آگم ڪيو اچن...

عنوان شاھ جو رسالو
شارح / محقق غلام محمد شاھواڻي
ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
ڇپجڻ جي تاريخ 1950-10-06
ايڊيشن 1

فھرست

سُر ڪلياڻ

ڪلياڻ ٺيٺ اوائلي ٻول آهي ۔ جنھن جي معنىٰ آهي "سک"۔ هي سر دل کي سڪون بخشي ٿو ۽ رسالي جي ترتيب مطابق پهريون نمبر سر آهي۔ هي سر رب جي حمد و ثنا سان شروع ٿئي ٿو۔ ان کان پوء پيغمبر ڪريم صلى الله عليه وسلم کي دنيا جي پيدائش جو سبب ڄاڻائي ٿو.

داستان پھريون
بيت - 1

اَوَلِ، اللهُ، عَلِيمُ اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَھِجي قُدرتَ سين، قائمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي، واحدُ، وَحۡدَہٗ، رازِقُ رَبُّ رَحيمُ،
سو ساراھِ سچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.

بيت - 2

جوڙٖي جوڙَ جَھانَ جِي، جڏہ جوڙِيائِين،
خاوَندُ خاص خَلِقي، مُحمَّدُ مُڪائِين،
ڪَلمو تهِ ڪَرِيمَ تي، چِٽو چايائين،
اَنَا مولاکَ وَ اَنتَ مَحبُوبِي،‌ اِيَ اُتائِين،
ڏِکِي ڏِنائِين، ٻَئِي سَرائون سَيِّدُ چي.

بيت - 3

جوڙٖي جوڙَ جَھانَ جِي، پاڻُ ڪِيائين پَرِوارُ ،
حامِي، ھادِي، ھاشمِي، سَرِدارين سَرِدارُ،
سُنھي صَحابَنِ سَٿَ ۾، مَنجِهہ مَسِجِدِ مڻيادارُ،
چَارَئِي چڱا چؤڌارُ، ھُئا ھيڪاندا حَبِيبَ سين.

بيت - 4

وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ، چَئِي، چُوندو آءُ،
فَرضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئُون تَرڪُ مَپاءِ،
توبَهَ سَندِي تَسبِيح، پَڙَهَڻَ ساڻُ پُڄاءِ،
نِڱا پَھجٖي نَفسَ کي، ڪا سَئِين راھَ سُونھاءِ،
تہ سَندِي دوزَخَ باھِ، تو اوڏِيائي نہ اَچي.

بيت - 5

وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ، جان ٿو چَئين اِيَّ،
تان مَڃ مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، نِرتُون مَنجهان نِيهَ،
تان تُون وَڃِئو ڪِيَّ، نايين سِرُ ٻِيَنِ کي.

بيت - 6

وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ، جَڏِهن چَيو جَنِ،
تَنِ مَڃيو مُحَمّد ڪارَڻي، ھيجاہ ساڻُ ھِيّنِ،
تڏہۡ منجها تَنِّ، اَوَتَڙ ڪونَہ اولِئو.

بيت - 7

وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ، جَن اُتو سين اِيمانَ،
تَنِ مَڃِيو مُحَمَّد ڪارَڻِي قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوتَڙِ ڪِهۡ نہ اولِئا.

بيت - 8

اَوتَڙِ ڪِهۡ نہ اولِئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ،
ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سين عالِمَ،
بي بَھا بالِمَ، آڳي ڪِئا اَڳَھِمۡ.

بيت - 9

آڳي ڪِئا اَڳَھِمۡ، نِسورو ئِي نُورُ،
لاخَوفُ عَلَيھِم وَلاھُم يَحزَنُون، سَچَنِ ڪونِه سُورُ،
مولا ڪئِو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُن جو.

بيت - 10

وَحۡدَہٗ جَي وَڍِيا، اِلااللهَ سين اورِينِ،
ھِيُون حقِيقَتَ گَڏِئو، طريقتَ تورِينِ،
مَعرفَتَ جِيَ ماٺِ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ،
سُکِ نہ سُتا ڪَڏَهِمۡ، ويھِي نہ ووڙِينِ،
ڪُلَنِئُونِ ڪورِينِ، عاشِقَ عبدُاللّطيفُ چي.

بيت - 11

وَحۡدَہٗ جَي وَڍِيا، اِلاَللهَ اَڌَ ڪِئا،
مُحَمَّدُ رَسُولُ چئي، مُسلمانَ ٿِئا،
عاشقَ، عبدللطيف چي، اِنھِمۡ پَھِ پِيا،
تيلاھَ ڌَڻِيَ ڌُئا، جيلاھَ وِئا وَحدتَ گَڏجِي.

بيت - 12

وَحۡدَہٗ جَي وَڍِيا، ڪِئا اِلّاَاللهَ اَڌَ،
سِ ڌَڙَ پَسِي سَڌَ، ڪِه اَڀاڳِيَ نہ ٿِئي.

بيت - 13

سِرُ ڍُونڍِيان، ڌَڙَ نہ لَھان، ڌَڙَ ڍونڍِيان، سِرُ ناھِ،
ھَٿ ڪَرايون آڱرِيُون، وِئا ڪَپِجِي ڪانِه،
وَحدتَ جٖي وِھانءِ، جي وِئا سي وَڍِئا.

بيت - 14

وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ، ٻُڌءِ نہ ٻوڙا،
ڪِ تو ڪَنين نہ سُئا، جي گَهٽَ اندر گهوڙا،
ڳاڙيندہۡ ڳوڙها، جِتِ شاھدَ ٿِندءِ سامُها.

بيت - 15

وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ، اِيُ وِھائِج وِيُّ،
کَٽين جي ھارائين، ھنڌُ تُھجو ھِيُّ،
پاڻا چُندءِ پِيُّ، ڀَري جامُ جَنَّتَ جو.

بيت - 16

وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ، اِيُّ ھيڪَڙائِيَ حَقُّ،
ٻِئائِيَ کي ٻَکُ، جَنِ وڌو سي وِرَسِئا.

بيت - 17

عاشق چَؤُ مَ اُن کي، مَ ڪي چَؤُ معشُوقُ،
خالقُ چَؤُ مَ خامَ تون، نہ ڪِي چَؤُ مخلوقُ،
سَلِج تَھِن سُلوڪُ، جو ناقِصئان نِڱيو.

بيت - 18

وَحۡدَتا ڪَثرتَ ٿِي، ڪَثرتَ وحدتَ ڪُلُّ،
حَقُّ حَقِيقِي ھيڪَڙو، ٻولِي ٻِي مَ ڀُلُّ،
ھُو ھُلاچو ھُلُّ، بِاللهِ سَندو سَڄَڻين.

بيت - 19

پاڻِهۡ جَلَّ جَلاَلُهٗ، پاڻِهۡ جانِ جمالُ،
پاڻِهۡ صُورَت پِرِيَ جِي، پاڻِهۡ حسنُ ڪمالُ،
پاڻِهۡ پِرُ مُريدُ ٿيي، پاڻِهۡ پاڻَ خيالُ،
سڀ سڀوئِي حالُ، مَنجهائِي معلوم ٿيي.

بيت - 20

پاڻِهۡ پَسي پاڻَ کي، پاڻِهۡ ئِي محبوبُ،
پاڻِهۡ خَلقي خُوبُ، پاڻِهۡ ئِي طالبُ تِن جو.

بيت - 21

سو ھِيُ، سو ھُو، سـو اَجلُ، سو اللهُ،
سو پِرين، سو پَساھُ، سو ويرِي، سو واھَرُو.

بيت - 22

پڙاڏو، سو سَڏُ، وَرُ وائِيَ، جو جَي لَھين،
ھُئا اَڳِھِمۡ گَڏُ، ٻُڌڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.

بيت - 23

ايڪُ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙِين ڪَڻِسِ ڳِڙکِيُون،
جيڏاہُ ڪريان پَرَکَ، تيڏاہُ صاحبُ سامُهون.

بيت - 24

ڪوڙِين ڪايائُون تِھُجيُون، لِکَنِ لَکَ ھزار،
جِيُ سڀِڪِهۡ جِيَ سين، دَرَسَنُ ڌارو ڌارَ،
پِرِيمِ تُھجا پارَ، ڪِھَڙا چئِي ڪِيَ چُئان.

وائي

سَڀَڪا پِريان ڪُون پُوڄي،
نينهُ نيڻين ڳُڻُ ڳالهہ وو.
جا چِتَايم چِتَ ۾، سا ٿو سَڄَڻُ ٻُجهي،
نينهُ نيڻين ڳُڻُ ڳالهہ وو.
لاتِ جا لَطيِفَ جِي، سَڏُ تُھِجو سُڄي،
نينهُ نيڻين ڳُڻُ ڳالهہ وو.

داستان ٻيو
بيت - 1

اَگِهي آَگهائِي، رَنجُ پِرِيان کي رَسيو،
چَکِيَم چڱائِي، سورانگهي سُورِيءَ تان.

بيت - 2

اَنڌا اُونڌا ويڄ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانِئيين؟
اسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِيارين پيڄَ،
سُورِي جَنِين سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاهِدو.

بيت - 3

سُورِيءَ سَڏُ ٿِيو، ڪا ھَلَندِي جيڏِيُون؟
وَڃَڻُ تَنِ پِيو، نالو نيِهُ ڳِنَنِ جي.

بيت - 4

سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀيِ عاشِقَنِ کي،
جي اٿئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تو ڪَؤُ مَ، پيرُ پري،
سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِج، پوءِ پِرِيتَڻُون.

بيت - 5

سُوري آھِ سِنگارُ، اَڳِھِين عاشِقَنِ جو،
مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻون، ٿِئا نِظاري نِروار،
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشقن کي.

بيت - 6

سُورِي سِنگاري، اَصلِ عاشقن کي،
لُڏِيا ڪِينَ، لطيفُ چي، ٿِيا نيزي نِظاري،
ڪوٺِئو ڪِناري، آڻيو چاڙهي اُنِ کي.

بيت - 7

سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِھَڙي ليکي سَنَرا؟
جيلَه لَڳا نيڻَ، تي سُورِيائي سيجَ ٿِي.

بيت - 8

سُورِيَ چڙهڻُ، سيڄَ پَسڻُ، اِيُ ڪَمُ عاشِقَنِ،
پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُها.

بيت - 9

سُورِيءَ جي سَؤ وَارَ، ڏِهاڙيو چَنگِ چڙهين،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نہ پسين پارَ، نِيهُ جِئَائِين نِڱِئو.

بيت - 10

پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇجِ پوءِ پِرِيتَڻُون،
ڏُکَ پِريان جو ڏيلَ ۾، واڄَٽَ جِيَ وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙءِ نيهَ جو.

بيت - 11

ڪاتِيَ ڪونِه ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِندَڙَ هَٿَ ۾،
پَسئو پَرِ عَجِيبَ جِي، لَچئو وڃي لوھُ،
عاشقنِ اَندوھُ، سَدا معشوقَنِ جو.

بيت - 12

ڪاتِي تِکِي مَ ٿيي، مَرُ مُنِيائي هوءِ،
مانَ وِرمَنِ توءِ، مون پريان جا هَٿڙَا.

بيت - 13

ڪاتي جا قريبَ جي، سا هَڏَ چِيري چَمُ،
عاشقَن پَھِجو اڱُ، للهِ ڪارڻِ وَڍئو.

بيت - 14

جي تو سِڪڻُ سِکئو، تہ ڪاتِيَ پَئي مَ ڪِنجُهہ،
سُپيريان جي سُورَ جو، ماڙهُن ڏِجي نہ مَنجُهہ،
اَندرِ اِيُ اَھنجُ، سانڍج سُکائُون ڪري.

بيت - 15

جان وَڍين تان ويهُ، نہ تہ وٺِئو واٽَ وانءُ تون،
هِيُ تَنِين جو ڏيهُ، ڪاتِي جَنِين ھَٿَ ۾.

بيت - 16

ڪاتِي جَنِ ڳَري، مان لنؤ لڳو تَنِ سين،
محبتَ جي مَيدانَ ۾، وڃان پيرَ ڀَري،
اَڏِيَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھَنِھُون سُپِرِين.

بيت - 17

اَڳِيان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھِيا،
ڪاٽِ تہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀايين گَهٽِ،
مَٿا مُھايَنِ جا، پِيا نہ ڏِسين پَٽِ؟
ڪلاڙَڪي ھَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَھي.

بيت - 18

جي اَٿِي سِڪَ سُرڪَ جِي، تہ وَنءُ ڪلاڙَنِ ڪاٽِي،
لاهي رَکُ لَطِيفُ چي، مَٿو وَٽِ ماٽِي،
تِڪَ ڏيئي پِڪَ پِيُ تون، گهوٽَ مَنجها گهاٽِي،
جو وَرنَهَ وِھاٽي سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.

بيت - 19

جَي اَٿِئي سَڌَ سُرڪَ جِي، تہ وَنءُ ڪلاڙَڪي هَٽِ،
لاهي رَکُ، لطيف چي، مَٿو ماٽيَ وَٽِ،
سِرُ ڏيئي مَ سَٽِ، پِيجِ ڪي پِيالِيُون.

بيت - 20

جي اَٿِئي سَڌَ سُرڪَ جِي، تہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي ڪُوءِ،
مَھيسَرَ جي مَڌ جِي، هُتِ هَڏِهين هُوءِ،
جان رَمزَ پَرُوڙِيَم رُوءِ، تان سِرَ وٽِ سُرڪي سَڳُڻي.

بيت - 21

جَي اَٿِئي سِڪَ سُرڪَ جِي، تہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي ڳرِ،
وَڍَڻُ، چِيرَڻُ، چِچِرَڻُ، پَھَتِ اُنِين جِي پَرِ،
جي وَٽِي پُويِيءِ وَرِ، تہ سَھَنگِي آھِ، سَيّدُ چي.

بيت - 22

ناڻي ناھِ ڪَڪُوھ، ڪِين، مُلِ، مَھنگو مَنڌُ؟
سَنباهِج، سَيّدُ چي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
هِيُ تَنِين جو هَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.

بيت - 23

عاشقَ زھرُ پِياڪَ، وِھُ پَسئو، وِھُسَنِ گهڻُون،
ڪَڙي ۽ قاتِلَ جا، هَميشَه هيراڪَ،
لَڳِيَنِ لَئُون لطيفُ چي، فنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَپِ آھَ نہ سَلَنِ عامَ کي.

بيت - 24

مَ ڪَرِ سڌ سَري جِي، جَي تون ٽارِيين ٽُوھُ،
پِيتي جِه پاسي ٿِيي، منجها رَڳُن رُوحُ،
ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوھُ، لاھي سِرُ لَطيفُ چي.

بيت - 25

سَڌَڙِيا سَرِي جِيُون، ڪُهُ پَچارُون ڪَنّ؟
جُه ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪڍئا، تہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِين جا سَٽِ ۾.

بيت - 26

سِرُ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِين جا ديڳ ۾،
سي مَرُڪن پَچارَ، ھَڪيا جَنِ جي هَٿَ ۾.

بيت - 27

ديڳيين دوڳَ ڪَڙهنِ، جِتِ ڪَڙِيين ڪَڙَڪو نہ لھي،
تِتي طَبِيبَنِ، چاڪَ چِڪَندا ڇَڏئا.

بيت - 28

سِسِي سي گُهرَنِ، جَي واٽِندَڙَ وِچَ ۾،
اُوءِ ڪِي ٻئو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباھِيو؟

بيت - 29

اَصلِ عاشقَ پاھِجِي، سِسِي نہ سانڍينِ،
لاھِيو سِرُ، لطيفُ چي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ،
ڪُلَنئُون ڪاٽِين، پُڇَن پوءِ پِرِيتَڻُون.

بيت - 30

اَصلِ عاشقن جو، سِرُ نہ سانڍڻُ ڪمُ،
سَئو سِسِنئان اَڳَرو، سَندو دوسان دم،
هِيُ هَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِيَ نہ پَڙي.

بيت - 31

جَي مَٿي وٽِ مِڙَنِ، تہ سڀڪھِم سَڌَ ٿيي،
سِرَ ڏني سَٽَ جُڙي، تہ عاشقَ اِيَ اَچنِ،
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِ مَھَنگا سُپِرِين.

بيت - 32

مُلِ مَھَنگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَھادتَ،
اَسان عِبادَتَ، نَظَرُ نازُ پِرِيَنِ جو.

وائي

مَندُ پئَندي مُون، ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو.
پِي پِيالو عشقَ جو، سَڀُڪي سمجِهوسُون،
ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو.
پِرِيان سَندي پارَ جِي، اندر اَڳِ اَٿُون،
ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو.
جِيئَڻُ ناھِ جَڳَ ۾، ڏِيهَ مڙيئِي ڏوُن،
ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو.
اَلا! عبداللطيفُ چي، آهين تُونھِين تُون،
ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو.

داستان ٽيون
بيت - 1

اُٿِياري اُٿِي وِئا، منجها مُون آزارَ،
حَبِيبَ ئِي ھَڻي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبَنِ تَوارَ، ھَڏِ نہ وَڻي ھاڻِ مُون.

بيت - 2

ھَڏِ نہ وَڻي ھاڻِ مُون، ويڄَنِ جِي وِصالَ،
هِنَ مُھجي حالَ، حَبِيبُ ئِي ھادي ٿِئو.

بيت - 3

حَبِيبُ ئِي ھادي ٿِئو، رهنُما راحتَ،
پِيڙا نِيائِين پاڻَ سين، لائي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيَمِ مَنجها ڏُکَندي.

بيت - 4

اَورِ ڏُکَندو اُو ٿِيي، هادِي جِه حَبِيبُ،
تِرُ تَفاوَتُ نَہ ڪَري، تِه کي ڪو طَبِيبُ،
رَهَنُما رَقيبُ، ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين.

بيت - 5

ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين، آهي نہ آزارُ،
مجلسَ ويرَ مِٺو ٿِيي، ڪوٺِيندي قَھارُ،
خَنجَرُ تِه خوبُ ھَڻي، جِه سين ٿِيي يارُ،
صاحبُ رَبُّ سَتَّارُ، سوجهي رَڳُون ساھَ جُيون.

بيت - 6

رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَھِمۡ،
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نہ ٿِئو، جانبُ رِيَ جَبابُ،
سوئي سَنڌِيندُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جِه ڪَبابُ
سوئي عينُ عَذابُ، سوئي راحَتَ رُوحُ جِي.

بيت - 7

سوئِي راھَ رَدِّ ڪري، سوئي رَهَنُماءُ،
وَتُعِزُّمَنۡ تَشَآءُ وَتُذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ.

بيت - 8

پَر ۾ پُڇيائُون، عشقَ جي اَسبابَ کي،
دارُون هنَ دردَ جو، ڏاڍو ڏَسِيائُون،
آخِرُ وَالۡعَصرَ جو، اِيھَمِ اُتائُون،
تِھان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.

بيت - 9

سِڪين ڪُهۡ سلام کي، ڪَرين ڪُهۡ نہ سَلامُ؟
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيُ دَرُ جَنِين دَيکئو.

بيت - 10

مِٺايا مِٺو گَهڻون، ڪَڙو ناھِ ڪلامُ،
سُڪُوتُ ئِي سلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.

بيت - 11

پِريان سَندي پارَ جِي، مِڙَئِي مِٺائِي،
ڪانِه ڪَڙائي، چَکين جَي چَيت ڪَري.

بيت - 12

ڄاڻِي ٻُجهي جَنِ، توسين سُورَ سَڃَ ڪِي،
تون ڪِيَ سنديُون تَنِ، پَرَ سين پَچارون ڪرين.

بيت - 13

تو جَنين جِي تاتِ، تَنِ پُڻِ آھي تُھِجي،
فَاذّکُرُونِي اَذۡکُرُکُمۡ، اِيَ پَروڙِج باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي، ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پريَنِ جي.

بيت - 14

حَبِيبَنِ هيڪارَ، مَنجها مَھَر سڏُ ڪِئو،
سو مون سڀَ ڄمارَ، اورڻُ اُھوئِي ٿِئو.

بيت - 15

پاٻوهي هيڪارَ، مُونھان پُڇئو سَڄَڻين،
اَلَسۡتُ بِرَبِّکُمۡ، چَيائُون جِه وارَ،
سندِي سوَرَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏاهَڪُون نہ لَھي.

بيت - 16

پاٻوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي هَٿُ حبيب جو؟
نيزي هيٺان نِيهَ جي، پاسي پاڻُ نہ ڪَنِ،
عاشقَ اَجَلَ سامُها، اُنچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسَڻُ قُربُ جَنّ، مَرَڻُ تَنِ مُشاهِدو.

بيت - 17

ڪَوٺي ڪُھٖي سُپِرِين، ڪَوٺي ڪُھڻَ ساڻُ،
نيزي هيٺان نِيهَ جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ، وڃائي ڄاڻُ، عاشقَ اَجَلَ سامُهم.

بيت - 18

ڪوٺڻُ قرِيبَن جو، عينُ تَڙڻُ آھِ،
اِيَ اُلٽي ڳالَڙِي، سِڪَ وَرَندي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳنڍَڻُ اُنِ جو.

بيت - 19

ڪُھِنِ تان ڪَرَ لَھَنِ، ڪَرَ لَھَن تان ڪُھِنِّ،
سيئِي ماءِ مُھَنِّ، سيئِي راحَتَ رُوحَ جِي.

بيت - 20

ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو قَريبُ،
اِها عادَتَ سِکئو، هَر زَمانُ حَبيبُ،
تِڇي سو طَبيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.

بيت - 21

ڪُھَنِ ۽ ڪوٺِين، اِيَ پَر سَندِي سَڄَڻين،
سُورِيَ چاڙهئو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِيھاڻِي ڏِينِ،
ويٺا وِرھُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئا وِهاءِ تون.

وائي

ٿِيندو تَنَ طَبيبُ، دارُون مَھِجي دردَ جو.
ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجَهہ جِي، اَچِي شالَ عَجيبُ.
دارُون مَھِجي دردَ جو.
پِرِيَنِ اَچِي ڪِئو، سَندو غورُ غَرِيبُ،
دارُون مَھِجي دردَ جو.
ڏُکندو سڀوئِي ڏُور ڪِئو، مَنجُهون تَنَ طَبيبُ،
دارُون مَھِجي دردَ جو.
اَدِيون عبداللطيف چي، ھاتِڪُ آھِ حَبِيبُ،
دارُون مَھِجي دردَ جو.

سر يمن ڪلياڻ

شاھہ جي رسالي ترتيب جي لحاظ کان رسالي ۾ ٻيو نمبر سر آهي. يمن ڪلياڻ به ڪلياڻ جو قسم آهي . ’يمن‘ جي معنيٰ آهي ’من کي روڪڻ‘. هن سر ۾ شاھہ صاحب من کي وس ۾ آڻڻ لاءِ هدايتون ٿو ڏئي. ڏمر ڏک آهي ۽ صبر ۾ سک. سڀني سان من کي ماري ميڻ ڪرڻ گهرجي. يمن ڪلياڻ لاءِ اندازو اھي تہ شاھہ سائين اھو سر پنھنجي جوانيءَ ۾ لکيو. ڪلياڻ بولچند آڏواڻي لکي ٿو تہ: ”هن سُر جي پنجين داستان ۾ شاھہ صاحب فرمايو آهي ته ”صوفي“ ڪنھن کي چوڻ روا آهي ۽ صوفيءَ لاءِ ڪھڙيون وصفون گهرجن.“ هن سُر ۾ پرينءَ جي باري ۾ جدا جدا تمثيلون آيل آهن. ڪٿي هو شھسوار آهي ته ڪٿي ڪامل تيرانداز. ڪٿي ويڄ آهي ته ڪٿي ڪلال ته ڪٿي لھار.
داستان پھريون
بيت - 1

تُون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دردَ جي دوا،
جانِبَ منھنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع،
صاحب! ڏي شفا، ميان! مريضن کي.

وائي

ورسئا ويڄ ويچارا! دل ۾ دردُ پرين جو.
اُٿيو ويڄا! مَ وِھو، وڃو ڊڀ کڻي،
دل ۾ دردُ پرين جو.
ٻُڪِي ڏيندا ٻاجَهہ جي، آيا سُورَ ڌڻي،
آيا جيءَ جيارا
دل ۾ دردُ پرين جو.

داستان ٻيو
داستان ٽيون
داستان چوٿون
بيت - 13

موکي چوکي نہ ٿئي، اصل اوڇي ذات،
وَٽُيون ڏيئي واتِ، متارا جنھن مارِيا.

وائي

دوسُ پيھي در آئيو، ٿئو ملڻ جو ساعيو.
ڏينھن پڄاڻُون آڻي اسان کي، موليٰ مُحبُ مِلائيو،
ٿئو ملڻ جو ساعيو.
وِيو وِڇوڙو، ٿِيو ميلاپو، واحدَ واءُ وَرائِيو،
ٿئو ملڻ جو ساعيو.
هو جنھين جو ڏسُ ڏُوراڏو، اوڏو اَڄُ سو آئيو،
ٿئو ملڻ جو ساعيو.
عبداللطيفُ چي اَچِي عَجيبَنِ، پاڻَ فَضُلُ فَرمائيو،
ٿئو ملڻ جو ساعيو.

داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
بيت - 1

هَرهَر هَرائي، وَڃَڻُ دَرِ دوستنِ جي،
پاڙي ڏانھُن پِرِيَنِ جي، اُڃُ مَ اَوائِي،
اَلهڙ ٿِي آڇِ مَ تون، واٽاڙُنِ وائِي،
لائِندَءِ لطيفُ چي، سُوران سَرَهائِي،
ڳُجهو ڳالهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.

وائي

يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏيُون! آئون مارِي،
درِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ،
ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.
جاٿي ڪاٿي مَحبوبَن جي، آھِہ حُسنَ جي هاڪَ،
ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.
سُرمو سَھِي ڪَرِ اکين جو، خاصُ پِريان جِي خاڪَ،
ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.
عبداللطيفُ چي، پِرِين اَسان جو هَميشه حُسناڪَ،
ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.

سر کنڀات

هن سُر تي ھي نالو راڳ ”کماچ يا کماج“ تان پيو آھي. جيڪو کماچ ٺاٺ جو کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن راڳ جي ”آروھي“ يعني تہ چڙهڻ ۾ ڇھ سر، سا، گ، م، پ، ڌ، ني لڳندا آھن ۽ ريکب سر ڪونہ لڳندو ۽ لھڻ ۾ ست ئي سر لڳندا. چڙهڻ ۾ کرج يعني سا، ”شڌ“ گندار يعني گا، ”تيور“، مڌم يعني ما، ”ڪومل“، پا يعني پنچم، ”شڌ“، ڌا يعني ڌيوت ”تيور“ ۽ ني يعني نکاد ڪومل تيور ٻئي لڳندا ۽ لھڻ ۾ نکاد ”ڪومل“ ڌبوت ”تيور“، پنچم، ”شڌ“، مڌم ”ڪومل“، گندار ”تيور“، ريکب، ”تيور“ ۽ کرج ”شڌ“ لڳندو. چون ٿا تہ اھو نالو ھن سُر تي انڪري پيو آھي، جو گجرات جي کنڀات شھر جي ھڪ مشھور گويي ان کي رچيو ھو. ھي سر رات جو ڏهين وڳي ڳائبو آھي. ھن راڳ جي ڳائڻ جو وقت رات جو ٻيو پھر آھي. سنڌيءَ ۾ ھن راڳ کي کنڀات چوندا آھن، جنھن جي شڪل پڻ لڳ ڀڳ اھائي ساڳي بيهي ٿي. جيئن تہ سوراشٽر گجرات ۾ ڪڇ جي نار تي کنڀات نالي شھر ھو. اُن ڪري ھن سر جي مضمون مان لڳي ٿو تہ ان سان ڪو مشھور عشقيہ داستان لاڳاپيل ھو، جيڪو داستان لطيف سائين جن پنھنجي ڪڇ ۽ گجرات واري سير، سفر واري وقت ٻڌو ھوندو جيڪو پوءِ شعر ۾ قلم بند ڪيو ھوندائون. ھن سُر جو مضمون ٻن نمونن جو آھي: عاشقاڻو ۽ اخلاقي. شاھ پنھنجي پرينءَ جي سونھن جي ساراھ ڪئي آھي. محبوب کي چنڊ جي سونھن کان مٿي ثابت ڪيو اٿس.

داستان پھريون
بيت - 1

ڀَلا ئِي آھِينِ، پِرِين ڀلائِيءَ پانھنجي،
سَٻاجها سِرِ چَڙهيو ڏوراپو نہ ڏِين،
مان ڏي مَدِيُون ٿِينِ، سَڄَڻَ سَڄايِنِ ۾.

بيت - 18

کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جانۡ ڪِيائون نازُ نَظَرُ،
سُورِجُ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا، ڪَتِيُون تائِبَ ٿِيا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.

وائي

وَهِلي وَنءُ مَ وِھامِي! رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
شَمعَ ٿينديس شَبِ ۾، اِنَ خُوشيءَ کان کامي،
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
بابُوئَنِ سَندِيَ باھِ جيئن، ٻَران شالَ اُجهامِي!
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
پَرِتِ جا پِيتَمَ جِي سا ڪِينَ پُروڙي عامِي،
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
مون کي مون پِرِيَنِ جو، آهي دَردُ دَوامِي،
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
آھِيان يارُ سَيّدُ جو ڪانَہ رَھَي ڪا خامِي،
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
هُو جو لَنؤُ، لَطِيفُ چي، مون کي آھِ مُدامِي،
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
روشَنُ ٿِيان رُڃُنِ ۾، جي ھُئان لَنؤُ اِنهين لامِي،
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
ڪارِي سا قِيامَ سَئِين، ھوتُ جنھن جو حامِي،
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
آيَمِ تنھن لوڪَ سين، جيسِين مان چَوَنِ سُوامِي،
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.

داستان ٻيو

سر سريراڳ

شاھ جي رسالي ۾ هڪ سر جو نالو. ”سري راڳ“، ھندوستان جي مکيہ راڳن مان هڪ آھي. ان جي ڳائڻ جو مکيہ وقت، شام 4 وڳي کان 8 وڳي تائين هوندو آهي. هي هڪڙو ئي مکيه راڳ آهي، جيڪو شاھ جي رسالي ۾ آهي. هن سر ۾ شاھ صاحب، مھراڻ، معلمن، ملاحن ، غواصن ،سامونڊين، ٻيڙين، ٻيڙياتن، غورابن، ۽ جھازن جي مثالن وسيلي انسان کي روحاني ھدايت ڏني آهي.

داستان پھريون
بيت - 1

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاھِ مَ چُرَ،
اَنِين جا اَمُرَ، کَڻُ تہ خالِي نہ ٿِييِن.

بيت - 3

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ رَکِجِ چيتُ،
سِڙُه ڌُئاري صافُ ڪَرِ، صابُڻَ سان سُپيتُ،
سامُونڊِي سُچيتُ، ٿيءُ تہ پَھُچين پارَ کي.

وائي

سَھسين شُڪِرانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
حمدُ چَئجِ حَڪِيمَ کي، جورِ ھَڻِي جانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
مَتان، مَردَ وِسارِييٖن، صاحِبَ جِي ثَنا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
دوستُ رَکِي دِل ۾، پَڙهُ لالَنُ لِسانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
جَفا ڏيئِي جِيءَ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
تُسِي تو سين توھُ ڪَري، مَنَ آگو اِحسانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
ڪَڍُ تُون دَغا دِل مَان، ٻانهپَ سِين، ٻانها! ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
صاحِبَ وَڻي سَچَ سِين، ٿِيءُ دانَھُ، ديوانا! ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
جَي تَسليمَ سين تحقِيقُ ھُئا، سي ڪيئن اَمانا ؟ ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
جاڳِيا جَي جَبارَ لئي، سيٖئِي سَمانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
فَاذکُرُونِيُ اَذُکُرکُمُ، ڪَھِيو قُرآنا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
وَاشکُرُوا لِي وَلاَ تَکُفُروۡن، ڪَڍُ تون ڪُفرانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
سَڀِ سَنوارِيا سُپِرِينءَ، ڪُوَلَ تو ڪَنا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
چَڱِي چَئجِ چاھَ سين، مَدحَ اِيءَ مَنا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
تائِبَ ٿِيو تَڪِڙا، جوشا، جُوانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
تہ لَھين تُون لَطِيفُ کان، اَمُنُ اِيمانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

وائي

مون ۾ تُون موجُود، آئون اَڳاھِين آھِيان،
آئُون اَسُونِھين آھِيان.
اَکِيُون اَکَڙِيُنِ کي، سِڪيو ڪَنِ سُجُودُ،
آئُون اَڳاھِين آھِيان، آئُون اَسُونِھين آھِيان.
تيلانھن رَسِيُون بُودَ کي، جيلانھن ٿِيُون نابوُدُ،
آئُون اَڳاھِين آھِيان، آئُون اَسُونِھين آھِيان.
ماڻُهن جي موٽَڻَ جو، صاحِبَ هَٿِ سُجُود،
آئُون اَڳاھِين آھِيان، آئُون اَسُونِھين آھِيان.
اِنَ دَرِ سيئي اِگِهيا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ،
آئُون اَڳاھِين آھِيان، آئُون اَسُونِھين آھِيان.

داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون

سر سامونڊي

سامونڊي (شاھ جو سُر): شاھ جي رسالي جي ھن سُر ۾ وڻجارن ۽ سندن وھن جو احوال عمدي طريقي سان بيان ڪيل آھي. شاھ صاحب ھن سُر ۾ زال ذات جي جذبن ۽ امنگن جو جيڪو نقش چِٽيو آھي، ان مان ڄاڻ پوي ٿي تہ شاھ صاحب وڻجارين جي انتظار ۽ اوسيئڙي جو گهريءَ نظر سان مشاھدو ۽ مطالعو ڪيو آھي. لاڙ ۾ سامونڊين جي وڇڙيل وھن جي حال جي شاھ صاحب ھن سُر ۾ تصوير چٽي اٿس. وڻجارين جي من جا مونجهارا، اندر ۾ اٿندڙ ۽ پل پل پوندڙ پور، ڪانڌن جي ڦوڙائي ۾ آگي اڳيان التجائون، سندن صحيح سلامت واپس ورڻ لاءِ حيلا ۽ تپسيائون، تڙن تي ورڻ لاءِ اوسيئڙو ۽ انتظار، بندر تي ناکئن کان پُڇائون، پيرن تي پڙ باسڻ، درياھ تي اکا پائڻ، چو واٽن تي ڏيئا ٻارڻ وغيره. انهن  سڀني ڪيفيتن جو نھايت دلسوز ۽ رِقت آميز نموني ۾ بيان ڪيو ويو آھي:
لڳي اتر ھير، سامونڊين سڙه سنباھيا،
ننگر کڻي ناکئا، ٿيا سڻاوا سير،
ھينئڙي ھِت اُڪير، کاري کيڙائن جي!
سنڌ جو سامونڊي ڪنارو تاريخ ۾ ھميشه اھميت وارو رهيو آھي. سنڌي قوم وڻج واپار ۽ جھاز رانيءَ جي فن ۾ ايتري تہ ماھر ھئي، جو فينقي ۽ ٻيا جھاز رانيءَ جي فن کان گهڻو متاثر ٿيا. گهڻن سڙهن وارن وڏن غورابن جي ايجاد جو سھرو بہ ھن واديءَ جي قوم تي رهيو آھي. ھتان جا جھازران ۽ ٻيڙيائتا اوڀر يورپ، وچ مشرق ۽ ڏور اوڀر توڙي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر وارن ملڪن تي سفر جي سامونڊي طور طريقن ڪري ڪيترو وقت ڇانيل رهيا، ھتان جا وڻجارا ھن واديءَ جي ھنر ۽ ڪاريگريءَ وارين وٿن کي غورابن ۾ ڀري ڏورانهن  ڏيهن ۾ وڃي وڪڻندا ھئا، جن جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۽ سفرنامن ۾ اچي ٿو.
انهن  وڻجارن جو سفر مھينن جا مھينا ۽ سالن جا سال ھوندو ھو، انھي واپاري ڪاڄ وارا وڻجارا جيڪي اڪثر لھاڻا نسل جا ھوندا ھئا، پنھنجو مٽ پاڻ ھئا. ٻئي طرف وري سمونڊ جي سيني تي مھاڻن ملاحن، منڌرن ۽ نڱامرن جي موج ھوندي ھئي، جيڪي غورابن جا سڙه سنواري ۽ کوھن جي خبر وٺي ننڍن وڏن ٻيڙن کي پيا مَک ڏيندا ھئا تہ متان ڪٿي کاري جو پاڻي ٻيڙن جي کوھن ۽ تر کي کائي جوکي جو سبب نہ بڻجي. ميد نسل جي ھنن قبيلن جو ڌاڪو ھو ۽ پنھنجي واپاري ۽ جھازرانيءَ جي فن جي خوبين جي ڪري ھن واديءَ جا نڪ ھئا، جن تاريخ ۾ پنھنجا نہ وسرندڙ نشان ڇڏيا آھن.
سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي وسندڙ غورابن جي گهٽن گهيڙن ۽ تڙن جو ڪو سنڌو ڪونہ ھو. وڏن بندرن تي واپارين، گماشتن ۽ دلالن جون ڪوٺيون ھونديون ھيون. ڪن ڪوٺين کي بچاءَ جا قلعا بہ ھوندا ھئا، ٻاھران ايندڙ غورابن ۽ جھازن تان مال لاھڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ تڙن تي چاڙهيڪن وٽ ٻيڙين ۽ ڊونڍين جو ڪو ڇيهه نہ ھوندو ھو. ڪٿي مياڻين تي مڇي پئي لھندي ھئي تہ ڪٿي غورابن ۽ ٻيڙين جي آڍ مَک لڳي پئي ھوندي ھئي، سڙهن کي سرکو ڪيو ويندو ھو، متولن ۽ ونجهن کي سنڀاليو ويندو ھو، مطلب تہ سفر کان آيل ۽ سفر تي ويندڙ ٻنھي جي ڪھولن جو ٻُراءُ پيو ڪن پوندو ھو. تڙن تي ھلچل ۽ ھونگار ھوندي ھئي، وڻجارا ۽ واپاري گماشتا ۽ دلال، مالڪ ۽ مزدور، ڪاريگر ۽ ڪاسبي پيشه ور ۽ پورهيتن جو ھڪ انبوھه نظر ايندو ھو، جنھن ۾ ڪو مال جي اوسيئڙي ۾، ڪو سفر جي سانباھي ۾، ڪو وڪري جي وھنوار ۾، ڪو خريداريءَ جي کشت ۾ رُڌل ھوندو ھو. ڪٿي غوراب لنگر ھنيو بيٺا ھوندا ھئا تہ ڪي وري سڙهه سنباھي روانا ٿيندا ھئا. ڪن اچڻ وارن جا پري کان کوھا ۽ ڏياٽيون نظر اينديون ھيون.
ويندڙ اُداسائيءَ ۽ ارمان جي نظرن سان دلين ۾ ڪئين داستان سمائي ويندا ھئا تہ انهن  سان پيار ڪندڙ وري اوسيئڙي ۾ ڪنارن ڏانهن  ڏسندا ھئا. جڏهن وڻجارا ورندا ھئا، تہ سندن عزيز سندن ديدار لاءِ آتا ۽ اتاويلا پيا نظر ايندا ھئا تہ سندن وَھون پڳھ لڳنديئي محبوب جي منھن ڏسڻ لاءِ اوسيئڙي جا ارمان، ملاقات ۽ ميلاپ جا احساس کڻي منتظر نظر اينديون ھيون.
پڳھ پاسي گهار، آيل! سامونڊين جي،
وِجهي جيءُ جنجار، جِم وڃنئي نڪري!
-
جيڪر اچي ھاڻ، تہ ڪريان روح رچنديون،
آيل، ڍولي ساڻ، ڳَرِ لڳي ڳالھيون ڪريان!
وڻجارن جي آمد تي مندائتيون ريتون ۽ رسمون ادا ٿينديون ھيون. ڏياريون، ٿڌڙيون، ھوليون، عيدون ۽ برادون، پاٻوھه ۽ پريت سان ملهائبيون ھيون. مسجدن ۾ ٻانگ ۽ ٽِڪاڻن ۾ سَنک جا آواز، چيٽي چنڊ جي رات بھراڻي کڄڻ وقت جانجهہ جي جھانءِ جي جهنڪار جيءَ ۾ جهيرون وجهي ڇڏيندي ھئي. وڻجارن جون ونيون ۽ وَھون، ڪونج جھڙيون ڪامڻيون درياھ شاھ تي ڪنجهي جي ٿالهين ۾ ڪڻڪ جي اٽي جا ڏيئا ٻاري انھيءَ ۾ چانور ۽ سيندور وجهي پلوَ پائي دريا شاھ تي اکا اچي وجهنديون ھيون ۽ ڀيٽا پيون ڏينديون ھيون.
نما شام مھل يا صبح سوير ڀيٽا کانپوءِ پاڻيءَ جا گڏون کڻي گهر جي ٻنڀي ۽ اوٽي تي ڇنڊا ھنيا ويندا ھئا. ڪو پردو نہ ھو، ڪا روڪ نہ ھئي، حيا شرم جو دور ھو، نفرتن جو نالو نہ ھو. لطيف سائينءَ جي دور ۾ ٻہ اڍائي سؤ سال اڳ ۾ نينھن ڀريل نرمل نظاري جو ڪھڙو انداز ھوندو، انھيءَ وارتا جا ڪھڙا ورن ھوندا ھئا، جن جو لطيف مشاھدو ڪيو ھو، اھو ھن سُر جي بيتن ۽ واين ۾ سمايل آھي.
ٿيا ڏياريءَ ڏينھن، سامونڊين سفر جي،
مون سِر وٺا جيڏيون، ڏکن سندا مينھن،
ڪيس نماڻي نينھن، کاري کيڙائن جي!
سر سامونڊيءَ ۾ اھو مشاھدو ۽ اظھار جذبات سان پر نظر اچي ٿو. جڏهن اتر جي اوت ٿيندي ھئي تہ سامونڊي سفر تي اسھڻ لاءِ غورابن ۽ ٻيڙن جي پرگهور لهڻ شروع ڪندا ھئا.
آئي اُتر مُند، ھينيين اُڊڪو نہ لھي،
وٽين لاڄو بند، ٻيهر مَکين ٻيڙيون.(شاھ)
سامونڊي سفر جا وڻجارا ۽ ٻيڙيائتا، اتر واءُ لڳڻ تي غوراب ڀري پرڏيهه پُرندا ھئا، ڏياري ڏسندي سفر جي تياري شروع ڪندا ھئا. ڏياريءَ جو ڏڻ جتي خوشين جا خزانا کڻي ايندو ھو، اتي پويان فراق ۽ ڦوڙائي، وڇوڙي ۽ وِرهه جا نشان ڇڏي ويندو ھو.
وڻجارن جي ونين ۽ وھن کي اھا سڌ ھوندي ھئي تہ ھنن جي ورن ۽ ڀتارن کي سفر جي سانباھي جي لڳي پئي آھي، جنھن لاءِ محبت جي مارين کي ھينئڙي ۾ ڪئين ھول پيا ايندا ھئا. انساني جذبن جي ھن مصور شاعر وٽ انهن  جي اندر جي اڌمن ۽ پريت جي پيڙا جي عڪاسي بيمثال نظر اچي ٿي. وڻجارا غوراب ڀري سلٽ ۽ سامان کڻي ٻيڙيائتن جي ٻل تي اللہ توھار ڪري پڳھ کڻي پنڌ پوندا ھئا، وڻجارن ۽ ٻيڙيائتن جي سفر جو سلسلو ايڏو تہ اوکو ۽ اڻ کُٽ ھوندو ھو، جو ھڪ سفر پورو ڪري ايندا ھئا تہ وري کين ٻئي سفر جي سانباھي جي تات ۽ تنوار ھوندي ھئي، ان لاءِ ھو ڏيساور ۾ شين جي گهرج کپت ۽ منڊيءَ ۾ اگهه جي لاھي چاڙهي ڏسندا ھئا. ھر وقت سندن دماغ ۾ اھا ڳڻ ڳوت ۽ سودي جي سڦلتا جون ڳالھيون پيون ڦرنديون ھيون.
انهن  جي اھڙي ڪيفيت کي ڏسي سندن ونيون ويچارن ۾ وسامجي وينديون ھيون.
وڻجارن جي سانباھي ۽ سندن ونين/ وھن جي من جي ڪيفيتن جو لطيف سائينءَ جيڪو نقشو چٽيو آھي، اھو ڳچ ڳاري ٿو وجهي:
سيئي جوڀن ڏينھن، جڏهن سڄڻ سفر ھليا،
رُئان رهن نہ سپرين، آيل ڪريان ڪيئن،
مون کي چاڙهي چينءُ، ويو وڻجارو اوھري.
-
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
مون بيٺي، ھو ھليا، بندر جي تڙن،
سرتيون سور سندن، مون ماريندي جندڙي!
شاھ لطيف جي ھن سُر ۾ ناکئن، ملاحن، ٻيڙياتن ۽ وڻجارن جي اڻانگي سفر جو بيان ڪيو ويو آھي. ھن سُر ۾ ويرن جي وڙهڻ، سمونڊن جي طوفانن ۽ ڪارونڀار ڪنن کي مردانگيءَ سان منھن ڏيڻ جو سبق ڏنو ويو آھي. لطيف جي ھن سر جا ڪردار، تصور جي دنيا ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا. ثابت ٿئي ٿو تہ محبت وارا مري نہ ٿا سگهن، پر سامونڊيڪو سنگ، ھميشه گوندر گاڏئون آھي: ھي بيت انهن  جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو:
پُران مان پُڄان، بندر مون ڏور ٿئا،
نہ مون ھڙ، نہ ھنج ڪي، جو چئي آءٌ چڙهان،
ائين ڪج پاتڻي، جنھن پر پرينءَ مڙان،
ڪارون ٿي ڪريان، تو در اُڀي ناکئا!
ناکئن کي ڪُنن جي ڪڙڪن ۽ سمنڊ جي ڏکيائيءَ کان شاھ صاحب ھن طرح آگاھي ڏئي ٿو:
بندر جان ڀئي تہ سکاڻيا مَ سمهو،
ڪپر ٿو ڪن ڪري، جئن ماٽي منجهہ مھي،
ايڏو سور سھي، ننڊ نہ ڪجي ناکئا!
ھن سُر ۾ سنڌ جي قديم وڻجارن جي وڻج، تڪليفن، سندن وھن/ وڻجارن جي اوسيئڙي کي جنھن ڪماليت سان شاھ لطيف ڳايو آھي، اُن ھن سر جي اھميت وڌائي ڇڏي آھي. 

داستان پھريون
بيت - 1

پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ! سامُونڊِيَنِ جي،
وِجِهي جِيُ جَنجارِ ، جِمَ وَڃَنِئِي اوھَرِي.

وائي

آيَلِ! ڪريان ڪيئن، منھنجو نينھُن اَپَلِئو نَہ رَھي.
وِيو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙهي چيئَن ،
منھنجو نينھُن اَپَلِئو نَہ رَھي.
سامُنڊِيَنِ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏينھن،
منھنجو نينھُن اَپَلِئو نَہ رَھي.
اُڏوھِيءَ جيئن ڏُکَڙا، چَڙِهيا چوٽِيءَ سِيئَن،
منھنجو نينھُن اَپَلِئو نَہ رَھي.
گوندر مَٿان ڄِندَڙي وَرِيا وَلِيُنِ جيئن،
منھنجو نينھُن اَپَلِئو نَہ رَھي.
مادَرِ! پائي مُنڊِيُون، وَڃان ھادِيءَ سِيئَن،
منھنجو نينھُن اَپَلِئو نَہ رَھي.

داستان ٻيون
داستان ٽيون

سر سُھڻي

شاھ لطيف رحه جي سُر سھڻيءَ جي تاڃي پيٽي اندر جنھن عشقيہ داستان کي ڳولي لهجي ٿو سو آھي سھڻي ۽ ميهار جو داستان. ھن داستان ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام جي حوالي سان جيڪو ماحول ملي ٿو سو آھي درياھ جو. ڪن محققن ان درياھ کي سنڌو درياھ سڏيو آھي ۽ ٻين وري اھو قصو پنجاب صوبي جي چُناب نديءَ ڪنارن تي ٻڌايو آھي. ڏکڻ اوڀر سنڌ ۾ شھدادپور ۾ جنھن سھڻيءَ جي قبر موجود آھي، سا سھڻي بہ ساڳي ئي شاھ جي سورمي سھڻي آھي. ٿي سگهي ٿو اھڙو ڪو نشان پنجاب ۾ بہ موجود ھجي پر ڪنھن مستند تحقيق کان سواءِ ڪجهہ بہ چئي نہ ٿو سگهجي.
سُرَ سھڻي ميهار ۾ مکيہ ڪردار ٻہ آھن، ھڪ سھڻيءَ جو ۽ ٻيو ميهر جو. چناب جي ڪھاڻيءَ واري سھڻي تُلي ڪنڀر جي ڌيءَ آھي جڏهن تہ سنڌوءَ ڪناري رهندڙ سھڻيءَ جو ڪنڀار سان اھڙو ڪو رشتو ڪلام ۾ نٿو ملي. البت قصي ۾ ھڪ جھڙائي اھا آھي تہ سھڻيءَ جو وھانءُ سندس سوٽ ڏم سان ڪيو ويو جيڪو کيس قبول نہ ھوج. قصو سترهين صديءَ جو آھي جڏهن ھندوستان تي مغل بادشاھ شاھجھان راڄ ڪندو ھو. مغلن جي دور ۾ اتر-اولهہ جي جابلو ملڪن کان سوداگرن جا قافلا ايندا ھئا جن ۾ ھڪ بُخارا جي سوداگر مرزا عليءَ جو پٽ عزت بيگ بہ شامل ھو. عزت بيگ کي مٽيءَ جا ٿانءَ ۽ مٿن چٽسالي ڏاڍي وني، سو ڀن نوان ٺھيل ٿانءَ خريد ڪيائين. سھڻي تان دولت قربان ڪري ھو پوءِِ ڪنڀار جي مائٽن سندس سوٽ ڏم سان پرڻائي ڪنڀارڪي دوڪان تان ڍي الڳ ڪيو. عزت بيگ کي بہ پار نيڪالي ڏنائون ۽ ھو درياھ جي ٻئي ڪناري جوڳي بڻجي ويهي رهيو. ھڪ روايت اھا بہ آھي تہ عزت بيگ اصل ميهار ھو ۽ سھڻيءَ جي مائٽن جي درياھ پار ڪندي ھن کين کير پياريو ھو جتي ھو سھڻيءَ کي وڻي ويو ۽ مٿس موھت ٿي پئي.

داستان پھريون
بيت - 1

وَھُ تِکَ، واھُڙَ تِکَ، جِتِ نينھن تِکَ نرالِي،
جَنِ کي عِشقُ عَمِيقَ جو، خِلوَتَ خِيالِي،
وارِيين سي، والِي! ھِنئڙو جَنِين ھَٿِ ڪِيو.

بيت - 10

وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪَري،
گِهڙِي گَهڙو ھَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجِهيءَ ٻانگَ،
سَيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساھَڙُ سُپِرِين.

وائي

ڪِھڙيٖ مَنجِهہ حِسابَ ؟ ھُئَڻُ منھنجو ھوتَ رِي، لا!
گولِي! ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُولُ ثَوابَ، ھُئَڻُ منھنجو ھوتَ رِي، لا!
نَہ ڪِي سَوَت ۾، نَہ ڪِي مَنجِهہ رَبابَ، ھُئَڻُ منھنجو ھوتَ رِي، لا!
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيٖين، لايٖين جي لُعابَ، ھُئَڻُ منھنجو ھوتَ رِي، لا!
پَلِيتُ ئِي پاڪُ ٿِئٖي، جُنَبيو مَنجِهہ جِنابَ، ھُئَڻُ منھنجو ھوتَ رِي، لا!
سو نہ ڪنھِين شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ، ھُئَڻُ منھنجو ھوتَ رِي، لا!
ھُوءِ جَي جَرَڪِيا جَرَ تي، سي تان سَڀِ حُبابَ، ھُئَڻُ منھنجو ھوتَ رِي، لا!
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏي، رِڙهِين ساڻُ رِڪابَ، ھُئَڻُ منھنجو ھوتَ رِي، لا!
چَنبو وِجِهي چورَ کي، آءٌ ڇَڙَ، عُقابَ! ھُئَڻُ منھنجو ھوتَ رِي، لا!
ديدُ وِڃاءِ مَ دوستَ جو ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ، ھُئَڻُ منھنجو ھوتَ رِي، لا!
ڪَسرَتَ آهي قُربَ ۾، اِدغامَ ۾ اِعرابَ، ھُئَڻُ منھنجو ھوتَ رِي، لا!
فَنا وِجِهي فَمَ ۾، ڪارڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ، ھُئَڻُ منھنجو ھوتَ رِي، لا!
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جَي سِڪَنِ لاءِ شَرابَ، ھُئَڻُ منھنجو ھوتَ رِي، لا!
مُٺِيءَ ڪِيا مَرضَ ۾، جاوا سَڀِ جَوابَ، ھُئَڻُ منھنجو ھوتَ رِي، لا!

داستان ٻيو
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
ابيات متفرقہ

سُر سسئي آبري

داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
داستان يارھون
ابيات متفرقہ

سُر معذُوري

داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون

سُر ديسي

داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون

سُر ڪوھياري

داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون

سُر حُسيني

داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
داستان يارھون
داستان ٻارھون

سُر ليلا چنيسر

داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون

سر مومل راڻو

داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان چوٿون
بيت - 1

شَمَعَ ٻارِيندي شَبَّ، پِرِهَه باکُون ڪَڍِيُون،
موٽُ مَران ٿِي، مينڌرا! راڻا ڪَارَڻِ رَبَّ،
تنهنجي تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.

داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون

سُر مارئي

داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
داستان يارھون
ابيات متفرقہ

سُرُ ڪاموڏ

داستان پھريون
داستان ٻيون

سُرُ گهاتو

گهاتو لفظ جي لغوي معنيٰ آھي: ”مڇي مار“. سنڌيءَ ۾ان جو مطلب آھي: ”تاڪ ۾ ويٺل شڪاري“ يا ”سمنڊ ۾ مڇيءَ جو شڪار ڪندڙ ٽوٻو“. شاھ لطيف جي سُر گهاتوءَ ۾ مورڙي ميربحر جي بھادري ۽ شجاعت جو ذڪر آھي. ھن سر ۾ دنيا کي مھا ساگر جي صورت ڏني وئي آھي ۽ ان جي خوف ۽ خطرن جو ذڪر ڪيو ويو آھي. مورڙو ۽ سندس ڇھ ڀائر ڪلاچي (هاڻوڪي ڪراچي) جي سمنڊ ۾ وڏي مھارت ۽ فن سان مڇيءَ جا شڪاري ھئا، جڏهن ”ڪلاچي جي ڪن“ تي مانگر مڇن قبضو ڪري، مھاڻن جي معاشي وسيلن تي وار ڪيو تہ، انهيءَ قبضي کي ڇڏائڻ لاءِ ”مورڙي“ جا ڇھ ڀائر مانگر مڇ سان بھادريءَ سان مقابلو ڪندي مارجي وڃن ٿا. انتقام جي باھ مورڙي کي سمهڻ نٿي ڏي، جيتوڻيڪ ھو ھڪ ڏٻرو ۽ معذور انسان ھو، پر ”رٿابندي“ ڪري نيٺ انهيءَ مانگر مڇ سان مھاڏو اٽڪائي، ان کي ماري ڀائرن جو بدلو وٺي ٿو ۽ ڪاميابي ماڻي ٿو. شاھ لطيف علامتي طور ان قصي کي ڳاتو آھي.

داستان پھريون
بيت - 1

گَهنگَهرِيا گَهڻ ڄاڻَ مُوڙهِي مَتِ مَھائِيين،
وِيا گڏِجِي وِيرِ ۾، پِيا مُنھِن مھراڻَ،
اَڳِيان پويان ٽاڻَ، وِيا ويچارَنِ وِسِرِي.

وائي

جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ
گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
ڪاٿي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿي سَندِيَنِ رَڇَ
گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِيان اَڇَ
گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
اَدِيُون عبداللطيفُ چي، سَڀ لَگِهيندا ڇَڇَ
گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.

سُرُ سورٺ

داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون

سُر ڪيڏارو

داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون

سُر سارنگ

داستان پھريون
بيت - 1

آگمئو آه، لڳهه پس! لطيف چئي،
اٺو مينهن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي،
ڇن ڇڏي پٽ پئو، سمر سنباهي،
وِهو مَ لاهي، آسرو الله مان.

داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
بيت - 11

موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪيائين وار،
وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار،
ڪي اٿي هليون استنبول ڏي، ڪي مڻيون مغرب پار،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقندي سار،
ڪي رمي وييون روم تي، ڪي قابل ڪي قنڌار،
ڪي دلِي، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار،
ڪهين جنبي جيسر مِير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
ڪهين ڀُڄ ڀِڄائيو، ڪهين ڍٽ مٿاهين ڌار،
ڪهين اچي عمر ڪوٽ تان، وسايا ولهار،
سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار!
دوست! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين!

سُر آسا

داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون

سُر رپ

داستان پھريون
داستان ٻيون

سُر کاھوڙي

داستان پھريون
داستان ٻيون

سُر بروو سنڌي

داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون

سُر رامڪلي

داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون

سُر ڪاپائتي

داستان پھريون

سُر پُورب

داستان پھريون
داستان ٻيون

سُر ڪارايل

داستان پھريون
داستان ٻيون

سُر پرڀاتي

داستان پھريون

سُر ڏھر

داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون

سُر بلاول

داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون