه کي اها ڳالهه ڪين آئڙي، سوچيائين ته ”ابا! اهڙو اولاد ئي گهوريو، جو ڄمڻ کان اڳي ئي منهنجي فقيرن کي ٿو رلائي، ڄائو ته الائجي ڪهڙا ڪُلور ڪندو!“ چون ٿا ته بيبي صاحبه کي ٻار ڪوئي ٿيو ۽ وري اولاد ڪونه ٿيس.

جڏهن شاهه کي مجازي عشق جي چپيٽ لڳي هئي، تڏهن سندس اندر جي حالت ڦري ويئي هئي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. مجازي بره جي باه ۾، شاهه رچي ريٽو ٿيو، ته الاهي عشق جي منزل شروع ٿي. مجازي عشق پنهنجو ڪم پورو ڪري، لاکڻي لعل کي گس لائي ڇڏيو. هو شاديءَ کان اڳ ۾ ئي، روحاني راهه جون ڪي منزلون طي ڪري چڪو هو، سو شاديءَ بعد ڪٿي ٿو پوئتي هٽي. شادي ڪرڻ کان پوءِ، شاهه جي زندگي هموار ٿي پيئي. ڪجهه وقت بيتن ڳائڻ ۽ ٺاهڻ ۾ صرف ڪندو هو ته ڪجهه وقت رياضت ۽ عبادت ۾. سند وات مان بيت ريلا ڏيو پيا نڪرندا هئا. تڪلف ۽ تصنع جو، سندس ڪلام ۾ ذرو به ڪونهي. هڪ اندر جي اُڇل آهي، هڪ روحاني راز آهي، محض ايقان آهي، رکي رکي سندن روح جون رڳون تنبوري جي تارن جيئن، وڄنديون هيون:

”رڳون ٿيون رباب، وڄن ويلَ سَڀَڪَهِين“

شاهه صاحب وٽ، جيڪو سماع لڳو پيو هوندو هو ۽ جنهن ٻاٻيس سان، هو آئي وئي سان صحبت ڪندو هو، تنهن سندس هاڪ هر هنڌ ڦهلائي ڇڏي ۽ ڪتان ڪتان جا ماڻهو مريد ٿيڻ لاءِ ڪَهِي وٽس ايندا هئا. ويجهي ڇڪ ۾ رهندڙ پيرن ۽ مشائخن کي اها ڳالهه نه وڻي. شمس العلماءِ قليچ بيگ، شاهه جي دشمنن جو احوال ڏيندي چوي ٿو، ته ”انهن مان هڪڙا هئا، هالن واي پير مخدوم نوح جو اولاد، ۽ ٻيا هئا مٽيارين وارا آجناڻي سيد، جي خود شاهه جا عزيز خويش هئا ۽ ٽيون سنڌ جو حاڪم، ميان نور محمد ڪلهوڙو (1778 _ 1755) انهن ٽنهي ڌرين شاهه کي گهڻو ستايو، پر جنهن جو الله واهي، تنهن کي ڪوهه ڪريندو پير يا سپاهي.“

شاهه عبداللطيف کي، پنهنجي ڏاڏي شاهه ڪريم جي مقبري ٺهرائڻ جو خيال ٿيو. ڪاشيءَ جي سرن آڻڻ لاءِ پاڻ ملتان ويو، جتان واپس ٻيڙيءَ ۾ اچي، ’خدا آباد‘ (ڪلهوڙو جي گاديءَ جي هنڌ) وٽان لنگهيو ۽ اتي ساهي پٽڻ لاءِ لنگر هنيائين. شاهه جي اچڻ جو ٻڌي، ماڻهن جو بهيرون قدم بوسي لاءِ پي آيون. ميان نور محمد ڪلهوڙي به، پنهنجي طرفان هڪ قاصد هٿان، موتين جي معجون جي دٻلي، نذراني طور ڏياري موڪلي. شاهه دٻلي وٺي درياهه ۾ اڇلائي ڇڏي ۽ قاصد کي نياپو ڏنائين، ته ”ميان صاحب کي سلام ڏج ۽ چئج ته، ”جي توهان جي سوغات فقط اسين کائون ها، ته فقط اسان کي فائدو پهچي ها، پر هاڻ ڀل ته عميق ۾ جيڪا مخلوق آهي، سا به فيض پرائي.“ چون ٿا ته، اوڏي مهل ئي اتان مئل مڇيون سطح تي ترنديون ڏسڻ ۾ آيون.

هن کان پوءِ ٿورن ڏينهن ۾، شاهه قبو اڏرائي راس ڪيو، جنهن کان پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي کيس دعوت ڪئي، جا هن قبول ڪئي. واپس موٽڻ وقت ميان، شاهه کي هڪ سرڪش گهوڙي، سونن سنجن سان سينگاري، تحفي طور ڏني. شاهه جيئن لانگ ورائي چڙهيو، تيئن گهوڙيءَ وٺي ڪڏايس: شاهه لغام ڦٽو ڪري، گهوڙيءَ کي جا اڙي هنئي، سا مينهن واءُ ٿي ويئي. وٺي اُڏاڻي. مريد فقير گهڻوئي پٺيان پيس، پر گهوڙي نظر کان غائب ٿي ويئي. ٿوري مدت بعد، شاهه گهوڙي آڻي، ميان نور محمد جي اڳيان جهلي. سڀ عبرت ۾ پئجي ويا. ميان ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ چون ٿا ته، پوءِ سندس چڳ وڍيو مريد ٿي پيو، گلان ڪڃريءَ مان، کيس جيڪو غلام شاه، پٽ ڄائو هو، سو به شاهه جي دعا سان ڄائو هو.

شاهه نويڪلائي پسند ڪندو هو، تنهن ڪري ڪوٽڙيءَ ۾ سک نٿي آيس. ويجهي ڇڪ ۾، نون هالن کان، ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي، هڪ زمين جو ٽڪرو تڪيائين. انهيءَ زمين جي ٽڪر جي آسپاس، واريءَ جا دڙا، کٻڙن جون ويڙهيون ۽ ڪرڙن ۽ ڪندن جا جهڳٽا هئا. ڀرسان ڪراڙ نالي ڍنڍ ۽ ٻيا پاڻيءَ جا دٻا ۽ دٻيون هيون. انهيءَ مڪان کي، سڏيندا ئي ڀٽ هئا، يعني واريءَ جو دڙو. شاهه انهيءَ ويراني کي وسايو. پهريائين فقيرن سان گڏجي، ڪجهه پنڌ نان چيڪي مٽي، مٿي تي کڻي آڻي، واريءَ مٿان وجندو هو، پوءِ آهستي آهستي، هڪ جهوپڙو پنهنجي لاءِ، حويلي والدين لاءِ ۽ کروت يعني ننڍي مسجد، نماز لاءِ اَڏرايائين. حدون مقرر ڪري، فقيرن کي جهوپڙين جوڙڻ لاءِ ارشاد ڪيائين. مطلب ته ڀٽ جي ويراني ۾ نئون ڳوٺ ٻڌجڻ لڳو.

شاهه اڃا ڀٽ جو ڳوٺ ئي پي ٻَڌايو، ته ڪنهن قاصد اچي ٻڌايس ته، توهان جو والد، هل هلان ۾ آهي ۽ چيو اٿس ته:

”ڪنهن جنهن نيهن نَنڌاه، جي مون واجهائيندي نه ورو،
جيڪي مُئي ڪنداه، سو جانِبَ ڪَرِهو جِيئري.

شاهه عبداللطيف قاصد کي چيو، ته

”اجهو ٿو اچان، پر هي بيت ابي کي اُتر ڪري ڏج

”متان ٿيين مَلُورُ، ڪِينَ اَڳاهُون آهيان،

ڏسڻ ۾ ڪَرَ پور، حَدَ ٻنهي جي هيڪڙي.“

پُٽ جي پيغام پهچڻ بعد، شاهه حبيب جي دل کي آٿت آيو ۽ اکيون پوري، وڃي حبيب سان واصل ٿيو. شاهه حبيب جي وفات جي تاريخ، محمد صادق نقشبنديءَ جي عربي مصرع مان سن 1155 هجري، مطابق 1742ع نڪري ٿي. هن وقت شاهه جي عمر 23 سال کن هئي.

شاهه کي پنهنجي پيءُ جي وفات ڪري، گهڻو صدمو پهتو هو، سو ڪوٽڙيءَ مان ٽپڙ کني، اچي اٽالي سميت ڀٽ وسايائين. هاني سندس هاڪ هر هنڌ پئجي ويئي. مختلف هنڌن تان، ماڻهو سندس زيارت لاءِ ڀٽ ڏانهن اچڻ لڳا. ڪيترائي استاد راڳيندڙ ۽ گَويا، هندستان جي جدا جدا حصن مان اچي نڪتا- اٽل ۽ چنچل نالي، دهليءَ جا ٻه مشهور راڳيندڙ به اچي اتي سهڙيا. سارو ڏينهن سرود ۽ سماع لڳو پيو هوندو هو ۽ شاهه پاڻ به، پنهنجا مرتب ٿيل بيت ۽ ڪافيون ڳائيندو هو.

پڇاڙيءَ واري وقت ۾، شاهه کي ڪربلا جي زيارت ڪرڻ جو شوق جاڳيو. سنڀري نڪتو، ته واٽ تي هڪ ولايت جو صاحب، مريد گڏيس- جنهن حال پروڙي عرض ڪيس ته، ”قبلا هي ڇا؟ ماڻهن کي چوندا وتو ته ڪفن دفن به ڀٽ ۾ ٿيندو ۽ هاڻ هليا آهيون هيڏي وڏي سفر تي.“ شاهه کي هي لفظ دل سان لڳا، سو موٽي ڀٽ ڏانهن آيو. اتي پهچندي ڪارو ويس ڪري، سر ڪيڏاري وارا بيت ڏيڻ لڳو. چون ٿا ته اهو سندس آخري ڪلام هو. هڪ ايڪيهو ڪڍيائين، جنهن بعد وهنجي سهنجي، چادر اوڍي، مراقبي ۾ ٿي ويٺو ۽ فقيرن کي سماع ڪرڻ جو اشارو ڪيائين. ٽي ڏينهن برابر سماع پي هليو. آخر راڳ بند ڪري، فقير شاهه جي ويجهو وڃي ڏسن، ته شيءِ وڃي ڌڻيءَ کي پهتي آهي. اها سن 1125 هجري، مطابق سن 1752ع صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ هئي، جنهن تاريخ تي هر سال ڀٽ ڌڻيءَ جي روضي تي ميلو لڳندو آهي.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، سن 1126 هجري، مطابق 1754ع ۾، ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ تي قبو ٺهرايو. قبي جي دروازي تي ڪيترا فارسي بيت اڪريل آهن، جن مان، ابجد جي حساب سان، سندس وفات جي تاريخ ملي ٿي. انهن مان، محمد پناه ’رجا‘ جا ٺاهيل ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا:

گفت اين رجا مريد سِنَ ارتحال پير،
گرديده محوِ عشق، وجود لطيف مير،
زد نعره در فراق، دگر کرد سينه چاک،
شد محو در مراقبه، جسمِ لطيف پاک.

جيڪا مسجد، قبي جي اتر طرف آهي، تنهن جي ڀٽ تي، جيڪي بيت نقش ٿيل آهن، تن مان پوين ٻن لفظن ’رضوان حق‘ مان شاهه جي وفات جي تاريخ پڻ ملي ٿي.

سڄو بيت هي آهي:
”شاهه صاحب، ذوالمناقب، سيّدي عبداللطيف،
آنکه قطبِ وقت خود، بودست در مردانِ حق،
چون ز جامِ ’ارجعي‘، مخمورِ نوشِ وصل شد،
گفت ملهم غيب سالِ رحلتش رضوان حق.“

فصل - 2

شاهه جي سيرت ۽ مذهب

شاهه عبداللطيف جي منهن مان، نور پيو بکندو هو ۽ اکيون هميشه مشعل وانگر پيون ٻرنديون هيون. مڙس نهايت ڏيا وارو هو ڳالهائيندو ٻولهائيندو، نهايت خلق ۽ فضيلت سان هو، جنهن ڪري سڀ ڪو سندس ادب ۽ احترام ڪندو هو. ورو يا وڳنڌ نالي فقير کان سواءِ، ٻئي ڪنهن سان، چرچو گهٻو ڪين ڪندو هو، وڳنڌ تي چيل ظريفانا بيت، سر بلاول ۾ درج ٿيل آهن.

شاهه سادو کائيندو ۽ سادو هنڊائيندو هو انگ تي گيڙوءَ رتي ڪفني، مٿي تي ڊگهي جمني ٽوپي، جنهن تي ٻه، ٽي وراڪا ڪپڙي جا ويڙهيندو هو، پير اڪثر اگهاڙا ۽ هٿ ۾ هڪ لنبي لٺ کڻندو هو، جنهن جو مٿو، جوڳين جي بيراڳڻ جهڙو هوندو هو. کاڌي پيتي لاءِ، وٽس هڪ وڏو ڪشتو يا ڪچڪول هوندو هو. اهي سندس هٿن جون سڀيئي نشانيون، اڃا تائين درگاه تي رکيل آهن.

شاهه ڏاڍيون رياضتون ڪندو ۽ تن کي تسيا ڏيندو هو. کائيندو ٿورو ۽ سمهندو گهٽ هو. هڪ لڱا، فقيرن شڪايت ڪئي، ته ڀٽ تي ڏاڍا مڇر آهن. پاڻ فرمايائون، ته ”ابا! مڇر ته توهان جا سڄڻ آهن، جو اوهان کي غافل ٿي سمهڻ نٿا ڏين ۽ اوهان کي هدايت ٿا ڪن ته سستي ڇڏي، اٿي الله سان اوريو. ”ڪڏهن به پاڻ تڪليفن جي شڪايت ڪانه ڪندو هو. جيئن مشڪلاتون وڌيڪ وڪوڙينديون هيس، تيئن وڌيڪ وهسندو هو. شاهه نهايت نهٺو ۽ نماڻو هوندو هو، رحمدل به ڏاڍو هو. پکين تي به ڪهل ايندي هيس. شڪارين کي هڪ بيت ۾ ٿو پاراتو ڏئي:

”مارِي مرِين شال، ڍَٻَ وَڃَنيِئي ڍَٻيُون!“

راڳ ته، شاهه جي جيءَ جو جياپو هو، ۽ ساه به سماع ٻڌاندي ڏنائين. هن بدعت کان منع ڪرڻ لاءِ، کيس ڪيترن چيو، پر پاڻ وري ورائيندو هون، ته ”منهنجي دل ۾، الاهي محبت جو اسريل وڻ، راڳ جي پاڻيءَ کان سواءِ سڪيو ٿو وڃي. جيتوڻيڪ اهو پاڻي پليت آهي ته به انهيءَ وڻ کي سڪڻ کان بچائي ٿو.“

شاهه ڏاڍو پرهيزگار هوندو هو. زال ذات کان پاسو ڪندو هو، ايتري قدر جو ڪنهن فحش عورت جو راڳ به ڪونه ٻڌندو هو. گلان ڪڃريءَ کي سو نوازي سنڌ جي پٽ راڻي ڪري ڇڏيائين. کيس اولاد جي درڪار ڪانه هئي. چوندو هو، ته ”منهنجا فقير منهنجو اولاد آهن.“

مطلب ته، شاهه جي رهڻي توڙي ڪهڻي، تعريف جوڳي هئي:

”منهن ڏنائين ماڙهين، هنيون ڏنائين هوت“

شاهه هڪ سچو ۽ پڪو موحد مسلمان هو. فرقه پرستيءَ کان پري، الله جي ياد ۾، شريعت جي پابنديءَ ڪندي، زندگي بسر ڪيائين. سماع کان سواءِ سندس ٻي ڪابه بدعت ڪانه ٿي ٻڌجي. جيڪڏهن ظاهري مسلماني پيرئون نه پاري ها، ته وقت جا ملا ۽ مجتهد مٿس ضرور تعزيرون ڪن ها. شاهه روزا رکندو ۽ نمازون پڙهندو هو. مسجد پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪري جوڙائي هئائين. تسبيح پڙهندو هو ۽ سڀڪو کيس صوفي ٿو سڏي. ڪوبه صوفي، تيسين سچو صوفي نه آهي، جيسين شريعت جي پابندي نٿو ڪري. شاهه به انهي قسم جو صوفي هو. اڄ ڪلهه جو ڀنگوڙائي يا نات نوش ڪندڙ صوفي ڪونه هو.

شاهه سيد هو، نبي ﷺ جن جي اولاد مان هو، شيعن وانگر حضرت علي ۽ سندس آل کي گهڻو گهرندو هو، عاشورن ۾ امامن لاءِ ماتم ڪندو هو، پر سينه ڪوبي ڪانه ڪندو هو. ڪربلا جي زيارت لاءِ سنڀري نڪتو هو ۽ ڪيڏاري جي سڄي سر ۾، امامن جي الفت ۾ آهون ۽ دانهون ڪيون اٿس: پر سنين وانگر، هٿ ٻڌي پنج وقت نماز ادا ڪندو هو. چئني يارن جي تعريف ڪندو هو. ٽن خليفن جي ڪڏهن به گلا ڪانه ڪندو هو ۽ هڪ ڀيرو حج لاءِ پڻ سنڀريو هو- هڪ ڀيري ڪنهن کانئس پڇيو ته: ”سائين! توهين سني آهيو يا شيعا؟“ پاڻ وراڻي ڏنائين، ته ”ابا! آءٌ ٻنهي جي وچ ۾ آهيان.“ تنهن تي سوال ڪندڙ چيو، ته ”انهن ٻنهي جي وچ ۾ ته ٻيو ڪي ڪين آهي.“ شاهه جواب ڏنس ته: آءٌ آهيان به اهو ڪي ڪين.“

شاهه جي مذهب جا ٻه پهلو ها: هڪڙو حقيقي ۽ ٻيو مجازي، هو ظاهري طرح شريعت جو پورو پابند هوندو هو، پر جڏهن ’عروج‘ جي حالت ۾ ايندو هو، تڏهن روحانيت جي رستي، پنهنجي خاوند سان اهڙو محو ٿي ويندو هو، جو دنيا ۽ ماسوا کان بي خبر ٿي پوندو هو. خدا جي وحدانيت کان سواءِ انهيءَ مهل ٻيو ڪي به ڪين نظر ايندو هوس، گويا الله سان هڪ ٿي ويندو هو، ته مٿان ماڻهو منهنجون رمزون پروڙي نه سگهن ۽ وڃي گمراهيءَ جي ڪن ۾ ڪرن. صوفيانه اصطلاح ۾ پهرين حالت کي شريعت ۽ ٻي حالت کي طريقت چئبو آهي. روح جي ارتقاءَ لاءِ اهي ٻئي حالتون ضروري آهن. هڪڙي حالت فراق جي آهي ته ٻي وري وصال جي. شاهه الاهي جمال جو جلوو هر هنڌ پسي، الاهي عشق جي عميق ۾ غوطا هنيا ۽ روميءَ جي رمز پروڙي، ان تي عمل ٿي ڪيو، جنهن موجب:

”ملت عشق، از همه دينها جداست،
عاشقان را مذهب و ملت خداست.“

فصل -3

شاهه جون شاعراڻيون خوبيون

شعر لفظ شعور مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ’ڄاڻ‘ پاڪ خيالن جو ترجمان ليکي، ڪيترن بزرگن، شعر کي ’الهام‘ ڪوٺيو آهي. رومي چوي ٿو ته:

’شاعر جزويست از پيغمبري.‘

جيڪا ڳالهه ڳولا ۽ ڪوشش کان سواءِ انسان جي دل ۾ پيدا ٿئي، سا آهي الهام. اهڙي شعر جي قسم کي، ادبي اصطلاح ۾ ’آمد‘ چوندا آهن. يورپ منجهه، اڳئين زماني ۾، شاعر ۽ نبيءَ جي وچ ۾ ڪو گهڻو فرق ڪونه ليکبو هو. ٻنهي کي هڙي نالي، يعني ’وهيٽز‘ سان سڏيندا هئا. درحقيقت، سچو شاعر ۽ نبي، ٻئي الاهي اسرار ۾ مستغرق آهن: ٻنهي کي پالڻهار جي ڏکي پرولي ڀڃڻ جي ڳڻت آهي. شاهه نبي سو نه آهي، باقي ولي بيشڪ آهي. شاهه کي فزط شاعري جو درجو حاصل نه آهي، پر سنڌي، کيس وليءَ جو ممتاز مرتبو ڏين ٿا ۽ کيس تلاميذالرحمان (خدا جو شاگرد) سمجهن ٿا. شاهه جو هر هڪ سر الاهي عشقجو دفتر ۽ خداشناسيءَ جو مخزن آهي. سندس ابيات شعر ۽ شاعري نه، بلڪ آيات عشق الاهي آهن. شاهه جي ڪلام کي الهام چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو:

”جو تون بيت ڀائيين، سي آيتون آهين،
وڃيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.“

شعر ۾، هڪڙا هودندا آهن خيال ۽ ٻيا الفاظ. انسان جي دل جون عجيب ڪيفيتون، يا جيڪي جذبات، جهڙوڪ غم، خوشي، راحت يا حيرت- دل ۾ اڀرن ٿا، تن کي تز الفاظن ۾ ظاهر ڪري، پڙهندڙن جي دل ۾ ساڳيائي اهڙا احساسات پيدا ڪرڻ- اهو شاعريءَ جو اعجاز- ان جو صحيح مقصد به اهوئي آهي. شاهه جي ڪلام ۾، جهڙا آهن خيال عميق ۽ مائيدار، تهڙا آهن الفاظ عمدا ۽ معنيٰ دار. معنيٰ توڙي الفاظن جي لحاظ کان شاهه جو ڪلام عمدو شعر آهي، مثلاً:

”مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿئا نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جئا.“

علم عورض جي عالمن جو فيصلو آهي، ته وزن ۽ قافيو شعر جا ضروري جزا آهن. شاهه واري وقت ۾، شعر ايراني يا عربي وزن تي ڪونه ٺهندو هو. وزن جي عيوض شعر، راڳ جي ماترائن تي ٻڌبو هو. مطلب ته وزن يا راڳ جي ماترائن ۽ قافيي کان سواءِ شعر، شعر نه آهي. شاهه جي ڪلام ۾ اهي ٻئي وصفون آهن. سندس ڪلامي ڏوهيڙن ۾ آهي، سندس بيت هندستاني طرز تي، علم موسيقي جي ماترائن موجب، آواز جي ڊگهائي ۽ گهٽتائيءَ تي، قافيي سان ٺهيل آهن، جن جو مڪمل مزو يا حظ بيت ڳائڻ سان وٺي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ شاه، عربي علم عروض ۾ ڀليءَ ڀت ڀڙ هو، تڏهن به عربي بحر ۽ وزن جو نقل نه ڪري، ديسي طريقو اختيار ڪيو اٿس.

’ڏوهيڙو‘ لفظ دوهي مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’ٻيڻو‘، يعني مثنوي. ڊاڪٽر گربخشاڻي جو چوڻ آهي ته، ”هر هڪ دوهي ۾ ٻه ٻه مصرعون هئڻ گهرجن، جن جي پڇاڙيءَ ۾ ساڳيو قافيه هئڻ گهرجي. هر هڪ مصرع ۾ ٻه پد (حصا) هئڻ گهرجن. انهن چئن پدن مان، پهرئين ۽ ٽئين پد ۾، تيرهن ماترائون هئڻ ضروري آهن ۽ باقي ٻئي ۽ چوٿين پد ۾، يارهن يارهن ماترائون: دوهي ۾ ڪل اٺيتاليهه ماترائن مان، گهٽ ۾ گهٽ چار ضرور چوٽيون هئڻ گهرجن، باقي چوئيتاليهه ماترائون ڊگهيون هجن يا چوٽيون، ته حرڪت نه آهي.“

قاضي قاضن ۽ شاهه عبدالڪريم جو ڪلام پڻ ’دوهو‘ وزن يا دوهرن ۾ لکيل آهي، پر شاهه هن طرز ۾ ب گهڻيون عمديون تبديليون آنديون. شاهه ٻن ٻن مصراعن وارا گهڻا بيت چيا. شاهه ٻئي ۽ چوٿين پد جي پڇاڙيءَ ۾ قافيه وجهڻ جي عيوض، پهرين ۽ ٽئين يا ٻئي ۽ ٽئين پد ۾ قافيه وڌو. پدن ۾، ماترائن جو عدد پڻ، شاهه مختلف رکندو آيو آهي. انهن ڦيرين گهيرن ڪري، بيتن ۾ وڌيڪ پختگي ۽ ميٺاج پيدا ٿيو آهي. شاهه ڪنهن بيت جي پهرين يا پوئين مصراع جو اڌ، ڪيترن بيتن ۾ وري وري آڻي يا فقط مصرع جو هڪ لفظ ڦيرائي يا فقط ٻن لفظن جي پاڻ ۾ جاءِ مٽائي؛ يا هڪڙي لفظ بدران ٻيو ساڳي معنيٰ وارو لفظ آڻي، سڄي بيت جو قافيو بدلائي ٿو، سو هيڪاري سندس شعر کي سوادي ڪيو ڇڏي. مطلب ته شاهه ڪنهن جي به تقليد نه ڪئي، پر پنهنجو نئون ۽ عمدو طريقو ايجاد ڪري، هڪ نئين راهه ڳولي ڪڍي.

شاهه جي ڪلام ۾، بيتن کان سواءِ، هر هڪ سر پٺيان هڪڙي وائي اچي ٿي، جنهن ۾ تن چئين تڪن واريون مصراعون آهن ۽ هڪڙو تلهه اٿس، جو سڀڪنهن مصرع جي پٺيان ورجائي ڳائبو آهي. شاهه جي بيتن واري شعر جو نمونو گهڻي وقت کان سنڌ ۾ رائج هوندو هو، جو ڀَٽ فقير ڳائيندا هئا. انهن کي لوڙائو ڪري چوندا آهن. هندستاني گويا، ڪافي يا غزل يا ٺمري ڳائڻ کان اڳي، ڏوهيڙا ڏيندا هئا. هي طريقو سنڌين به اختيار ڪيو. هو ڏوهيڙا يا لوڙائو ڏئي، راڳڻي بڌي، پوءِ ڪافي يا وائي چوڻ لڳا. اهو عمدو رواج. شاهه وٽ ٿيندڙ سماع جي مجلس مان، سنڌ ۾ رائج ٿيل ٿو ڏسجي. شاهه جي ’وائي‘ ڪافي يا ٺمري جو نمونو آهي، جو انهن جي بدران ڳائبو هو.

ارسطوءَ جي راءِ موجب، محاڪات، يعني مصوري يا نقش نگاري، شعر جو روح آهي. ادب جي ٻين عالمن جو ارشاد آهي، ته تخيل ئي شعر جو روح آهي. حقيقت ۾ محاڪات ۽ تخيل، ٻئي شعر جا اهم ۽ لازمي جزا آهن. محاڪات جي معنيٰ آهي، ڪنهن شيءِ يا حالت جو اهڙي طرز سان بيان ڪرڻ، جو انهيءَ جي تصوير پڙهندڙ يا بڌندڙ جي اکين اڳيان تري اچي. محاڪات، الفاظن ۾ فوٽي ڪڍڻ جو فن آهي. تخيل وري ايجاد جي قوت جو نالو آهي. جنهن جي مدد سان شعر، سامعني جي جذبات ۾ جنبش ڪري ٿو. شاهه جي ڪلام ۾، اهي ٻئي خصوصيتون موجود آهن.

شاه، محاڪات ج ماهر آهي. شاهه جي نقش نگاري، هر هڪ بيت مان ڇُلڪي رهي آهي. جيڪڏهن ڪو چاهي، ته بيت ته بجاءِ خود، پر هرهڪ مصرع جي موضوع تي تصوير ڪڍي سگهي ٿو. (اميد ته ڪو اهڙو شائق نڪرندو، جو شاهه جي بيتن جون تصويرون ڪڍائي شايع ڪرائيندو.) شين ۽ دلي ڪيفيتن جو چٽ چٽڻ، ته ڪو شاهه کان سکي. ٿرن ۽ برن، ڏکن ۽ ڏونگرن، درياه ۽ سمنڊ جي خطرن جون، اهي اهي تصويرون ڪڍيون اٿس، جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن. ڪوبه ڪمانگر، اهڙو نقش مشڪل ڪڍي سگهندو، جهڙو سر سهڻيءَ ۾ شاهه درياه جي دهشتناڪ صورت جو ڪڍيو آهي.

”دهشت دم درياه ۾ جت جايون جانارن،
نڪو سنڌو سير جو، مپ نه ملاحن،
درندا درياه ۾، واڪا ڪيو ورن،
سڄا ٻيڙا ٻار ۾ هليا هيٺ وڃن،
پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تن،
ڪو جو قهر ڪنن ۾، ويا ڪين ورن،
اتي اڻ تارُن، ساهڙ! سير لنگهاءِ تون.“

ڪوبه نقاش، مينگهه ملار جون اهڙيون سهڻيون شڪليون مشڪل ڪڍندو. جهڙيون سر سارنگ ۾، شاهه ڪڍيون آهن مثلاً:

”مند ٿي، منڊل منڊئا، ڪي اوهيڙن اوڪ،
ڇاڇري ٿي ڇنن ۾، ميهون چرن موڪ،
سرهيون ٿيون سنگهاريون، پويو پائن طوق،
ميها، چڀڙ، ڦنگيون، جت ٿين سڀيئي ٿوڪ،
لاهيين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا.“

ڪهڙو ڪاريگر هام هڻندو، ته سر ڪيڏاري ۾، ڪربلا جي جنگ جون، شاهه واريون ڪڍيل لفظي تصويرون نقل ڪري سگهندس؟ شاهه جي محاڪات جو مشهور مثال هن بيت مان ملي سگهي ٿو:

”بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کلول ڪن،
وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪارين، هڻن،
ڪرن، ڪنڌ نچن، رَڻ گجيو، راڙو ٿيو.“

مطلب ته، شاعراڻي مصوري جو ڪمال، شاهه جي ڪلام مان ليئا پائي رهيو آهي.

شاهه جي ڪلام مان، تخيل جو عنصر پڻ بکي رهيو آهي. علم هيئت جو ماهر، چنڊ کي شاعرانه اکين سان نٿو ڏسي. هو ڏسي ٿو، ته چنڊ ٽهيل ڇا جو آهي؟ بذات خود رومن آهي يا سج جي ڪرڻن جو ڇور آهي؟ ڪهڙي سبب سمنڊ جي لهرن کي ڪشش ڪري ٿو؟ پر شاعر، چنڊ جي روشنائيءَ ۾ محبوب جو جلوو ڏسي ٿو. هو چنڊ کي، پنهنجي محبوب کان، ڪئين درجا گهٽ سمجهي، انجا عيب ثواب اُپٽاري ٿو:

”چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان تان نه پرينءَ سين،
تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرو.“

ڪڏهن شاعر وري چنڊ کي، پنهنجي دلبر ڏانهن قاصد ڪري موڪلي ٿو، ڇاڪاڻ جو هو چنڊ کي ساري دنيا تي نظر وجهندو تصور ڪري ٿو.

”اڀر چنڊ! پس پرين، تو اوڏا، مون ڏور.“

پر سائنسدان، اها ڳالهه تسليم نٿو ڪري، ڇاڪاڻ جو هو ٽابت ڪري ٿو، ته چنڊ فقط اڌ دنيا تي روشني وجهي ٿو. شاه، چنڊ کي قاصد ڪري، مٺي منٺار ڏي سنيها ٿو موڪلي:

”چڱا چنڊ! چئيج، سنيها کي سڄڻين،
مٿان اڱڻ اُڀري، پرين جي پيج،
جهيڻو ڳالائيج، پيرن وجهي هٿڙا.“

مطلب ته خيال جي هڏائين پڃري تي شاهه تخيل تي شاهه تخيل جو ماهه چڙهي، سهڻي شاعراڻي حور آنيو اکين اڳيان بهاري.

شاهه ۾ جمال (حسن) جي مشاهدي ماڻڻ جي قابليت هئي. جمال جا ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ: طبعي، جسماني، اخلاقي ۽ روحاني. شاهه طبعي يا فطرتي جمال ڏسي، سندس اپائيندڙ جي واه جي واکاڻ ڪئي آهي. سر سارنگ ۾ قدرتي حسن جو جلوو بيتن ۾ نمايان ڪيو اٿس. درياه جو دل ڏاريندڙ منظر، تارن جي جهرمر، چنڊ جي چٽائي، ڪڪرن جي ڪارونڀار ۽ سڃ جا سينه شگاف ڪندڙ نظارا، ڏاڍي خوبيءَ سان ڪڍيا اٿس. اخلاقي ۽ روحاني حسن جو ذڪر، شاهه هر هڪ سُر ۾ ڪيو آهي. جنهن جو بيان هر هڪ سر جي روحاني راز ۾ ڏنو ويو آهي. مطلب ته، هر بيت ۾، شاهه حق ۽ حسن جو هوڪو ڏئي ٿو. اهڙو ماڻهو ورلي هوندو، جنهن شاهه جي مهراڻ مان، معنيٰ جا موتي هٿ نه آندا هجن.

شاهه جو ڪلام شاعراڻي صنعتن سان پڻ ڀرپور آهي. هن جي ڪلام ۾ فصاحت آهي، يعني هر هڪ لفظ اهڙو استعمال ڪيو اٿس، جو اُچار ڪڍڻ ۾ زبان کي ڪابه هٻڪ يا هٽڪ ڪانه ٿي ٿئي. مثلاً:

”آيل! ان نه وسهان، هنجون جي هارين،
آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي، ڏيکارين،
سڄڻ جي سارين، سي نه ڪي رون نه چون ڪي.“

شاهه جي ڪلام ۾ بلاغت آهي، يعني هرهڪ سخن، وقت ۽ حال مطابق آهي. هو پنهنجن سورمين جي دلي ڪيفيت، چٽائيءَ سان بيان ڪري ٿو. ڪڏهن سسئي جي سورن جو، ڪڏهن سهڻيءَ جي سوز جو، ڪڏهن مومل جي مونجهاري جو، ڪڏهن ليلا جي ليلائڻ جو، ڪڏهن ڪوهياري جي ڪنجهڻ جو ۽ ڪڏهن مارئي جي بند ۾ بيحال ٿيڻ جو بيان وزنائتن لفظن ۾ بيان ڪري، پڙهندڙن کي پنهنجي سحرنگاري سان مفتون ڪيو ڇڏي، مثلاً: مومل کان ٿو چورائي:

”وٽ سوريندي، ولها! ويو تيل ٻري،
موٽ مسافر سپرين! چانگي تي چڙهي،
راڻي لاءِ رڙي، ويئي وهامي راتڙي.“

شاهه جي ڪلام ۾ جدت آهي يعني، هن مضمون اهڙا علحدا علحدا، اختيار ڪيا آهن ۽ اهڙي عمدي طرز سان ادا ڪيا آهن، جو ڪنهن به اڳئين شاعر جو نقل يا تتبع نٿا لڳن. شاهه جو ڪلام جدت ڪري جادوءَ جو اثر رکي ٿو. مٽلاً:

”نيهن نهائين کان، سک منهنجا سپرين!
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.“

شاهه جي ڪلام ۾ سلامت آهي، يعني لفظ اهڙا استعمال ڪيا اٿس، جي ان وقت ماڻهو روزمره جي ڪاروبار ۾ ڪم آڻيندا هئا. سندس بيتن پڙهڻ سان هرڪو چوندو، ته ”سچ چيو اٿس. اهي ڳالهيون منهنجي دل مطابق آهي.“ اها الفاظن جي سادگي شاهه جو مرڪ آهي. نڪي ابوالڦوڙاٽ عربي اکر، نڪي ڳاٽي ڀڳا ٻي ڪنهن ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪيا اٿس. رنگين ۽ گوناگون هوندي به شاهه جو ڪلام، سليس، سلوڻي ۽ سادي سنڌيءَ ۾ آهي.

مثلاً:
”عدل نه ڇٽان آئون، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو.“

شاهه جي ڪلام ۾ بندش آهي، يعني الفاظن جي اچارن ۾ ميٺاج ۽ معنيٰ ۾ موزونيت آهي. شاهه جي استعمال ڪيل الفاظن جي خوبي سندن اچارن، آوازن، لهجي ۽ معنيٰ ۾ آهي. شاهه جي بيتن ۾، نه معنيٰ تنگ آهي ۽ نه قافيو لنگ. مضمونن جي بلندي ۽ بندش، سندس بيتن کي سلوڻو بنايو پڏين. شاهه معنيٰ جي ڪنوار کي موزون الفاظن ۾ ملبوس ڪري هيئن ٿو پيش ڪري:

”پريان سندي پار جي، مڙيئي مٺائي،
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.“

شاهه جي ڪلام ۾، اڪثر ڪري، اکرن جي بيهڪ نثر جهڙي آهي ۽ ٻين شاعرن وانگر پيچيدي نه آهي، مٽلاً:

”سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون؟
وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنن جي.“

شاهه پنهنجي ڪلام کي، سخن جي صنعتن سان به ڪافي سينگاريو آهي، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

جيئن خداداد حسن کي زياده ڌمڪائڻ ۾ موثر بنائڻ لاءِ زالون زيور زيب تن ڪنديون آهن، تيئن شعر جي نازنين پري پيڪر کي، زياده دلڪش بنائڻ لاءِ شاعر سنگار جو سامان وجهي سنواريندا ۽ زياده حسين پنائيندا آهن. شاهه پنهنجي سخن کي، صنعتن سان ڪافي سجايو ۽ سينگاريو آهي. شاهه جيڪي سخن جا سينگار اختيار ڪيا آهن، تن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:

(1) تشبيهون ۽ استعارا:

هي صنعتون سخن جي سونهن آهن. جڏهن عام رواني ماڻهو به جوش ۾ اچي ويندو آهي يا اندوه ۽ غم جي حالت ۾ هوندو آهي، تڏهن بي اختيار، زبان مان اسعتارا نڪري ويندا اٿس، مثلاً ڪنهن جو عزيز مري ويندو آهي، ته چوندو آهي، ته ”دل ٿي ڦاٽيم“، ”توکي ڪنهن جي نظر نيو“، ”ادا! چيلهه ڀڃي ويو“ وغيره. اهي سڀ استعارا آهن، جي دلي رازن بيان ڪرڻ جا فطرتي اوزار آهن. جيڪڏهن اهي ّعر ۾ استعمال ڪبا، ته جذبات جا صحيح ترجمان ٿيندا ۽ ٻين ۾ به اهي ساڳيا ساڳيا امنگ اٿاريندا ۽ دل موم ڪرڻ لاءِ مؤثر ٿيندا.

جيڪڏهن شاعر، کليو کلايو ٻن شين جي ڀيٽ ڪندو، ته چئبو، ته هن تشبيهه جي صنعت استعمال ڪئي آهي. مثلاً شاه، معشوق کي صياد سان مشابهت ڏئي ٿو، جو تير ڪمان کڻي شڪار تي ويندو آهي ۽ جيڪو شڪار ڪندو آهي سو ويندو آهي، جهوليءَ ۾ وجهندو. معشوق پنبڻين جي تيرن ۽ ڀرن جي ڪمان سان، عاشقن جون دليون شڪار ڪري ٿو:

(1) ”هَڻُ حَبيبَ هٿُ کڻي، ٻَنگا لهي ٻاڻُ،

ماڳِهِين مون مِنههُ ٿئي، جهوليءَ وِجهان پاڻُ.“

شاهه مرشد کي لُهار سان مشابهت ڏيندي چوي ٿو، ته مرشد کي ئي خبر آهي، ته ڪهڙن سالڪن پنهنجي خام وڃائي، ڪماليت حاصل ڪئي آهي:

”پچائي پَهاڻُ، جَن رَساڻئو رَڪُ کي،

تَنين سندو ڄاڻُ، آهي آَڳَڙَينِ کي.“

(2) ”چِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَهَڻَ پَٿَراڻِيُون ڀانِئيان.“
(3) ”پَرتوو پنهونءَ جو، جُهڙ جيئن جهالا ڏي.“

جيڪڏهن ڀيٽ اهڙي نمايان ۽ کليل نه هوندو، بلڪ خفيف ۽ لڪل هوندي، ته چئبو، ته شاعر استعاره استعمال ڪيو آهي. شاهه پڻ اسعتارا استعمال ڪيا آهن مثلاً:

(1) ”ساٿِي نهَ پسان سي، جي هُئَمِ هنيين ٿوڻِيُون.“
(2) ”مُنهن ڏيئِي مُون آئِيون، رَنگا رَنگي راهُ.
(3) واڪو ڪَنديَس، ”وو! مون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري!“

(هتي بي جان جبل کي جاندار واري وصف ڏني وئي آهي. جيئن بي جان ڏونگر کي هيٺ خطاب ڪيو ويو آهي.)

”ڏونگَرَ! مُون نهَ ڏُکوءِ، آن اَڳَ ڏُکوئي آهيان.“

اهڙا مثال شاهه جي رسالي ۾ هزارين ملندا.

تضاد:

ٻن متضاد، يعني هڪ ٻئي جي اُبتڙ معنيٰ رکندڙ لفظن کي، ٻن مختلف شين جي ڀيٽ ڪرڻ لاءِ، يا سندن تفاوت کي زياده چٽائيءَ سان ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ، شاعر استعمال ڪندو ته چئبو، ته شاعر تضاد جي صنعت استعمال ڪئي آهي. شاهه اها صنعت هيئن ٿو اسعتمال ڪري:

(1) ”سو هي، سو هو، سو اجل، سو الله،

سو پرين، سو پساه، سو ويري سو واهرو.“

(هتي اجل ۽ الله، ويري ۽ واهرو هڪ ئي هستيءَ جي وصف ڪن ٿا ۽ متضاد آهن.)

(2) ”وحدتا ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل.“

[وحدت (هيڪڙائي) ۽ ڪثرت (گھڻائي) متضاد لفظ آهن، جن کي هڪ ئي مصرع ۾ خوبيءَ سان استعمال ڪيو ويو آهي.]

لف ونشر:

”لف“ لفظ مان مراد آهي ته، ڪن شين جو ذڪر ڪيو وڃي، ۽ ’نشر‘ لفظ مان مراد آهي ته، انهن شين جي مناسب کي بيان ڪيو وڃي. جيڪڏهن مناسبت، نمبروار ۽ ترتيب سان بيان ڪيل هوندي، ته لف ونشر غير مرتب استعمال ڪئي چئبي. شاهه لف ونشر جي صنعت هيئن ٿو استعمال ڪري:

”جيئنءَ سو هَرَڻَ هَماءِ، سَرگَردان سَنسارَ ۾،
هِيءُ پَڳُ نه کوڙي پَٽين، هُو ڌَڙَ سِرِ ڌَري نه ساهُ.“

[پهرين مصرع ۾ ٻه فاعل آهن. هڪڙو هرڻ ۽ ٻيو هماءُ. ٻي مصرع ۾ انهن بابت چيل آهي ته هيءُ يعني هماءُ پٽ تي پير نٿو رکي (بي قرار آهي ۽ هُو يعني هرڻ ڌڙ ۾ ساه نٿو رکي يعني بي آرام آهي.)]

ايهام:

”ايهام“ لفظ جي معنيٰ آهي، وهم ۾ وجهڻ. جيڪڏهن ڪلام ۾، هڪ لفظ اهڙو اچي، جنهن جون ٻه معنائون هجن، هڪڙي ويجهي، ٻي پرين ۽ ٻڌندڙ جو گمان ويجهي معنيٰ ڏانهن وڃي، مگر شاعر جي مراد پرين معنيٰ جي هجي، ته چئبو ته، شاعر، ايهام جي صنعت استعمال ڪئي آهي. ويجهي معنيٰ جو مطلب آهي، اُها معنيٰ جا ذڪر ڪيل ڳالهه جي مناسب نه هجي، پر لڪل معنيٰ جي لحاظ کان اها معنيٰ ڪڍي سگهجي. شاهه مان ڪي ايهام جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.

(1) ”ننگَرَئُون نيڻين، مَڻُ اولِيءَ نه اوهَري!
سَٻاجهين سيڻين، پائي ڳُڻَ ڳِهِيون هِيُون.“

[”ڳڻ“ لفظ جي معنيٰ آهي 1- خصلتون 2- نوڙي. هتي ٻئي معنائون لڳن ٿيون.]

(2) حَقّا حَقّ ٿِيوسِ، هُئِي طالِبَ حَقّ جِي.“

[حقا معنيٰ (1) حق يا خدا وٽان (2) تحقيق، حق معنيٰ انصاف. ٻي نمبر استعمال ڪيل ”حق“ جون معنائون آهن (1) مڙس (2) سچ، خدا.]

(3) ”ورَ وَراڪا وچَ ۾، لکين آڏا لَڪَ،

هو جي آڏا حَقَ، سي ڪَندا ڪوهَ ڪَنديَنِ کي؟“

[حق= (1) مڙس، ڀتار (2) خدا (3) سچ.]

(4) ”وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وڏو ڪيو.“

[ور= (1) مڙس (2) پيچ، ڦيرو (3) مڪر، ڇند]

(5) ”جا هَڙَ ڇُڙي نهَ ساهَ جِي، سا هَڙَ ساهَڙَ ساهَڙَ رِيَ،

ساهَڙَ ميڙِ، سَمِيعَ، ته سا هَڙَ ڇُڙي ساهَ جِي.“

[ساهڙ= (1) دوست (2) محبت جي ڳنڊ- هن صنعت کي، تجنيس مرڪب پڻ چئبو آهي.]

مراعات نظير:

جيڪڏهن شاعر، اهڙا لفظ هڪ هنڌ اسعتمال ڪري، جن جي پاڻ ۾ هڪ ئي ٻئي سان مناسبت هجي. جهڙوڪ باغ جي بيان ۾، گُل، بلبل، باغبان، سرو، قمري جو ذڪر ڪرڻ، ته چئبو ته شاعر مراعات نظير جي صنعت استعمال ڪئي آهي. رسالي مان چند مثال هيٺ ڏجن ٿا:

(1) ”ڪاتي جا قريب جي، سا هَڏي چيري چم،

عاشق پنهنجو لحم، لله ڪارڻ وڍيو.“

[ڪاتيءَ جي ذڪر سان ’هڏ‘، ’چم‘ ’لحم‘ (گوشت) جو ذڪر ڪهڙو نه موزون ٿو لڳي.]

(2) ”اڃا کوري ماڳَ، مَٽَ، ڪُٽِڪا، ڪَٽَ گهَڻا.“

[ڪلاڙن جي کوري (بٺيءَ) جو ذڪر ڪندي، مٽ، ڪٽڪا (دلي)، ڪٽ (وڏي مٽ) جو بيان ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو اتي اهي موجود هوندا آهن.]

(3) ”دائودي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونهي رَنگُ،

گهوڙيءَ هيٺ آينگُ، ڪاهِيو پاکَرِيين هَڻي:

(4) ”مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُهِيَن سَڏ ڪَرِين،

ساٿُ نِباهِيو نِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين.“

[ٿڪلن کي سڏ ڪيو، سندن سامان اٺن تي رکي، ساري ساٿ کي منزل مقصود تي پهچائڻ، سڄن جو شيوو آهي.]

تجنيس خطي:

جيڪڏهن، جملي ۾ گهڻا لفظ اهڙا هوندا جن جو پهريون اکر ساڳيو هوندو، ته چئبو ته ڪلام ۾ تجنيس خطي رکيل آهي. شاهه جي سڄي رسالي ۾، اڪثر هر هڪ مصرع ۾، تجنيس خطي گهڻي استعمال ٿيل آهي، مٽلاً:-

(1) ”لڱن تان لطيف چي لوئي لاه مَ لال!.“

[ٻن لفظن کان سواءِ ٻيا سڀيئي لفظ ”ل“ سان شروع ٿين ٿا.]

(2) ”لوئيءَ ۾ لائون، مون ماروُءَ سين لڌيون“
(3) ”مينڍا ڌوءِ نه، مارئي، محلين مارنئا ڌار،
پايو ميٽ ملير ري، مُنڌ ته ويڙهي وار،
جا هتيجن هار، سا ڪيئن وهندي ڪوٽ ۾؟“
(4) ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپِڙي، تن لهي نه لالي،
ڪڙي ڪيف خماريا، مَيءِ پي موالي،
ڪري حاصل هليا، ڪيفيت ڪمالي،
وتن وصالي لڊوڻيا لوڌي ٿيا.
مجاز مرسل:

جيڪڏهن ڪو شاعر ڪنهن شيءِ جي، عامي نالي وٺڻ بدران، نهي ڌاتوءَ يا شيءِ جو نالو وٺي، جنهن مان اها ٺهيل آهي، ته چئبو ته شاعر، مجاز مرسل جي صنعت استعمال ڪئي آهي. شاهه جي ڪلام مان، مجاز مرسل جا چند مثال هيٺ ڏجن ٿا:

(1) ”ڪاتي ڪونهي ڏوه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾،
پسيو پر عجب جي، لچيو وڃي لوه.“

(ڪاتيءَ جي بدران ’لوه‘ جنهن مان ڪاتي ٺهيل آهي، استعمال ڪري، شاهه مجاز مرسل جي صنعت استعمال ڪئي اهي.)

(2) ”مارين ٿو مُون کي! چاڙهي لوهَ لطيف چي.“

(’تير‘ جي بدران ’لوه‘ لفظ ڪتب آندو ويو آهي، جنهن مان تير ٺهيل هوندو آهي.)

(3) ”اڀيون اوري پار ڏي، ڪوڙيون ڪک پڇن“.

(’ترهي بدران ’ڪک‘ لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.)

(هتي جبل جي عيوض، ’پٿر‘ لفظ ڪم آندو آهي.)

شاهه پنهنجي ڪلام ۾، جانيءَ جي جمال جا جلوا، ڪائنات جي جوڙجڪ جا پراسرار راز، ۽ انساني فطرت جا روحاني راز پلٽيا آهن، جنهن ڪري سندس ڪلام بنهه جهوني ٿيڻ جو نه آهي.

شاهه نوان نوان ويس ۽ ورن ڍڪي، ويهي ٿو اندر جو حال اوري ۽ روحاني رهاڻ ڪري. ڪٿي ڏس، ته سسئي ٿي، لوڪاني لڄ لاهي، پنهونءَ پٺيان، ڏونگر ٿو ڏوري، ڪٿي ڏس ته مومل ٿي، راتين جون راتيون، راڻي جي اوسيئڙي ۽ انتظار ۾، اکين کي اوجاڳا ٿو ڏئي. ڪئي مارئي ٿي، ملڪ جا ماروئڙا ٿو ساري، ڪٿي ليلا ٿي، مڻئين تي محبوب وڪڻي ۽ ندامت جا هٿ مهٽي، ويهي ٿو ڳوڙها ڳاڙي. ڪٿي ڏس ته، سهڻي ٿي سياري جي سيءَ ۾ ساهڙ ڪارڻ ڪارا ڪن ٿو تري. ڪٿي ڏس ته، نماڻي نوري ٿي، سمي سان سهج ٿو ڪري. ڪٿي ڏس ته، سورٺ وَرُ ٿي، ڪٽاريءَ سان ڪنڌ، ڪلهنئون ڪپي ٿو ڏئي، ڪٿي ڏس ته ڪاپائڻ ٿي، چاه مان چرخو ٿو چوري. ڪٿي ڏس ته، ڪن ڪٽ، ڪاپٽ ڪاپڙي ٿي، طَمع ترڪ ڪري، هنگلاج ٿيو هلي ۽ ڪٿي ڏس ته لاهوتي ٿي، معرفت جي مهراڻ ۾ ٽٻيون هڻي، لاهوت لامڪان ٿو رسي. نيٺ پاڻ سڃاڻي ايئن ٿو ڄاڻي ته:

”پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين،
هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.“

شاهه جي شعر، اهڙو ڪو جادو آهي، جو جيڪڏهن پڙهندڙ جدا جدا اکرن جي معنيٰ نٿو به سمجهي، ته به جوهر يا تت جهپيو وٺي ۽ خيال جِنيانوَ ۾ گهڙيو وڃيس. اهو ميٺاڄ ۽ مزو ٻين جي شعر ۾ ورلي ملندو.

شاهه جي لفظ جو ساز به واه جو هو. هن کي جاچ جي جبري طاقت هئي، جنهن ڪري شين کي جاچي، انهن جي ساخت موجب به انهن کي نالا ڏئي ٿو: مٽلاً: سڀ جا ٻه پڙ ڏسي کيس ڪهڙو نه پورو نالو ٿو ڏئي:

”ٻاڙو پئي نه ٻپڙي، مٺو منهن لڳوس.“

شاهه اکرن جو اکٽ ڀنڊار آهي. هڪ لفظ جا ڪئين متراد اکر ٿو ڏي. هڪ لفظ جا جيڪي ثاني لفظ ڏئي ٿو، تن جي وچ ۾ فرق به رکي ٿو. اٺ لاءِ ڪوهر، چانگو، ليڙو، توڏو، گؤنرو، ميو، ٻور، بوتر وغيره. تير لاءِ، سيلو، پيلو، لوري، لوهه، ڪان ۽ بان وغيره، بهادر لاءِ، وير، ڪوپو، مهائي، جنگ، پانو، مانجهي، سڌر، ورنہ، ڪونئرو، بانڪرو، بانڪو، پاوننگ، گهوٽ، وارت ۽ بورائو وغيره. شراب لاءِ، ڪڪو، مڌ، سرو، مي وغيره.

اهي لفظ پنهنجي علمي لياقت يا پسورائي پسائڻ خاطر استعمال ڪونه ٿو ڪري، پر هرهڪ لفظ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مستقل ۽ موزون معنيٰ ٿو پيش ڪري.

انهن سڀني خوبين جي با تي، ائين چوڻ غيرمناسب نه ٿيندو، ته شاهه سنڌ جي شاعرن جو سرتاج آهي، ڇاڪاڻ جو، ٻيا سنڌي شاعر، شاهه جي ڪڙيءَ تي اڃا پهچي ڪونه سگهيا آهن. ”شاهه جو ڪلام، خلوت ۾ پڙهبو، خواه محفل ۾، خواه ڪنهن مثال يا ٽيڪا طور ڪتب آڻبو، ته نيون نيون خوبيون اسان جي اچرج جو ڪارڻ ٿينديون، ۽ سندس طبع جي فراواني جي شاهدي ڏينديون ۽ وري وري پڙهڻ سان سندس شعر ۾ ضرور اهڙي ڪا نئين نزاڪت نظر چڙهندي، جا اڳي اک کان گُسي ويئي هوندي.“

فصل -4

رسالي جي سرن جو احوال

هندستاني علم موسيقي مطابق، ڇهه وڏا راڳ آهن ۽ هر هڪ راڳ کي 5 زالون (راڳڻيون) 8 پتر (پٽ) ۽ 8 ڀارجا (ڌيون) آهن. شاهه جي رسالي کي ترتيب ڏيندڙن، ڪن سرن تي، هندستاني راڳن ۽ راڳڻين جا نالا رکيا آهن. وڏن راڳن مان صرف ”سرراڳ“ جو نالو، هڪ سر تي رکيو ويو آهي، باقي ٻيا نالا فقط راڳڻين جا آهن، جي هيٺ ڏجن ٿا:

(1) ڪلياڻ (2) يمن ڪلياڻ (سپورڻ راڳ) (3) کنڀات (ڪماج) (4) سهڻي (توڏي، ديپڪ راڳ جي زال) (5) سارنگ (ملهار) (6) ڪيدار (ڪيڏارو) (7) ديسي (ديبڪ جي هڪ زال) (8) سورٺ (9) پروا (بروو سنڌي) (10) رامڪلي (11) بلاول (12) آسا (13) ڌناسري (اهو سڄو سر ڪڍيو ويو آهي) (14) پوربي (15) ڪاموڏ (مامود) (16) نسبت.

رسالي مرتب ڪندڙن، وري ڪن سرن تي مضمون جي مد نظر نالا رکيا آهن، جي هيٺ ڏجن ٿا.

(1) سامونڊي (سري راڳ ۾ ڳائي سگهجي ٿو) (2) سسئي آبري (ديسي ۾ ڳائي سگهجي ٿو) (3) معذوري (4) ڪوهياري (5) مومل راڻو (6) کاهوڙي (7) رپ (8) ليلان چنيسر (9) ڪاپائتي (10) مارئي (11) ڪارايل (12) گهاتو (13) حسيني (عربي ۽ فارسي سر) (14) پرڀاتي (15) ڏهر (16) هير رانجهو (هي سڄو سر خارج ڪيو ويو آهي.) (17) بيراڳ هندي (هي سڄو سر رد ڪيو ويو آهي) (18) سر بروو ڇوٽڪو (هي سڄو سر رد ڪيو ويو آهي.) (19) ڍول مارئي هي سڄو سر ترڪ ڪيو ويو آهي.)

جن سرن تي، مضمون مطابق نالا ڏنل آهن، سي گَوين کان ڳارائي، معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، ته ڪهڙن راڳن يا راڳڻين ۾ اهي ڳائي سگهن ٿا. هنن جو متفق رايو آهي، ته اهي بيت، گهڻين ئي هندستاني راڳڻين ۾ ڳائي سگهجن ٿا. شايد اهوئي سبب آهي، جو مٿن نالا مضمون جي مدنظر رکيا ويا آهن.

فصل 5

رسالي جي تصنيف ۽ تاليف

شاهه عبدالطيف پنهنجن هٿن سان، ڪي به ڪين لکيو هو، جڏهن وجد جي حالت ۾ ايندو هو، تڏهن ي البديہ يعني بي اختيار ويندو هو بيت چوندو، جي سندس فقير بروقت لکي وٺندا هئا، ۽ ياد ڪيو پيا ڳائيندا هئا. انهيءَ فقير، شاهه جي ڪلام جا ٽي نسخا لکيا هئا. عام طرح سان چيو وڃي ٿو، ته وفات کان تورو اڳ، شاهه فقيرن کان اُهي نسخا وٺي، ’ڪراڙ‘ جي ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيا هئا؛ ڇاڪاڻ جو کيس انديشو هو، ته متان رواجي ماڻهو، سندس ڪلام جو روحاني راز نه پروڙي، گمراهيءَ جي ڪن ۾ ڪرن. شاهه جي انهيءَ قدم تي، مريدن ۽ فقيرن ۾ واويلا مچي ويئي. شاهه کي رحم اچي ويو، جنهن پنهنجي مريدياڻي مائي نيامت (نعمت) جنهن کي اڪثر بيت برزيان ياد هئا، کي حڪم ڏنو، مريدن کي بيت لکارائي. جيئن جيئن بيت لکيا ويا تيئن تيئن شاهه تصديق ڪندو ويو، ته ڪلام صحيح نقل ڪيو ويو آهي. انهيءَ نسخي کي ’گنج‘ ڪوٺيندا آهن. جو اڃا درگاه جي گادي نشين وٽ رکيل آهي. ’گنج‘ ۾ شاهه جا بيت ڪنهن به ترتيب يا ’سلسلي‘ وار درج ٿيل ڪونهن. سندن وفات کان پوءِ، فقيرن بيتن کي مضمون مطابق سرن ۾ تقسيم ڪري، موجوده صورت ڏني.

ڪوبه عقل وارو، انهيءَ ڳالهه تي اعتبار نه ڪندو ته ڪو شاعر، پنهنجو ڪلام هن طرح ضايع ڪندو. ڀورڙن کي ڀنڀلائڻ لاءِ هي اُٺاوَ، گهڻن ئي ٻين درويشن صفت شاعرن لاءِ پڻ گهڙيا آهن، بهر صورت رسالو، ڇهه سو سالن کان به مٿي، شاعر جي سن وفات يعني 1702ع کان وٺي 1866ع تائين، قلمي صورت ۾ رهيو. پهريون ڇاپو ٽرمپ صاحب جي ڪوشش سان، جرمنيءَ جي لپسيا شهر ۾ ڇپيو. هن صاحب کي ٻه عمدا جهونا قلمي نسخا هٿ چڙهيا هئا. جن کي ڪنهن هوشيار سنڌيءَ کان ڀيٽرائي صحيح ڪري، مذڪور نسخو تيار ڪرايائين. جيتوڻيڪ هن نسخي ڇپڻ لاءِ، کيس برطانيه سرڪار کان ڪافي مالي مدد ملي، تنهن هوندي به گهٽ رقم هئڻ سبب، ڪيترا سُر پنهنجي ڇپيل نسخي ۾ درج ڪرائي نه سگهيو. هن ڇاپي ۾ فقط 26 سر آهن. انهيءَ جي علاوه منجهس ٻيو به خاميون رهجي ويون. هڪ ته صورتخطي نه اصلوڪي ۽ نه آهي هاڻوڪي. مگر سندس خود بنايل. ٻيو ته تلفظ 1866ع وارو اختيار ڪيو اٿس. ٽيو ته، ڪٿي ڪٿي پڙهڻيون بدلايون ويون آهن. انهن سڀني اوڻاين جي هوندي به، شاباس آهي هن شخص کي، جنهن رسالي کي اونداهيءَ مان ٻاهر ڪڍيو. هن نسخي ۾ جيڪي وايون درج ٿيل آهن، سي درحقيقت شاهه جون آهن. اها هن نسخي جي وڏي خوبي آهي.

رسالي جو ٻيو هڪ سنگي ڇاپو، قاضي ابراهيم جي سعيي سان، بمبئي ۾ سن 1867ع ۾ سايع ٿيو، جنهن ۾ هن صاحب بنا ڪنهن تميز جي، جيڪو ڪچو ڦڪو ڪلام هٿ آيو اٿس، سو کڻي درج ڪيو اٿس. هن نسخي جي صورتخطي پڻ اڳوڻي آهي، جنهن جي پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. ”هن جهڙو ردي نسخو هڏهين هٿ نه ايندو. ”(گربخشاڻي)

سن 1900ع، سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي، موجوده صورتخطي ۾ رسالو ڇپايو، جنهن ۾ به عيب آهن. هڪڙو ته شاهه جي ڪلام ۾ ٻين سگهڙن جو جيڪو ڪلام اچي ويو آهي، تنهن کي ترڪ نه ڪيو ويو آهي. ٻيو ته شاهه جي ڏينهن وارو تلفظ ڦيرائي، ”ان کي عاملڪو لباس پهرايو ويو آهي.“ ٽيون ته ڪيتريون صحيح پڙهڻيون ڇڏي، خودڪشيديون پڙهڻيون ڏنيون ويو آهن.

سن 1913ع ۾، مرزا ڪليچ بيگ، سرڪاري ڇاپي ۾ جيڪي بمبئي ڇاپي وارا ڇڏيل بيت هئا. سي اضافو ڪري موجوده صورتخطيءَ ۾ هڪ ڇاپو پڌرو ڪيو. هن ڇاپي ۾، بمبئي واري سنگي ڇاپي ۽ سرڪاري ڇاپي وارين سڀني واڻاين سان گڏ، وڏي وڏ هيءَ آهي جو، منجهس ڇپائيءَ جون نهايت گهڻيون چڪون رهجي ويون آهن، جنهن ڪري پڙهڻ جي قابل نه آهي. هن نسخي جي هوبهو سنگي ڪاپي مولوي ابراهيم بختارپوريءَ سن 1913ع ۾ عباسي لٿو پريس مان ڇپارائي، جنهن ۾ ٽپڙ ساڳيا آهن.

سن 1913ع ۾، ڊاڪٽر گربخشاڻي گهڻي جفاڪشيءَ بعد شاهه جي رسالي جا ٽي جلد معنيٰ، شرح ۽ سمجهاڻيءَ سميت شايع ڪرائي، سنڌي ادب جي بي انتها خدمت ڪئي. هن نسخي ۾ هيٺيون خصوصيتون آهن.

هڪڙو ته گهڻي تفحص ۽ ڇاند ڇونڊ بعد، ڌاريون ڪلام ترڪ ڪري، شاهه جو صحيح ۽ سڄو ڪلام ڏنو اٿس. ٻيو ته، لفظن جا اشتقاق ڏنا اٿس. ٽيون ته، هر هڪ اکر تي اعرابن ڏيڻ ڪري پڙهڻي ٻڌي ڇڏي اٿس. چوٿون ته، مختلف پڙهڻيون هيٺان حاشيءَ ۾ ڏنيون اَٿس. پنجون ته، صورتخطي موجوده آهي. ڇهون ته تلفظ لاڙي رکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته شاهه لاڙ جو هو. رسالي جي قلمي نسخي ۾ ڏنل تلفظ لاڙي آهي، لاڙ جا ماڻهو اڃا تائين اکرن جو اهو تلفظ ڪندا آهن ۽ اهو تلفظ اشتقاق مطابق آهي.

هيترين خوبين هوندي به اڃا هي نسخو مڪمل نه آهي. رواجي نسخن ۾ 37 سر آهن. جن مان ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب هيٺين ڇهن سڄن سرن کي ڌاريون ڪلام سمجهي ترڪ ڪرڻ جو خيال، مقدم جي ڏهين فصل ۾ ظاهر ڪيو آهي:

(1) سر بيراڳ هندي (2) سر ڌناسري (3) سر بروو سنڌي ڇوٽڪو (4) سر ڍول مارئي (5) سر ڌناسري (6) سر بسنت. مرزا قليچ بيگ شاهه جي ’احوال شاهه عبداللطيف‘ واري ڪتاب جي صفحي 62 تي سر بيراڳ، هير رانجهو، ڍول مارئي، سر سنڌي پروو ڇوٽڪو، ڌاريون ڪلام تسليم ڪري ٿو. انهيءَ حساب سان به، باقي شاهه جا مرتب ڪيل 13 سر ٿيا، جن مان ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ٽن حصن ۾ فقط 17 سر اچن ٿا. چيو وڃي ٿو ته چوٿون جلد تيار ڪري رکيو هئائين، پر ڪن نامعلوم سببن ڪري شايع ڪرائي نه سگهيو. ڊاڪٽر دئود پوٽي، صاحب، جنهن ساڻس ڪلهوڪلهي ۾ ڏئي ڪم ڪيو هو، تنهن مون کي ٻڌايو ته ”مون، چوٿون جلد، گربخشاڻي جي آنجهاني ٿيڻ بعد، سندس پٽ کان گهريو هو، پر هو نٽائي ويو. مون چوٿو جلد ڪونه ڏٺو هو ۽ نڪي ان جي تيار ڪرڻ ۾ ڪو منهنجو حصو هو. منهنجي خيال موجب سر ڪيڏارو شاهه جو ڪلام نه آهي. ڊاڪٽر اهو ٽئين جلد ۾ درج ڪيو، تنهن ڪري منهنجو هن سان اختلاف ٿيو هو ۽ آءٌ پوءِ ساڻس شريڪ ڪار نه رهيس.

موجوده نسخي ۾ هيٺيون خوبيون رکيون ويون آهن:

شاهه جا ٽيهه ئي سر ڏنا ويا آهن، يعني شاهه جو مڪمل رسالو پيش ڪيو ويو آهي.
سڀني سر ۾ تلفظ لاڙي رکيو ويو آهي.
اکرن جي هجي، هاڻوڪي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڏني ويئي آهي.
ڇنڊ ڇانڊ بعد ڌاريو ڪلام رد ڪري شاهه جو سچو ۽ صحيح ڪلام پيش ڪيو ويو آهي.
ته هر صفحي جي هيٺيان، اهنجن الفاظن جي معنيٰ ڏني ويئي آهي، جيئن پڙهندڙ کي هرهر سارو ڪتاب اٿلائي، پٺيان معنيٰ ڳولڻ جي تڪليف ڪرڻي نه پوي.
هر هڪ اکر کي اعراب ڏنا ويا آهن، جيئن ڪابه پڙهڻ ۾ غلطي نه ٿئي.
هر هڪ سر جي اڳيان، سر جي حقيقت، مضمون، آکاڻي ۽ روحاني راز، نثر ۾ بيان ڪيا ويا آهن.
ڇپائي سٺي ڪاغذ، گهڻي احتياط ۽ خرچ سان ڪرائي ويئي آهي.
رسالي جي سڀ ڪنهن نسخي ۾ سرن جو سلسلو به الڳ الڳ آهي. هن نسخي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي وارن ڏنل 17 سرن جو نمبر ساڳيو بهاريو ويو آهي ۽ باقي سر، اهميت آهر نمبر وار بهاريا ويا آهن.