آگم ڪيو اچن...

عنوان شاھ جو رسالو
شارح / محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
ڇپائيندڙ ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ
ڇپجڻ جي تاريخ 2012-01-01
ايڊيشن 2

فھرست

سُر يمن

سُر ڪلياڻ ۽ سر يمن ۾، شاهه صاحب ڪن ٻين ڪردارن جي زباني بدران ڄڻ پاڻ پنهنجي زباني پنهنجي ’حال‘ جو اظهار ڪيو آهي. ’سر يمن‘ گهڻي ڀاڱي ’سر ڪلياڻ‘ ۾ سمايل فڪر ۽ فهم جي تصديق ۽ ان جو وڌيڪ تفسير آهي. سر ڪلياڻ ۾ عشق جي آزمايشن، محبوب طرفان سختين، ۽ عاشق لاءِ سوز ۽ فراق جي صدمن بابت جيڪي اهڃاڻ ڏنل آهن تن جو سر يمن ۾ وڌيڪ تفصيل آهي. سر يمن جي پهرئين ۽ ٻئي داستان جو مکيه موضوع ’درد‘ آهي جيڪو انسان جي وجود ۽ نُمود جي هڪ بنيادي حقيقت آهي. انسان جي درد واري ڪيفيت ازلي آهي، ڇاڪاڻ جو سندس روح فراق واري حالت ۾ آهي. مڪمل طور صحتمند ٿيڻ ۽ اعليٰ مقام تي پهچڻ لاءِ اول اهو ضروري آهي ته درد ۽ سور جو احساس پيدا ٿئي. داستان ٽئين ۾، عشق ۾ آزمايش ۽ محبوب جي عاشق تي سختي جو ذڪر آهي، جنهن جي ابتدا سر ڪلياڻ ۾ ٿيل آهي: عاشق کي نه رڳو اها سختي صبر سان سهڻي آهي، پر کيس پاڻ ۾ بي انتها محبت واري اها نفسياتي ڪيفيت پيدا ڪرڻي آهي جو هو سور سختي کي فرحت ۽ راحت سمجهي. داستان چوٿين ۾ سوز ۽ فراق واري سختي جو وڌيڪ تفسير آهي. ان محبت واري مچ جو ذڪر آهي جنهن ۾ سچا عاشق (پتنگ) پنهنجو پاڻ اچي سٽين ٿا. ان محبت جي مچ کي آڳڙين ۽ لوهارن جو کورو ڪري ڄاڻايل آهي. جنهن ۾ عاشق کي جلڻو ۽ پچڻو آهي ته جيئن سندس ڪٽ لهي صاف ٿئي ۽ هو محبوب سان ملڻ جهڙو ٿئي. داستان پنجين ۾ علم جي بنيادي توڙي آخري مقصد جي وضاحت ٿيل آهي. اهڙي تعليم ۽ تربيت جي ترغيب ڏنل آهي جنهن مان انسان علم جي روشني ۾، ڪل ڪائنات جي خالق ۾ پنهنجو يقين پختو ڪري. داستان ڇهين ۾ محبت جي ميخاني ۾ ميخواري ۽ مخموري جا اهڃاڻ ڏنل آهن. شاهه صاحب جي فڪر مطابق ’نينهن جي نشي‘ جا خاص الخاص رخ ٻه آهن: هڪ محبوب طرفان ڏاڍائي ۽ سختي واري آزمايش ۾ صبر ۽ ان سان گڏ سوز ۽ فراق ۾ درد جي لذت، ٻيو محبوب طرفان ٻاجهه ۽ مهر ۾ راحت. جيڪڏهن عاشق کي محبوب هٿان پيالو پيڻ ۽ سڪ جي سرڪي جي لذت وٺڻي آهي ته ان جي عيوض ۾ کيس سر ڏيڻو پوندو.

داستان پھريون
بيت - 1

حَبِيبُ تُون، طبِيبُ تُون، تُون دَردَ جي دَوا:
جانبَ مُنھنجي جيءَ ۾، آزارَ جا اَنوا
صاحِبَ! ڏِئين شِفا، مِيان! مَريضَن کي.

بيت - 6

پاٻوھي ھيڪارَ، مون کي پُڇِئو سَڄَڻين
”اَلستُ بِرَبِکُم“، چَيائُون جَنھ وارَ
سَندِي سورَ ڪِنارَ، تَڻَ تَڏَھانڪُون نہ لَھي.

بيت - 7

پاٻوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿِي ھَٿُ حَبِيبَ جو
نيزي ھيٺان نِيھَ جِي، پاسي پاڻُ نہ ڪَنِ
عاشِقَ اَجَلَ سامُهَان، اُنچي ڳاٽِ اَچَنِ
ڪُسَڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.

بيت - 8

ڪوٺي ڪُھي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُھَڻَ ساڻُ
نيزي ھيٺان نِيھ جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻو، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.

بيت - 9

ڪوٺڻَ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ آھِ
ايءَ اُلُٽِي ڳالِهَڙِي، سکُ وَرَندي ساھِ
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻ ڳنَڍَڻُ اُن جو.

بيت - 10

ڪُھنِ تان ڪَرَ- گهُرا، ڪَرَ لَھَنِ تانِ ڪُھَنِ
سيئِي مُون مُھَنِ، سيئي راحَتَ روُحَ جِي.

بيت - 12

ڪُھي سو ڪَرَ لھي، ڪوٺي سو قَرِيبُ
اِها عادَتَ سِکئو ھَرِ زَمانِ حَبِيبُ
تَڇِي سو طبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوح جِي.

بيت - 14

سِرَ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِي جا دِيڳِ ۾
سي مَرُڪَنِ پَچارَ، ھَڪيا جَنِ جي ھَٿَ ۾.

بيت - 15

ديڳيين دوڳَ ڪَڙَھنِ، جِتِ ڪَڻِھِيءَ ڪَڻِڪو نہ لَھي
تِتِي طَبِيبَنِ، چاڪَ چِڪَندا ڇَڏِئا.

بيت - 24

اَگهي اگهائِي، رَنجُ پِريان کي رَسئِو
چَکَيمِ چَڱائِي، سورانگهي سُوريءَ تان.

وائي

وِرِسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُليا ويڄَ ويچارا
دل ۾ دردُ پِرِين جو
منَ ۾ مَرض پِرِين جو
اُٿيو ويڄا، مَ وِھو، وَڃو ڊَرڀَ کَڻي
اُٿيو ويڄا مَ وِھَو، کَڻو ڊَرَڀَ تَمارا
ٻُڪِي ڏيندا ٻاجَهہ جي، آيا سُور ڌَڻِي
ٻُڪِي ڏيندا ٻاجهہ جي، آيا جِيءَ جِيارا.

داستان ٻيو
بيت - 3

اُٿياري، اُٿِي وِئا، مَنجهان مُون آزارَ
حَبيب ئي ھَڻِي وِئا، پِيڙا جي پَچارَ
طبِيبَنِ توارَ، ھَڏَ نہ وَڻي ھاڻِ مون.

بيت - 4

اَور ڏُکَندو اُو ٿِيي ھادي جَنه حَبِيبُ
تِرُ تَفَاوَتُ نہ ڪَري تَنه کي ڪو طبِيبُ
رَھَنُمَا رَقِيبُ، ساٿَرِ آھي سُپِرِين.

بيت - 5

ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين، آھي نہ آزارُ
مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِيي، ڪاٽِيندي قَھارُ
خَنجَرُ تَنھ خُوبُ ھَڻِي، جَنھِ سين ٿئي يارُ
ساجَن مُون ستارُ، سوجهي رَڳون ساھَ جون.

بيت - 6

رڳُون ٿِيون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَھِين
لُڇَنِ، ڪُڇَنِ نہ ٻِئو جانِبَ ري جَوابُ:
سوئِي سَنڌِيدُم سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھ ڪَبابُ
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئي راحَتَ رُوحَ جِي.

بيت - 7

اَنڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙِئا کانئِينِ
اسان ڏُکندو ڏِيلَ ۾، تُون پِيارِيين پيڄَ
سُورِي جَنِي سيڄَ، مَرڻُ تَنِ مُشاھِدو

داستان ٽريو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
بيت - 5

عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِئو وِھُسَنِ گهڻو
ڪَڙي ۽ قاتُل جا هميشَه ھيراڪَ
لَڳِينِ لَئُونِ لَطِيفُ چَئي، فَنا ڪِئا فِراقَ
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَپِ آھَ نہ سَلَنِ عامَ کي.

بيت - 6

سِسِي سي گهُرَنِ، جي وارِيندَڙَ وِچَ ۾
اُوءِ ڪِين ٻِئو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباھِيو.

بيت - 7

اَٿئي سَڌَ سُرڪَ جِي، تہ وَنءُ ڪَلاڙڪي گهَرِ
وَڍَڻُ، چِيرَڻُ، چِچِرَڻُ پَھَتِ اُنِي جِي پَرَ
جي وَٽِي پوئِي وَرِ، ته سَھنَگِي آھِ سَيدِ چَئي.

بيت - 8

مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جِي، جو تون ٽاريين ٽُرُوھُ
پيتِي جَنہ پاسي ٿِئي منجهان رَڳُنِ رُوحُ
ڪاٽي، چَکُ ڪَڪُوھُ، لاھي سِرُ لطِيفُ چَئي.

بيت - 9

سَڌَڙِيَا سَري جون، ڪوھُ پَچاروُن ڪَنِ
جُه ڪاتَ ڪَلاڙَنِ ڪَڍيَا، موٽِئو پوءِ وَڃَنِ
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽَ ۾.

بيت - 10

اَٿئِي سَڌَ سُرڪَ جِي، تہ وَنءُ ڪَلاڙِين ڪاٽي
لاهِي رَکُ، لَطِيفُ چئي، مٿو وٽِ ماٽي
تِڪَ ڏيئِي، پِڪَ پِيءُ تون، گهُٽَ مَنجهانَ گهاٽي
جو وَرَنَہَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھِنگو.

بيت - 11

اَٿئِي سَڌَ سُرڪَ جِي، تہ وَنءُ ڪَلاڙڪي ھَٽِ
لاھِي رَکُ، لَطِيفُ چَئي، مَٿو ماٽي وَٽِ
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِئجُ ڪي پِيالِيُون.

بيت - 12

اَٿئِي سڌَ سُرِڪَ جي، تہ وَنءُ ڪَلاڙَنِ ڪُوءِ
مَھيسَر جي مَندَ جِي ھُت ھَڏھن وَھي ھُوءِ
جان رَمزَ پَرُوڙِيَمِ رُوءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرِڪِي سُڳُڻي.

سُر کنڀات

سُر کنڀات شاهه عبداللطيف جي تخيلقي شاعري جو شاهڪار آهي. هن سُر ۾ هڪ طرف انساني محبت جي اعليٰ قدرن جي اپٽار آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي محبت ۽ مجاز واري ريت رسم ۽ ماحول جا اهڃاڻ. انهن ٻن نمايان نُڪتن جو تفسير هيٺين طرح آهي:
(الف) محبوب جي سنگدل ۽ ستمگر هئڻ واري عام مشهور خيال جي برعڪس، اهو نازڪ نڪتو نروار ڪيل آهي ته محبوب پنهنجي ڀلائي واري ذاتي فطرت طور ڀلا آهن: ”ڀلائي آهين، پرين ڀلائيءَ پانهنجي.“ هو هميشه ڀلائيءَ ڏانهن مائل آهن ۽ سندن اها عالي ظرفي ۽ اخلاقي بلندي سندن مَرڪندڙ مُنهن ۽ مهر ڀري نظر مان ظاهر آهي: ”مُنهن ۾ محبوبن جي ڀَلائي جا ڀيرَ.“ ڪُل ڪائنات ۾ ’ٻن اکين ۽ ٽئين نَڪ‘ وارو انساني حسن بي مثال آهي. تارا ۽ چنڊر حسين آهن پر محبوب جي حسن جو مٽ نه آهن. اهي محبوب جي ڏوراهين ماڳ مڪان جي ڏِس ڏيکارين ٿا. اهي محبوب جي حسن ۽ جمال تي شاهد آهن جو محبوب واري ماڳ جي مٿان آهن ۽ سهڻي سڄڻ جي سونهن جو جلوو ڏسن پسن ٿا: ”سڄڻ سُتا ولهه ۾ چوٽا ڀري ڪَپور.“
(ب) سنڌ جي محبت ۽ مجاز واري رسم روايت موجب، سَمُن تي سچو رهڻ ۽ ڪشالو ڪڍي ڪيئن به ڪري محبوب واري ڏوراهين ماڳ تي پهچڻ لازمي هو. ڏوراهين پنڌ واري صورت ۾ رڳو اُٺ ئي عاشق جو سهارو هو. هن سُر جي پوين ٽن داستانن ۾ ڪرهو يا اُٺ ئي مرڪزي ڪردار آهي، پر معنوي لحاظ سان ان جا ٻه رُخ آهن: هڪ اهو اُٺ جيڪو عاشق کي محبوب جي ماڳ تائين پهچائي، ٻيو انسان جي زميني زندگي ۾ سندس پنهنجي وجود جي هوڏ ۽ هستي وارو اُٺ جنهن کي زندگي جي سفر ۾ ڪاميابي واري آخري منزل تي پهچڻو آهي. انهيءَ لحاظ سان، استعاري طور، انسان جي ان انفرادي وجود واري اُٺ جي ننڍپڻ، جواني، ۽ وڏپڻ وارن دورن بابت انهن داستانن ۾ نازڪ نفسياتي اشارا سمايل آهن، جيڪي شاهه صاحب جي اعليٰ فهم ۽ فڪر تي شاهد آهن.

داستان پھريون
بيت - 2

ڀَلا ڀَلائِيءَ پانھِنجي ڀَلا ئِي آھينِ،
سٻاجها سِرِ چَڙهي ڏوراپو نَہ ڏِينِ،
مان ڏي مَدِيُون ٿِينِ، سَڄَڻَ سَڄايِنِ ۾.

بيت - 23

کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان ڪِئائُون نازَ نَظَرُ
سُورِجَ شاخُون جهُڪِيُون ڪُومَاڻو قَمَرُ
تَارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا ديکِيندي دِلبرُ
جهَڪو ٿِئو جوهَرُ، جانِبَ جي جمالَ سِين.

داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون
داستان پنجون

سُر بروو

هيءَ سُر سچي عاشق جي محبت ڀرين جذبن ۽ احساسن جو آئينو آهي؛ سڄڻ جي سڪ ۽ ساڻس بي انتها پيار واري شعوري ۽ لاشعوري ڪيفيت جو اظهار آهي؛ فراق ۾ عاشق جي اندر جي آه ۽ درد جي دانهن جو آواز آهي. مـحـبوب مـوجـود ڪـونهي پر هـو هـردم عاشـق جـي اکـيـن آڏو آهـي: کيس غائبانه ياد ڪندي عاشق پنهنجي اندر جو حال اوري ٿو، ڪانگ کي قاصد ڪري نيہ جا نياپا موڪلي ٿو، ۽ محبوب کي پيار ڀريا ڏوراپا ۽ محبت جون ميارون ڏئي ٿو. ٻئي طرف هيءُ سُر محبوب جي بي مثال حسن ۽ ناز جي نظاري جو آئينو آهي: سهڻي محبوب جي سهڻي صورت ۽ سيرت ۽ سندس ڳُڻ ۽ ڳالهيون ان جا خاص عنوان آهن. عشق ۾ عاشق بي وس آهي: ”هيرائي هٿ ڪيو هنيڙو حبيبن“ ۽ ”لڳيءَ جو لطيف چئي نـڪو قـال نـه قـيل.“ عـشـق زوراور ذات آهـي جـنـهن سـان ڪوبه حيلو نٿو هلي:
”عشق اهڙي ذات جو منجهائي مَين کي.“

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون

سُر سامونڊري

موضوع جي اعتبار سان سر سامونڊري جا ٻه رخ آهن، هڪ تاريخي ۽ ٻيو سماجي. تاريخي لحاظ سان، هيءَ سُر ڪنهن سمي سمنڊر ذريعي سنڌ جي واپار جي اهڃاڻن ۽ اصطلاحن ۾، هتان جي پيشه- ور وڻجارن (پرڏيهه ويندڙ واپارين) ۽ ٻيڙياتن ناکئن جي سمنڊر وارن سفرن ۽ ڪشالن جو يادگار آهي. سماجي لحاظ سان، هن سر ۾ وڻجارن جي پرڏيهه وڃڻ سببان وڇوڙي ۾ سڄڻن جي سڪ ۽ پيارين گهر وارين جي ڳڻتي ۽ اوسيڙي جو ماحول سمايل آهي. 

داستان پھريون
داستان ٻيو
بيت - 1

پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ! سامُونڊِرين جٖي
وِجِهي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِي اوھَرِي.

داستان ٽريو
وائي

آيَلِ! ڪَرِيان ڪِيئن، جِيجَل! ڪَرِيان ڪِيئن
منھنجو، نيھُن، پَلئو نہ رَھي
سامُونڊِريءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھِن
مادَرِ! پائي مُنڊِريون، وَڃان ساجَنَ سِيئن
وئو وَڻجارو اوھَري، مُونکي ڇاڙهي چِيئَن
اُڏوھِيءَ جِئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِيئن.

داستان چوٿون

سُر سري-راڳ

فڪر ۽ موضوع جي لحاظ سان، سُر سري راڳ هڪ جدا حيثيت رکي ٿو ۽ سُر سامونڊري جدا حيثيت رکي ٿو. رسالن ۾ پڻ ٻَئي سُر جدا جدا نالن سان ڏنل آهن. پر گهڻا ساڳيا بيت ڪن رسالن ۾ سر سري- راڳ جي داستانن هيٺ ته ڪن رسالن ۾ سُر سامونڊري جي داستانن هيٺ رکيل آهن. ان جو هڪ وڏو سبب اهو آهي جو اڳين فقيرن ۽ ڪاتبن ٻنهي سُرن جي بيتن جي موضوعن ۾ جيڪو فرق آهي. تنهن کي پوريءَ طرح نه سمجهيو. سُر سامونڊريءَ جو مکيه موضوع آهي پيشه ور سامونڊري وڻجارا ۽ سندن پرڏيهي واپار جو ڌنڌو جنهن ۾ ناکئن، ملاحن، ٻيڙن، جهازن ۽ سامونڊري سفر جي مشڪلاتن ۽ ان جي ماڳن منزلن جو ذڪر آهي. ٻئي طرف سُر سري- راڳ هڪ معنوي ۽ تمثيلي سُر آهي جنهن ۾ بنيادي طور تي هن جهان ۾ انسان جي حياتي جي سفر، ان جي آزمائش ۽ مشڪلاتن، ۽ ان ۾ ڪاميابي لاءِ سعيي ۽ ڪوشش جي ضرورت ۽ نيڪ عمل جي اهميت جو بيان آهي، پر اُن بيان جي خاص خصوصيت اها آهي جو ان ۾ سر سامونڊري واري ماحول جا ڪِنايا ۽ اشارا، تشبيهون ۽ تمثيلون پڻ آندل آهن.
سُر سري- راڳ سڄو تمثيلي سر آهي. هيءُ جهان سمنڊر آهي، جنهن ۾ انسان جي حياتي ٻيڙيءَ مثال آهي. ان ٻيڙيءَ کي هن جهان جي سمنڊر مان ايمان ۽ يقين، صدق ۽ سچائي، ڪوشش ۽ ڪاميابيءَ سان صحيح سلامت پار پهچائڻو آهي. هن سٽاڻي سمونڊر ۾ الله تعاليٰ جي لطف ۽ ڪرم جي ضرورت آهي ۽ الاهي مدد درڪار آهي. حياتي هڪ وڏي قيمتي وٿ آهي جنهن کي سنڀالڻو آهي: حياتيءَ جي ٻيڙيءَ کي ڏيهاڙي مکڻو آهي ته جيئن مضبوط ٿئي، ۽ پوءِ ان کي همت ۽ حوصلي سان سمنڊر جي لهرين لوڏن کان بچائڻو آهي. آخر ۾ اهو فڪر سمايل آهي ته جيڪي وڏا ڄاڻو ۽ وينجهار آهن سي ئي ماڻڪ موتي پرکين ٿا ۽ اهي ئي تعريف جي لائق آهن. 

داستان پھريون
وائي

مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آءٌ اڳاھِين آھِيَان
اکِيُون اَکڙِيَن کي، سِڪِئو ڪَنِ سُجُودُ
تيلاھ رَسِئا بُودَ کي، جيلاھ ٿِئا نابُودُ
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ.

داستان ٻيو
وائي

سَھسين شُڪرانا، ڪَرِ سَھسين شُڪرانا ڪوڙين ڀاَل ڪَرِيمَ جا
حَمدُ چَئو حَڪِيمَ کي ظاھر زبانا
تو ڏيکاري تو ڌڻِي باطِنَ جا بانا
مَتان مَردَ وِساريين صاحبَ جو ثَنا
دُرستُ رَکِي دِلِ ۾ پَڙهُ لالَڻَ لِسَانا
جَفا ڏيئِي جانِ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنَا
تُسي توسين توھَ ڪَري آگو احسانا
ڪَڍُ تون دَغا دِلِ مان ٻانَهپَ سين، ٻانها
صاحِبَ وڻي سَچَ سين، ٿيءُ دانَھُ، ديوانا!
جي تَحقِيقُ ٿِئا تَسليم سين، اوءِ ڪِئَن اَمَانا
جاڳئا جي جَبارَ لَئي سيئي سَمانا
”فَاذ ڪُرُوني اَذ ڪُرُڪُم“ ڪَھِئو قُرانا
”واَ شڪُرُوا لِي وَلا تَڪفُروُنِ“ ڪَڍُ تون ڪُفرانا
سَڀِ سَنوارئا سُپِرين قَوالَ تو ڪَنا
چَڱِي چَئِجُ چاھَ سين مَدَحَ اِيءَ مَنا
تائبُ ٿِيءُ تَڪَڙو جوشان جُوَاناَ
لَھِين تون لَطِيفَ کان اَمُنُ اَمانا.

داستان ٽريو
داستان چوٿون

سُر گهاتو

هيءُ گهاتوئن جو سُر آهي: يعني انهن بي ڌڙڪ بهادرن جو بيان آهي جيڪي وڏي ڄاڻ وارا آهن ۽ خوفائتي سمنڊر ۾ خطري وارن ماڳن تي وڃي وڏن مڇن کي ٿا مارين. اهڙو هڪ خوفائتو ماڳ ”ڪلاچي جي ڪُن“ جو آهي جتي جيڪو گهاتو وڃي ٿو سو سلامت نٿو موٽي.
انهيءَ پس منظر ۾ (جيئن وڏي ڄاڻ ۽ همت وارا گهاتو به ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ قابو ٿي ويا)، ٻين گهاتوئن کي سُڄاڻي ۽ سمجهائڻي ته: جي سمنڊر ۾ ٿا گهڙو ۽ ڪلاچي جو رخ ٿا ڪريو ته رڇن کي رڱ ڏيو ته وڌيڪ ڪارائتا ٿين، ۽ پنهنجي پوري تياري ڪريو جو ڪلاچيءَ جو ڪن اوهان تي ڪا ڪَهَل ڪونه ڪندو! وڏا مڇ مارڻا آهن ته اڳتي اونهين پاڻي ۾ گهڙي رڇ وجهو، باقي ننڍي جهول پاڻيءَ ۾ جهُڳا وجهڻ مان ڪجهه نه ورندو. وڏا مضبوط رڇ تيار ڪريو جو سمنڊر جا ڍار به وڏا آهن: هي ته ننڍڙيون نارون، ڇڇ ۽ ڇاڙون آهن؛ اوڙاهه ته اڃان اڳتي آهي. ڪامياب گهاتوئن جا اهي اهڃاڻ جو انهن گهڙڻ ساڻ وڏي گهور ڪئي (مڇن کي جانچڻ ڳولڻ ۽ جهلڻ لاءِ وڏي هَل هَلان ڪئي ۽ ڪامياب ٿيا: مانگر مڇ کي ماريائون ۽ گهڻو مانائتا ٿيا.

داستان پھريون
بيت - 1

گَهنگَهرِيا گَهڻَ ڄاڻَ، موڙهِي مَت مَھائِيين
وئا گَڏجِي وِيرِ ۾، پَئا مُنھ مِھَراڻَ
اڳيان پويان ٽاڻَ، وِيا ويچارَنِ وِسَرِي.

داستان ٻيو

سُر ڪلياڻ

سُر ڪلياڻ نهايت ئي ڳرو ڳُوڙهو سُر آهي. اعليٰ ڄاڻ ۽ معرفت حاصل ڪرڻ  ۽ اعليٰ مقصد ماڻڻ لاءِ، هن سُر ۾ سمايل فڪر انسان کي شڪ ۽ شرڪ بدران يقين، آرام بدران بي آرامي، تسڪين بدران تڙپ ۽ بيتابي، رسمي ڏيکاءُ بدران سچائي، ۽ سڌن بدران سِر جي قرباني جي راھ ڏيکاري ٿو. ھن سُر ۾ ’توحيد‘ ۽ ’رسالت‘ جي حوالي سان، انسان جي عقيدي جي صفائي ۽ ڪائنات جي وحدت جو راز سمجهايل آهي. اعليٰ ڄاڻ ۽ معرفت واري مقام تي پھچڻ خاطر، حقيقت جي تلاش ڪندڙ کي ترغيب ڏنل آهي تہ ھو ٻيائيءَ کي ٻوڙي، خوديءَ کي کائي، ھئڻ ۽ ھستي واري ڪُلاھ ڪاٽي؛ ٻاھرين لُڇَ پُڇ بدران اندر ۾ لوچي ۽ لُڇي، ۽ ’پاڻ‘ کي پاڻ کان پري ڪري ائين جو ڄڻ مرڻ کان اڳ مري. هن سر ۾ عشق جي آزمايش، محبوب جي بي پرواھي، ڪاتي ۽ ڪوس، کوري ۽ آگ جو ذڪر آهي؛ محبوب جو ڪھڻ ۽ عاشق جي ڪسجڻ جو بيان آهي: عشق آسان ناهي پر سوريءَ جي سيج آهي. عشق جي واردات ضربن ۽ زخمن واري آهي. عشق جي آزمايش ۾ ڪاميابي لاءِ سچي عاشق کي محبوب آڏو ڪسي قربان ٿيڻ ۽ سرھو ٿي سوريءَ تي چڙهڻو آهي. اهو سڄو ماحول نھايت ڳرو ڳوڙهو آهي. سُر ڪلياڻ يقين کي محڪم ڪندڙ، قربانيءَ لاءِ جوش ۽ جذبو جاڳائيندڙ، اعليٰ منزل تي پھچڻ لاءِ ولولو وڌائيندڙ، ۽ ھمت ۽ حوصلو ڏيندڙ آهي. ھيءَ سر خاص طرح حق ۽ حقيقت جي ڳوليندڙ کي لوڏيندڙ ۽ لرزائيندڙ آهي، سندس سک ۽ آرام وڃائيندڙ آهي، ۽ کيس اعليٰ معرفت واري مقام لاءِ اڀاريندڙ ۽ اٿاريندڙ آهي.

داستان پھريون
بيت - 1

اوَل اللهُ عَلِيمُ، اَعلى عالَمَ جو ڌَڻي
قادرُ پَنھِنجِي قُدرَتَ سِين قائِمُ آھِ قَدِيمُ
والِي واحِدُ وَحدَہُ رازِقُ رَبُ رَحِيمُ
سو ساراھِ سچو ڌَڻِي، چَئي حَمدَ حَڪِيمُ
ڪَري پاڻُ ڪَرِيمُ، جوڙَئُون جوڙَ جَھانَ جِي.

بيت - 2

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہُ، اِيءُ وِهائجِ وِيءُ
کَٽِين جي هارائِيين، هَنڌُ تُنهِنجو هِيءُ
پاڻان چوندءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.

بيت - 3

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہُ، هِي هيڪَڙائِيءَ حَقُ
ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِ وِڌو سي وِرِسِيا.

بيت - 4

وَحدَه لاشَرِيڪَ لَہُ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا
ڪِ تو ڪَنين نه سُئا، گهَٽَ اَندَرِ گهوڙا
ڳاڙِيندين ڳوڙها، جِتِ شاهِدَ ٿِيندَءِ سامُهَان.

بيت - 5

وَحدَهُ لاشرِيڪَ لَہُ، جان ٿوچَئِين اِيئَن
مَڃُ مُحَمدُ ڪارَڻِي، نِرتَئُون مَنجهان نِينهَن
تان تُون وڃئو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئَنِ کي.

بيت - 6

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہُ، جَڏِهن چيو جَنِ
تَنِ مڃيو مَحمدَ ڪارَڻِي، هِيجان ساڻُ هِنيَنِ
تَڏِهن منجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونه اولِئو.

بيت - 7

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہُ، جَنِ اُتو سِين اِيمانَ
تَنِ مَڃيو مُحَمدُ ڪارَڻِي، قَلَبَ ساڻُ لِسانَ
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنہِ نه اولِئَا.

بيت - 8

اَوتَڙِ ڪَنہِ نه اولِئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ
هيڪان ئِي هيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سِين عالمَ
بي بَها بالِمَ، آگي ڪِئا اَڳَهِين.

بيت - 9

آگي ڪِئا اَڳَهِين نِسوروئِي نُورُ
لاَخَوفُ عَلَيهِم وَلاَ هُم يَحَزَنُون، سَچَنِ ڪونهي سُورُ
مَولي ڪِئو مامُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.

بيت - 10

وَحدَهُ جي وَڍِئا، ’الاللهُ‘ اَڌَ ڪِئا
”مُحَمدُ رَسُولُ اللهِ“ چَئِي، مسلمانَ ٿِئا
عاشِقَ، عبداللطيفُ چئي، اِنَهِين پَہِ پِئا
جيلاه ڌَڻيءَ ڌُئا، تي وِئا وَحدَتَ گَڏِجِي.

بيت - 11

وَحدَهُ جي وَڍئا، ڪِئا ’اِلاَاللهُ‘ اَڌَ
سي ڌَڙَ پَسِي سَڌَ، ڪَنہ اَڀاڳي نه ٿِيي.

بيت - 12

”وَحدَهُ جي وَڍئا، ” اِلاَاللهُ“ سِين اورِينِ
هِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِينِ
مَعرِفَتَ جِي ماٺِ سِين ڏِسَ اَندَرِ ڏورِينِ
ڪُلهَنِئُون ڪورِينِ، عاشِقَ عبداللطيفُ چَئي.

بيت - 13

سِرُ ڍوُنڍيان ڌَڙُ نه لَهان، ڌَڙُ ڍُونڍيان سِرُ ناهِ
هَٿَ، ڪَرايُون، آڱرِيون، وِيا ڪَپِجِي ڪانہِ
وَحدَتَ جِي وِهانہِ، جي وِئا سي وَڍِئا.

بيت - 14

تون چَئُه اَللهُ هيڪَڙو، وائِي ٻِي وِسارِ
تَنَ ۾ تَندُ توارِ، سَدا سُپِيرينِ جِي.

بيت - 15

تون چئُه اَللهُ هيڪَڙو، ٻِي وارِجِ مَ وائِي
جيڪا مُڪِي سَڄَڻين سِکِجُ تون سائِي
اوڙَڪَ اِهائِي، ڳولي لَهِجُ ڳالَهڙِي.

بيت - 16

تون چئُه اللهُ هيڪڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ
تَنُ هِنيين سِين گَڏِ، سَڄَڻُ ساهَ پَساهَ ۾.

بيت - 17

پاڻهِين جَل جَلالُہُ، پاڻهِين جانِ جَمالُ
پاڻهِين صُورت پِرينءَ جي، پاڻهِين حُسَنُ ڪَمالُ
پاڻهِين پِيرَ مُرِيدُ ٿِئي، پاڻهِين پاڻَ خِيالَ
سَڀُ سَڀوئِي حالُ، مَنجهان ئِي مَعلومُ ٿِيي.

بيت - 18

پاڻھِين پَسي پاڻَ کي، پاڻھِين ئِي مَحبُوبُ،
پاڻھِين خَلقي خُوبُ، پاڻھِين طالِبُ تَنهِ جو.

بيت - 19

عاشِقُ چَئُه مَ اُنَ کي، مَ ڪِين چَئُه مَعشُوقُ
خالِقُ چَئُه مَ، خامَ تون، مَ ڪِين چَئُه مَخَلُوقُ
سَلِجِ تَنہ سُلُوڪُ، جو ناقِصيَان نِڱِئو.

بيت - 26

سو ”ھِيءُ“ سو ”ھُو“ سو ”اَجَلُ“ سو ”اَلله“
سو ”پِرين“ سو ”پَساھُ“ سو ”ويري“ سو ”واھِرُو“.

بيت - 27

ڪوڙيين ڪايَائُون تُنهنجيُون، لَکَڻَ لَکَ هَزارَ
جِيءُ سَڀَڪَنہِ جِيءَ سِين، دَرَسَنُ ڌارو ڌارَ
پِرِيَمِ تُنهنجا پارَ، ڪِهِڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.

بيت - 28

پڙاڏو سو ”سَڏُ“، وَرُ وائِيءَ، جو جي لَھين،
ھُئا اَڳِھِين گَڏُ ٻُڌڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.

داستان ٻيو
وائي

سَڀَڪا پِريان ڪُون پُوڄي
نيھُ نيڻين ڳُڻُ ڳالهِيين
جا چِتايَم چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي
لاتِ جا لطِيف جِي، سَڏُ تَنھِين جو سُڄي.

داستان ٽريو
داستان چوٿون
بيت - 2

عِشقَ جِي اسبابَ کي پَرِ ۾ پُڇيائُون
دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسيائُون
”آخِرُ وَالعَصر جو“ اِيَھِين اُتائُون
تِھان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.

بيت - 38

اَصُلِ عاشقَنِ جو، سِرُ نہ سانڍَڻُ ڪَمُ
سَئو سِسيان ئِي اَڳَرو، سَندو دوسان دَمُ
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِيءَ نہ پَڙي.

بيت - 39

اَصُلَ عاشقَ پانھِنجيون سِسيُون نہ سانڍِينِ
لاھيو سِرَ لَطِيفُ چَئي، ساھَ سَلهاڙِيو ڏِينِ
ڪُلَهنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِرِيتَڻو.

وائي

عِشق ساجن دا لڳا مَئن نُون مائِي!
بره ڍولڻ دا لڳا مئن نون مائي!
راتِيان دَردَ، ڏِينهان دَرماندِي، لوڪان ڪَلَ نه ڪائِي
مون کي مَرض ماريئو، سيڻنِ هَٿِ سَگهائي
دارُون هِنَ دَردَ جو، آهِيين يا اِلاهِي!

داستان پنجون
بيت - 2

سُوريءَ سَڏُ ٿِئو، ڪا هَلَندِي جيڏِيُون!
وَڃڻُ تَنِ پِئو، نالو نِيہَ ڳِنَهنِ جي.

بيت - 3

اُڀِي عاشِقَنِ کي سُوري سَڏَ ڪَري:
”اَٿِي سَڌَ سُرِڪَ جِي، ته ڪُئُه مَ پيرُ پَري
سِسِي ڌار ڌَري، پُڇِجُ پوءِ پِرِيتَڻو.“

بيت - 4

سُورِي ٿِي سِينگارُ، اَصُلُ عاشِقَنِ جو
لُڏِئا ڪِينَ لَطيفُ چئي، نيزي ٿِئا نِروارُ
ڪُسَڻُ جو قَرارُ، اَصُلُ عاشِقَنِ سِين.

بيت - 5

سُورِي سِينگاري، اَصُلُ عاشِقَنِ کي
لُڏِئا ڪِينَ لَطيفُ چئي، ٿئا نيزي نظاري
ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙهي اُنِ کي.

بيت - 6

سُورِي مَٿي سيڻَ، ڪِھَڙي ليکي سَنَرا:
’جو لَئِہ لَڳا نيڻَ، تہ سُورِيان ئي سيڄَ ٿِي.‘

بيت - 7

سُورِيءَ چڙهڻُ، سيڄَ پَسَڻُ، اِيءُ ڪَمُ عاشِقَنِ
پاهُون ڪِين پَسَنِ، سائُو هَلَنِ سامُهان.

بيت - 8

سُورِيءَ جي سَئو وارَ، ڏِيھاڻِئُون چَنگِ چَڙهِينِ
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ
پِرينِ پَسِين پارَ، نِيہُ جِئائِين نِڱَئو.

بيت - 13

ڄاڻِي ٻُجهِي جَنِ، توسِين سُورَنِ سَڃ ڪِي
تُون ڪئن سَنديون تَنِ، پَرِ سِين پَچارُون ڪرِين!

بيت - 15

جي تون سِڪَڻُ سِکئو، ڪاتِيءَ پَئي مَ ڪَنجهُہ
سُپيريان جي سُورَ جو، ماڙُھنِ ڏجي نہ مَنجهُہ
اَندرِ اِيءُ اَھَنجُ، سانڍجِ سُکائُون ڪَري.

بيت - 16

جان وَڍيين تان ويھُ، اَڻ- وَڍيو تان واٽَ ٿِيءُ
هِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ڪاتِي جَنِي هَٿَ ۾.

بيت - 17

پِھِرين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجُ پوءِ پِرِيَتَڻُو
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلُ ۾، واڄَٽَ جِئَن وَڄاءِ
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جان نالو ڳيڙُءِ نِيہَ جو.

بيت - 18

ڪاتِي ڪونهي ڏوھُ ڳَنُ وِڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾
پَسئو پَرِ عَجيبَ جِي، لِچِئو وَڃي لوھُ
عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشوقَنِ جو.

بيت - 19

ڪاتِي تِکيائِي مَ ٿِيي، مَرُ مُنيائِي هوءِ
مان وِرِمَنِ توءِ، مُون پِريان جا هَٿَڙا.

بيت - 20

تو جَنِي جِي تاتَ، تَنِ پُڻ آھي تُنھنجِي
”فَاذڪُرُونِي اَذڪُرڪُم“ اِيءُ پَرُوڙِجِ باتِ
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِينِ جِي.

بيت - 21

ڪاتِي جَنِ ڳَرِي، مان لَئُہ لَڳو تَنِ سِين
مَحبَتَ جي ميدان ۾ وَڃان پيرَ ڀَري
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مان ڪُھَنِمِ سُپِرين.

بيت - 22

اَڳيان اَڏِينِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباهيا
ڪاٽِ ته پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻِ ڀانيين گهَٽِ
مَٿا مَهايِنِ جا، پِئا نه پَسِين پَٽِ
ڪَلاڙَڪي هَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَهي.

بيت - 23

مَٿي وَٽِ مڙَن، تہ سَڀَڪَھِين سَڌَ ٿِيي
سِرَ ڏِني سَٽُ جُڙي، تہ عاشِقَ اِيئَن اَچَنِ
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِ مَھانگا سُپِرِين.

بيت - 24

ناڻي ناھِ ڪَڪُوھُ ڪِين مُلِ مَھانگو مَنڌُ
سَنباھيجِ، سَيدُ چَئي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ
ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.

بيت - 25

مُلِ مَھانگو قَطَرو، سِڪَڻُ سَعادَتَ
اَسان عِبادَتَ، نَظَرُ نازُ پِرينِ جو.

سُر کاھوڙي

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو

سُر ڪاپائتي

داستان پھريون
داستان ٻيو

سُر بلاول

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو

سُر پرڀاتي

داستان پھريون
داستان ٻيو

سُر ڪارايل

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو

سُر ڏھر

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون
داستان پنجون

سُر آبري

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
داستان يارھون

سُر معذور

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون

سُر ديسي

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون

سُر ڪوھياري

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون

سُر حسيني

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
داستان يارھون
داستان ٻارھون

سُر راڻو

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون
داستان پنجون
بيت - 6

شَمَعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرَهَ باکُون ڪَڍِيُون
موٽُ مَران ٿِي مَينڌرا، راڻا! ڪارَڻِ رَبَ
تُنهِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪَ جا.

داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون

سُر ليلان

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون

سُر ڪاموڏ

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون

سُر سورٺ

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون

سُر رپ

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو

سُر پورب

داستان پھريون
داستان ٻيو

سُر رامڪلي

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون

سُر آسا

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون

سُر مارئي

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
داستان يارھون

سُر سنھڻي

داستان پھريون
بيت - 1

وَھَ تِکَ، واھُڙَ تِکَ، نِيهَ تِکَ نِرالي،
جَنِ کي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خُلَتَ خيَالَي،
وارِيين سي، والِي! ھِنيَڙو جَنِي ھَٿِ ڪِئو.

داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
داستان يارھون
داستان ٻارھون
وائي

ڪِھَڙي منجهہ حسابَ، ھُئڻُ منھنجو ھوتَ ري
گولِي ڀڄُ گناھَ کان، ڪونهي سُولُ ثواب
نَڪين تَقاوَت ۾، نَڪين منجِهہ رَبابَ
خُديَان ئِي خوبُ ٿيين، لاھِيين جي لُعابَ
پليتُ ئي پاڪُ ٿيين، جُنُبِئو منجهہ جُنابَ
ھاديءَ سين ھُن پارَ ڏي، رَھي ساڻُ رڪابَ
چَنبو وجهي چور جيئن ”آءٌ“ جَهلِ عُقابَ
ديدُ وِڃاَءِ مَ دوستَ جو، ھَلي منجهہ حجابَ
ڪَثرتَ آھي قربَ ۾، اِدغامين اِعرابَ
ڏي طَھُورا تَن کي جي سڪَن لاءِ شرابَ
مُٺيءَ ڪِئا مَرض ۾ جاوا سَڀِ جَوابَ
ھُئڻ منھنجو ھوتَ ري، ڪھِڙي منجهہ حسابَ.

سُر سارنگ

داستان پھريون
بيت - 2

لَڳَہَ پَسُ، لَطِيفُ چئي، آگَمِئو آهي
وُٺو مِينھُن وَڏَڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاهي
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، ثَمَرُ سَنباهي
وِهو مَ لاهي، آسَرو اَللهُ مان.

داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون
بيت - 23

موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، واري ڪِيائِين وارَ
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، چَؤڏِسِيين چَؤڌارَ
ڪي اُٺِيُون اِستَنبولَ تي، ڪَنِ مَڻِئو مَغرِبَ پارَ
ڪي چَمَڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرقَندِ سارَ
ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلِ ڪي قَنڌارَ
ڪي دِلِي، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ
ڪي جُنبِيُون جيسَرَميرَ ڏي، ڪي بيڪانيرِ بَڪارَ
ڪي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪي هَلَنِ مَٿي هالارَ
ڪَنِي ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِي ڍَٽَ تي ڍارَ
ڪَنِ اَچِي عُمَرڪوٽَ تان، وَسايا وَلهارَ
سائِين! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌَ سُڪارَ
دوستَ! تُون دِلدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِين.

سُر ڪيڏارو

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون

سُر ڌناسري

داستان پھريون
داستان ٻيو
داستان ٽريو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون

سُر شينہ ڪيڏارو

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽريو

سُر ھير

فصل پھريون
فصل ٻيو

سُر بيراڳ ھندي

فصل پھريون
فصل ٻيو
فصل ٽريو
فصل چوٿون

سُر ڍول مارئي

فصل پھريون
فصل ٻيو

سُر بسنت

فصل پھريون