
عنوان | شاھ جو رسالو - سُر سسئي سان شروع ٿيندڙ |
---|---|
شارح / محقق | ڊاڪٽر بلوچ (1165-1207 ھ) |
ڇپائيندڙ | ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ |
ڇپجڻ جي تاريخ | 2014-01-01 |
ايڊيشن | 2 |
سرود سسئي
بيت
بيت - 53
آتَڻُ اورانگهي وِئا، آڱَڻِ مُون اَفسوس
ديوانِي سين دوسُ، ساٿِي آهي سُڃَ ۾.
بيت - 124
مَرِي جِيُ ته ماڻِيين، جانبَ جو جمالُ
ٿِيين هوندَ حَلالُ، جي پَندِ اِهائي پارِيين.
بيت - 263
لَڙُ مَ، لاڙائو ٿِئو، هَلِي ڪَرِ هِمَّتَ
سِڄُ سامُهون منہَ ۾، ڪُہَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ
سُپيريان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄِ ڳالهِه مِڙين.
بيت - 365
اَوّلُ آخَرُ آهِ، هلڻ مهنجو هوتَ ڏي
پورهيو پورهُتنِ جو، والِي ڪيمَ وڃاءِ
سو مون ٿورو لاءِ، جئن جِيَري مِلان جَتَ کي.
بيت - 437
هلندي هوتَ پنوهَ ڏي، کُهِجَن ڪي کوٽيون
پَهَڻُ تني کي پَٽُ ٿِيي، جي لالَنَ لئي لوٽِيون
سَڀ سهليُون سِڪَ کي، چُنجون ۽ چوٽِيون
ٻانڀَڻِ ٿيُ ٻوٽيون، ته ڪُتا کينئي ڪيچ جا.
بيت - 552
مُٺيَسِ جهلِ مهارَ، ڪٺيَسِ ڪاهَ مَ ڪرهو
ساڄنَ تُهان ڌارَ، ڏٺُمِ ڏينہُ قيامَ جو.
وايون
سرود سهڻي يعني توڏي
بيت
وايون
سرود پورب و رامڪلي
بيت
وايون
سرود ڪاموڏ
بيت
وايون
سرود ڪارايل
بيت
بيت - 968
وحدهُ وائي چڙَهندي چيائون
سو لُڙُ لنگهيائون، جتي پارَکَ پَکِيان.
وايون
سرود جمن و ڪلياڻ
بيت
بيت - 1021
پاٻوهِيو پچنِّ، ڪٿي هٽُ حبيبَ جو
نيزي هيٺان نيہَ جي، پاسي پاڻُ نه ڪنِّ
عاشقَ اجلَ سامُهان اوچي ڳاٽِ اَچنِّ
ڪسڻُ قُربُ جَنِّ، مرڻُ تَن مشاهِدو.
بيت - 1022
ڪوٺي ڪُهي سُپرين، ڪوٺي ڪهڻَ ساڻُ
نيزي هيٺان نيہَ جي پاسي ڪر مَ پاڻُ
ڄُلُ وڃائي ڄاڻُ، عاشقَ اَجَلَ سامُهون.
بيت - 1023
اَصلِ عاشقنِ جو سِرُ نه سانڍَڻُ ڪمُّ
سَئُه سِسِنئان اڳرو سندو دوسان دَمُ
هِيُ هڏو هيُ چَمُ، پِڪَ پِريان جي نه پَڙي.
بيت - 1024
اصل عاشقَ پَهنجِيُون سِسيون نه سانڍينِ
لاهيو سِرُ، لطيف چئي، ساهُ سَلاڙِئو ڏينِ
ڪُلَنِئو ڪاٽينِ، پوءِ پڇنِ پِريتَڻون.
بيت - 1025
سِسي سي گهرنِّ، جي واريندَڙَ وچَ ۾
اُوءِ ڪِين ٻئو پڇنِّ، سَرو جَنِ سنڀاهِيو.
بيت - 1026
جان اَٿيئي سَڌَ سُرڪَ ۾، تان وانءُ ڪَلالين ڪاٽي
لاهي رکُ، لطيفُ چئي، مٿو وٽِ ماٽي
تِڪَ ڏيئي پِڪَ پِيَّ، گهُٽَ منجهان گهاٽي
جو وَرَنہَ وِهاٽي، سو سِرَ وٽِ سَرو ساهَنگو.
بيت - 1027
جان ڪا اَٿئي سَڌَ سُرڪَ ۾، تان وانءُ ڪَلاڙَڪي هَٽِ
لاهي رکُ، لطيف چئي، مَٿو ماٽي وَٽِ
سِرُ ڏيئي ۾ سٽِ، پِيجِ ڪي پياليون.
بيت - 1028
جي مٿي وٽِ مِڙَنِّ، ته سِڀڪَهِين سَڌَ ٿيي
سِرَ ڏني سَٽ جُڙي، ته عاشقَ اِيَ اچنِّ
لِڌا تي لَڀَنِّ، مُلِ مَهَنگا سُپرين.
بيت - 1029
مُلِ مَهنگو قَطرو، سِڪَڻُ شهادتَ
اسان عبادتَ، نظرَ نازَ پِرينِ جا.
بيت - 1040
سڌَڙِيا شرابَ جيون ڪوهُ پچارون ڪنِّ
جُہ ڪاتَ ڪَلالنِ ڪڍئا ته موٽئو پوءِ وڃنِّ
پِڪون سي پِينِّ، سِرَ جَني جا سَٽِ ۾.
بيت - 1041
مَ ڪَرِ سَڌَ شرابَ جِي جان تون ٽاريين ٽوهُ
پِيتي جِنہ پاسي ٿيي منجهان رڳُنِ روحُ
ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوهُ، لاهي سِرُ لطيف چئي.
بيت - 1042
ناڻي ناهِ ڪَڪوهُ ڪِ مُلِ مَهنگو مُنڌَ
سنباهجِ، سيدُ چئي، ڪاٽڻَ ڪارَڻِ ڪنڌُ
هِيُ تني جو هنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
بيت - 1047
اُڀِي عاشقنِ کي سوري سڏَ ڪري
جان ڪا اٿيئي سڌَ سڪڻ ۾ ته کڻُ مَ پيرُ پري
سِسِي ڌارَ ڌري، پُڇج پوءِ پِريتَڻو.
بيت - 1048
سُورِي سِينگاري، اَصلِ عاشقنِ کي
لُڏي ڪينَ، لطيف چئي، نيزي نظاري
ڪوٺِئو ڪِناري، آڻئو چاڙهي اُنَ کي.
بيت - 1049
سُوريَ مٿي سيڻَ، ڪِهَڙي ليکي سَنَرا
جو لَئِي لڳا نيڻَ، ته سُورِياڻِي سيجَ ٿِي.
بيت - 1050
سوري چڙهڻُ، سيجَ پَسڻُ، اِيُ ڪَمُ عاشقنِ
پاهُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو هَلنِ سامُهان.
بيت - 1052
سوريَ سڏُ ٿئو، ڪا هلندِي جيڏيون
وڃڻُ تَنِ پئو، نالو نينہ ڳِنَنِ جي.
بيت - 1053
سوريَ جي سؤ وارَ، ڏِيهاڻِي چَنگِ چڙهين
جِمَ ورچِي ڇڏيين سڪڻَ جي پچارَ
پرتِ نه پسين پارَ، نِينہُ جِئائين نِڱِئو.
بيت - 1065
سِرَ جدا ڌڙَ ڌارَ، دوڳَ جَني جا ديڳِ ۾
سي مَرُ ڪَنِ پچارَ، حاضُرُ جَني هٿَ ۾.
بيت - 1066
اڳيان اَڏِنِ وٽِ، پوينِ سِرَ سَنباهِيا
ڪاٽِ ته پوئين قبولَ ۾، مَڇُڻ ڀائيين گهَٽِ
مَٿا مهايَنِ جا پيا نه پَسين پَٽِّ
ڪَلالَڪي هَٽِّ، ڪاٽَڻ جو ڪُوپُ وَهي.
بيت - 1067
ھَڻُ حبيبَ ھٿَ کڻِي، ٿيڪَ مَ، ٿورو لاءِ
پرين تنھنجي گهاءِ، جي مران تہ مانُ لھان.
بيت - 1068
ھڻُ حبيبَ ھٿَ کڻي، ٻَنگا جهَلي ٻاڻُ
ماڳَھِين مون مِہُ ٿِيي، جهولِيَ وجهان پاڻُ
اِنَ پَرِ ساڄَنَ ساڻُ، مانَ مقابلو مون ٿيي.
بيت - 1069
هڻي جي حبيبُ، مَحَبتي مَيا ڪري
پُڇان ڪينَ طبيبَ، گهائَنِ سين ٿِي گهاريان.
بيت - 1070
جِتي حبيبَ هڻن، ڀري نائُڪَ نِيہَ جي
تِتي طبيبنِّ، وِڄا وڃي وسَري.
بيت - 1071
چوري چَنگُ، ٻَنگُ لهِي، حبيبنِ هنيوس
ٻُجهان ٻاڻُ لڳوسِ، ڪانارئو ڪَرُ کڻي.
بيت - 1072
ڪانارئا ڪُڻڪَنِّ، جَني لوهُ لڱَنِ ۾
محبتَ جي ميدانَ ۾، پئا لالَ لُڇنِّ
پاڻِهِين ٻڌنِ پَٽيون، پاڻهين چِڪِئا ڪنِّ
وٽان واڍوڙِئِنِّ، رهِي اچجي راتَڙِي.
بيت - 1073
رهي اچجي راتڙي واڍوڙئنِ وٽاءُ
جَنِ کي سورُ سريرَ ۾ گهَٽَ منجهارا گهاءُ
لڪائي لوڪاءُ، اوءِ پاڻِهِين ٻَڌنِ پٽيون.
بيت - 1074
اَچُ پُڻ ڪَنجهو ڪَنجهَه، واڍوڙَڪِيَ مَنَهِي
جُہ پُڻ پييَنِ سَنجهَه، ته هوءِ پِنبِيون، هي پَٽِيُون.
بيت - 1075
اَڄُ پڻ ڪِهڙِي دانہَ، واڍوڙڪِيَ منَهِي
ويڄَ ورائي ٻانہَ، چوري چاڪَ نهارئا.
بيت - 1085
ويچارا واڍوڙَ، سدا شاڪرَ سورَ سين
تاڻينِ مٿي توڙَ، اوري ڪنِ نه آسرو.
بيت - 1086
ديڳين دوڳَ ڪَڙهنِّ، جتي ڪَڙيِ ڪُڻڪو نه لهي
تتي طبيبنِّ، چاڪَ چِڪندا ڇڏِئا.
بيت - 1087
جانڪي ڪري طبيبُ، دارون هِنَ دردَ جا
هڻئو سي حبيبُ، اُکوڙئو اڌَّ ڪري.
بيت - 1092
وَحدهُ، جي وَڍِئا، ڪِئا ’الاَّاللهُ‘ اَڌَّ
سي ڌڙَ پَسِي سڌَّ، ڪِنہ اَڀاڳي نه ٿيي.
بيت - 1093
اَوَّلِ اَللهُ عليمُ، اَعليٰ عالَمَ جو ڌڻِي
والِي واحدُ وحدهُ، رازِقَ ربَّ رحيمُ
سو ساراهِ سچو ڌڻِي، چئِي حَمدُ حڪيمُ
ڪري پاڻَ ڪَريمُ، جوڙُون جوڙُ- جهانَ جيون.
بيت - 1094
وَحدَهُ، لاشريڪ لَہ، جانُ ٿو چُوئين ايئن
مَڃُّ محمّد ڪارَڻي، نِرتون منجهان نيهن
تان تون وڃئو ڪيئن، نائيين سِرُ ٻين کي.
بيت - 1095
وَحدهُ لاشريڪ لَہ، جڏهن چيو جَنِّ
تن مڃيو محمد ڪارڻي، هيجان ساڻُ هِنيَنِ
تڏهن منجها تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونه اولِئو.
بيت - 1096
وحدهُ لاشريڪَ لَہُ، ٻُڌوءِ نه ٻوڙا
ڪِ تو ڪَنين نه سُئا، جي گهَٽَ اَندرِ گهوڙا
ڳاڙيندين ڳوڙها، جِتِ شاهِدَ ٿيندئِي سامُهان.
بيت - 1097
وحدهُ لاشريڪَ لَهُ، اِيُ وِهائِجِ وِيُ
کَٽِين جي هارائِيين، هنڌُ تهنجو هِيُ
پاڻان چُندَءِ پِيُ، ڀري جامُ جَنَتَ جو.
بيت - 1098
وحدهُ جي وَڍِئا، اِلاللهَ اَڌَ ڪِئا
مُحَمَّدُ رَّسُولُ اللهِ چئي، مسلمانَ ٿِئا
عاشقَ عبداللطيف چئي، اِنَهِين پَہِ پِئا
جيلاهَ ڌڻيَ ڌُئا، تيلاهَ وئا وحدتَ گڏجي.
بيت - 1099
وحدهُ جي وَڍِئا، سي اِلاللهَ سين اورينِ
هِيون حَقيقتَ گڏئو، طريقتَ تورينِ
معرفتَ جي ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورينِ
سُکِ نه سُتا ڪڏهن، ويهِي نه ووڙينِ
ڪُلَنِئُون ڪورينِ، عاشقَ عبداللطيف چئي.
بيت - 1100
وَحدَهُ لاشَريڪَ لہُ جَن اُتو سين ايمانَ
تَن مڃئو محمّد ڪارڻي، قلبَ ساڻُ لِسانَ
اوءِ فائقَ ۾ فرقانَ، اَوَتَڙِ ڪِنہ نه اولئا.
بيت - 1101
اوتڙ ڪنہ نه اولِئا، سُتڙَ وئا سالِمَ
هيڪائِي هيڪَ ٿئا، اَحدَ سين عالمَ
بي بها بالِمَ، آگي ڪِئا اَڳَهين.
بيت - 1102
اَگي ڪئا اڳهين، نسورو ئِي نورُ
لاخوفُ عَلَيهمِ وَلا هُم يَحزَنُون، سچن ڪونِہِ سورُ
مولي ڪِئو مَعمورُ، انگُ ازلَ ۾ اُنَ جو.
بيت - 1104
سِرُ ڍونڍيان ڌَڙُ نه لهان، ڌڙُ ڍونڍيان سِرُ ناهِ
هٿَ ڪَرايُون آڱُرِيون، وِئا ڪَپجِي ڪانہِ
وحدتَ جي وِيهانءِ، جي وئا سي وَڍِئا.
بيت - 1105
وحدتا ڪسرتَ ٿي، ڪسرتَ وحدتَ ڪُلُ
حقُ حقيقي هيڪِڙو، ٻولِي ٻِيَ مَ ڀُلُ
هُو هُلاچو هُل، سڀو ئِي سندو سڄڻين.
بيت - 1106
تون چئو اَللهُ هيڪِڙو، ٻِي وائِي سڀ وسارِ
تو سين آهي تَيارُ، سَڄڻُ ساهَ پساهَ ۾.
بيت - 1107
تون چئو اَللهُ هيڪِڙو، وائِي وساري ڇڏِ
تو سين آهي گَڏِ، سڄڻُ ساهَ پساهَ ۾.
بيت - 1110
سوئي راهَ رَدِ ڪري، سو ئي رهنما
وَتُعِزُّ مَن تَشاءُ وَ تُذِلُّ مَن تَشَاءَ، آهي سڀ اُتا.
بيت - 1112
سو هِيُ سو هُو، سو اَجَلُ، سو اَللهُ
سو پرين، سو پساهُ، سو ويري، سو واهَرُو.
بيت - 1116
حبيبنِ هيڪارَ، منجهان مِهرَ سڏُ ڪِئو
مونکي سڀَ ڄمارَ، اورڻَ اُهوئي ٿئو.
بيت - 1117
پاٻوهي هيڪارَ، مونکي پڇئو سڄڻين
”اَلستُ بِرَبِّڪُم“ چيائون جِنہ وارَ
سندِي سُورَ ڪِنارَ، تَنَ تڏاهَڪُون نه لهي.
بيت - 1118
عشقَ جي اَسبابَ کي پَرِ ۾ پڇئائون
دارون هن درد جو، ڏاڍو ڏَسيائون
آخَرُ ”وَالعصرِ“ جو اِيهين اُتائون
تِهان پوءِ آئون، سِڪان ٿي سلام کي.
بيت - 1119
سڪين ڪُہَ سلامَ کي، ڪريين ڪُہَ نه سلامُ
ٻئا درَ تَنِ حرامُ، اِيُ درُ جَنِي ديکئو.
بيت - 1120
مِٺايان مِٺو گهڻو، ڪَڙو ناهِ ڪلامُ
سُڪوتُ ئِي سلامُ، پِريان سندي پارَ جو.
بيت - 1121
پريان سندي پار جي مِڙئا مِٺائي
ڪانهي ڪڙائي، چکِين جي چيتِ ڪري.
بيت - 1122
رنجُ پِريان کي رَسئو، اَگهِي اَگهائِي
چکَيمِ چڱائِي، سُورانگهي سُورِيَ تي.
بيت - 1144
ڪوٺڻُ قريبنِ جو عَينُ تڙڻُ آهِ
ايَ اُلٽي ڳالهڙي، سِکُ ورندي ساهِ
آسَرَ هَڏِ مَ لاهِ، ڇنڻُ ڳنڍڻُ اُنِ جو.
بيت - 1150
وڃڻُ درِ دوسِتَنِ جي، هَر هر هرڙائي
پاڙي ڏانہَ پرينِ جي اُجهُه مَ اَوائِي
اَلَڙِ ٿي مَ آڇِ تون، واٽاڙوئن وائي
لائينديَ، لطيف چئي، سُوران سُرهائي
ڳجهو ڳالهائي، پرتِ وِٽجي پاڻَ ۾.
بيت - 1174
ترسُ طبيبنِّ، آهي اَگهَنِ جو گهڻو
ڪِئو وسُ ويڄَنِّ، تان ڪِرِي ري ڪِينَ ٿيي.
بيت - 1175
ويڄنِ سين وائيَ پِئا، ڪِري نه ڪِئائون
جي پَندُ پاريائون، نه سِگهائِي سَگها ٿِئا.
بيت - 1176
ويڄنِ سين وائيَ پئا، ڪِري ڪَنِ نه پاڻَ
اَگها اِنَ اُهڃاڻَ، پَسو سُورَ سِجهائيا.
بيت - 1180
تَرَسُ طبِيبنِّ جو جَڏَنِ ڪِئو نه جاتِ
جو ويڄنِ جي واتِ، دارون تِهِين دُور ٿئا.
بيت - 1182
اگهائِي سَگها ٿئا، جي ويٺا وٽِ ويڄنِّ
ته تَرسِي طبيبنِّ، چيٺي هوندَ چڱان ڪِئا.
بيت - 1187
اُٿياري اُٿي وئا، منجهان مون آزارَ
حبيبَ ئي هڻِي وئا، پيڙا جي پچارَ
طبيبنِ توارَ، هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون.
بيت - 1188
هَڏِ نه وَڻي هاڻِ ٿو ويڄنِ جو وصالُ
هِنَ مهنجي حالُ، حبيب ئي هادي ٿِئو.
بيت - 1189
حبيبُ ئي هادِي ٿئو رَهُنَما راحتَ
پِيڙا نيائون پاڻ سين لائي ڏيئِي لَتَ
سُپيريان صِحَّتَ، ڏنِيَمِ منجها ڏُکندي.
بيت - 1190
ڏورِ ڏُکندو اُو ٿِيي، هادِي جِنہُ حبيبُ
تِرُ تفاوتُ نه ڪري تِنہ کي ڪو طبيبُ
رهنما رَقيبُ، ساٿَرِ آهي سُپُرين.
بيت - 1191
ساٿَرِ صحتَ سُپُرين آهي نه آزارُ
مَجلسَ ويرَ مِٺو ٿيي، ڪوٺيندي قهارُ
خنجرُ تِنہ خوبُ هَڻي جِنہ سين ٿيي يارُ
ساڄَنَ مون سَتارُ، سوجهي رڳون ساهَه جِيون.
بيت - 1192
تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ پُڻ آهي تُهنجِي
فَاذڪُرونِي اَذڪَرُڪُم، اِيَ پروڙجِ باتِ
هَٿِ ڪاتِي ڳُڙُ واتِ، پُڇڻُ پَرِ پِريَنِ جي.
بيت - 1194
ڄاڻِي ٻُجهي جَنِّ، تو سين سورَنِ سَڃَّ ڪئي
تون ڪئن سنديون تَنِّ، پَرَ سين پچارون ڪريين.
بيت - 1199
ڪُهي سو ڪَرَ لهي، ڪوٺي سو قريبُ
اِها عادتَ سِکئو هَر زمانِ حبيبُ
تِڇي سو طبيبُ، سو ئي راحتُ روحَ جي.
بيت - 1200
ڪُهَنِ تان ڪَرَ گهُران، جان ڪَرَ لَهنِ تان ڪُهَنِ
سيئي مون مُهَنِّ، سيئِي راحتَ روحَ جي.
بيت - 1201
ڪُهي سو ڪَرَ لهي، ڪوٺي سو ڪُهي
سو ئي مون مُهي، سو ئي راحتَ روحَ جي.
بيت - 1202
وَجنِ ويلَ سَڀَڪهين، رڳون ٿيون ربابُ
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نه ٻئو جانِبَ ري جوابُ
سو ئِي سندم سپرين، ڪِيُسِ جِنہ ڪبابُ
سو ئي عينُ عذابُ، سو ئي راحت روحَ جِي.
بيت - 1204
حبيبُ تون، طبيبُ تون، تونهين دارون دردنِّ
تون ڏيين، تون لاهيين، ڏاتارَ کي ڏُکندنِّ
تڏهن ڦڪيون فَرقُ ڪنِّ، جڏهن اَمرُ ڪَرِ هو اُنِ کي.
بيت - 1205
حبيب تون، طبيب تون، تونهين دردَ جي دوا
جانبَ مهنجي جِيَّ ۾ آزارَ جا انواع
صاحبَ ڏِيين شِفا، ميان! مريضنِ کي.
بيت - 1206
حبيب تون، طبيب تون، تونهين دردن ڊبُّ
تون ڏيين، تون لاهيين، تونهين هادي رَبُّ
آهِمِ اِيُ عجبُ، جئن وارئو ويڄَ وهاريين.
بيت - 1207
حبيب تون، طبيب تون، تونهين دردَ جو دارون
دوا آهينِ دل کي، تُهنجيون تَوارون
ڪريان ٿي ڪارُون، جئن ٻُڪِي ٻِئنون نه ٿيي.
بيت - 1215
عاشقُ چئو مَ اُنَ کي، مَ ڪِين چئو معشوقُ
خالقُ چئو مَ خامَ تون، مَ ڪِين چئو مخلوقُ
سَلِج تِنہ سُلوڪُ، جو ناقِصِيا نِڱِئو.
بيت - 1216
ڪاتِيَ ڪونِہِ ڏوهُه، ڳنُ وڍيندڙَ هٿَ ۾
پَسئو پَرِ عظيمَ جي لِچئو وڃي لوهُه
عاشقنِ اَندوهُه، سدا معشوقنِ جو.
بيت - 1217
ڪاتِي تِکِي نه ٿيي، مَرُ مُڏِيائِي هوءِ
مانَ وِرمَنِ توءِ، پِريان سندا هَٿَڙا.
بيت - 1218
جي تون سِڪَڻُ سِکِئو، ته ڪاتِي پَئي مَ ڪَنجهُه
سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڙُهن ڏجي نه مَنجهُه
اَندرُ اِيُ اَهنجُ، سانڍجِ سُکائون ڪري.
بيت - 1219
جان وَڍيين تان ويهُه، نا ته وٺئو واٽَ وانءُ تون
هيُ تني جو ڏيهُه، ڪاتي جَنِ جي هٿ ۾.
بيت - 1220
ڪاتي جَنِ ڳَري، مان لَئُه لڳو تَنِ سين
محبت جي ميدانَ ۾، وَڃَهُون پيرُ ڀري
اڏيَ سِرُ ڌري، مانَ ڪُهَنِ سُپَرين.
وايون
وائي - 1
وِرسِئا ويَڄِ ويچارا، دِلِ ۾ دردُ رانجهَنَ جو
اُٿيو ويڄاهُ! مَ وِهو، وَڃو ڊڀَ کَڻِي
ٻُڪِي ڏيندا ٻاجهه جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي
ٻُڪي ڏيندا ٻاجَهه جِي، آيا جِيَ جِيارا.
سرود سريراڳ
بيت
وايون
سرود سامونڊي
بيت
بيت - 1287
ڏٺِي ڏيارِي، سامُونڊِين سِڙھ سَنڀاھِيا
وَرُ وِجهِئو ونجهَہ کي، روئي وَڻجارِي
مارِيندوءِ مارِي، پِرھَ سُورَ پِرينِ جا.
بيت - 1304
پڳهه پاسي پَچُ، آيل سامونڊين جي
مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وڃنئي اُهري.
وايون
سرود کنڀات
بيت
وايون
سرود بروئه
بيت
وايون
سرود سورٺ
بيت
وايون
سرود کاهوڙي
بيت
وايون
سرود رپ
بيت
وايون
سرود گهاتو
بيت
وايون
سرود ليلا چنيسر
بيت
وايون
سرود پرڀاتي عرف جاجڪاڻي
بيت
وايون
سرود ڏهر
بيت
وايون
سرود ڪاپائتي
بيت
وايون
سرود ڌناسري
بيت
وايون
سرود ڍول مارو
بيت
وايون
سرود مارئي
بيت
وايون
سرود آسا
بيت
وايون
سرود بلاول
بيت
وايون
سرود مومل راڻو
بيت
وايون
سرود هير رانجهو
بيت
وايون
سرود بيراڳ هندي
بيت
وايون
سرود سارنگ يعني ملار
بيت
بيت - 2629
لَڳَہُ پسُ، لطيف چئي، آگَمِيو آهي
وَسئو مِينہُ وَڏَ ڦُڙيو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاهي
سنڌُ ڇڏي پَٽِ پَئو، سمَرُ سنڀاهي
وِهو مَ لاهي، آسرو الله ڏي.
وايون
سرود ڪيڏارو يعني مرثيه امام حسين
بيت
بيت - 2695
ڏٺو مَحرمَ ماهُ، سَنڪو شهزادَنِ ٿئو
ڄاڻي هيڪَ اللهُ، پاڻَ وڻنديون جو ڪَري.