آگم ڪيو اچن...

عنوان ڀٽائي پيڊيا
شارح / محقق ڀٽائي پيڊيا
ڇپائيندڙ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ
ڇپجڻ جي تاريخ 2021-09-01
ايڊيشن 1

فھرست

سُر ڪلياڻ

’ڪلياڻ‘، سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي، ۽ اصلي معنيٰ اٿس ’خير‘، ’سُک‘، ’شانتي‘. سُر ڪلياڻ، ھڪ راڳ جو نالو آھي. ھندستاني گَوَئين موجب، ديپڪ راڳن کي اٺ پُٽ آھن، جن مان ڪلياڻ ھڪ آھي. ڪلياڻ جا پنج مختلف قسم آھن:

  1. شام ڪلياڻ
  2. يمن ڪلياڻ
  3. ڀوپالي ڪلياڻي
  4. ھمير ڪلياڻ
  5. ڪيدار ڪلياڻ

’سُر ڪلياڻ‘، شآھ جي ڇاپي رسالن ۾، پھريون سُر آھي. شاھ لطيف جي فڪري عظمت ۽ اوج جي لحاظ کان، سُر ڪلياڻ نھايت ئي ڳُورھو سُر آھي. اعليٰ ڄاڻ ۽ معرفت حاصل ڪرڻ ۽ اعليٰ مقصد ماڻڻ لاءِ، ھن سُر ۾، سمايل فڪر، انسان کي شرڪ ۽ شڪ بدران يقين، آرام بدران بي آرامي، سُک بدران ڏُک، رسمي ڏيکاءَ بدران سچائي ۽ سَڌن بدران سِر ڏيڻ جي راھ ڏيکاري ٿو.

سُر ڪلياڻ کي، ’شُڌ ڪلياڻ‘ چوندا آھن ۽ اھو راڳ، ديپڪ راڳ کان پوءِ، ڏيئن ٻرڻ مھل ڳائبو آھي. چيو وڃي ٿو تہ ھِن سُر ڳائڻ جي ڪري، مَن کي سُک ۽ شانتي حاصل ٿيندي آھي.

ھِن سُر ۾، ’توحيد‘ ۽ ’رسالت‘ جي حوالي سان، انسان جي عقيدي جي سچائيءَ ۽ ڪائنات جي وحدت جو راز، سمجهايل آھي. اعليٰ ڄاڻ ۽ معرفت واري مقام تي پھچڻ خاطر، حقيقت جي ڳولا ڪندڙن کي تلقين ڏنل آھي. تہ ھو ٻيائي ٻوڙي، خوديءَ کي کائي، ھُئڻ ۽ ھستيءَ واري ڪلاه ڪاٽي، ٻاھرين لوڇ پوڇ بدران اندر ۾ لَوچي ۽ لُڇِي، ۽ پاڻَ کان پاڻَ پري ڪري، ايئن جو ڄڻ مرڻ کان اڳ مَرِي. سُر ۾، عشق جي حقيقت ۽ محبوب جي بي پرواھي، ۽ سختيءَ جي سلسلي ۾ ڪاتي ۽ ڪوس، کوري ۽ باھ جو ذڪر آھي. محبوب جي ڪُھڻ ۽ عاشق جي ڪُسجڻ جو بيان آھي، يعني عشق آسان ناھي، پر سوريءَ جي سيج آھي. عشق جي ڪيفيت ۽ واردات ضربن ۽ زخمن واري آھي. عشق جي آزامائش ۾ ڪاميابيءَ لاءِ سچي عاشق کي محبوب آڏو ڪُسجي قربان ٿيڻ ۽ سَرھو ٿي سوريءَ چڙھڻو آھي.

سُر ڪلياڻ، فڪر جي لحاظ کان يقين کي محڪم ۽ مستقل ڪندڙ، قربانيءَ لاءِ جوشق ۽ جذبو جاڳائيندڙ، اعليٰ منزل واءِ ولولو وڌائيندڙ ۽ ھمٿ حوصلو ڏيندڙ آھي. ھيءُ سُر خاص طرح حق ۽ حقيقت کي لوڏيندڙ ۽ لرزائيندڙ آھي، سک ۽ آرام وڃائيندڙ آھي، ۽ اعليٰ معرفت واري مقام جي حاصلات لاءِ اُتساھ ڏيندڙ آھي. انهيءَ لحاظ سان ’سُر ڪلياڻ‘ زورائتو سُر آھي، جنھن ۾ سانت ۽ سڪون بدران، ولولو ۽ ووڪ آھي، جنھن ۾ جرئت ۽ جولان آھي.

ھن سُر ۾، اِھا زوردار ترغيب ڏنل آھي تہ سُورُ ئي سَھُڄ آھي، سوز ئي سڪون ۽ آرام آڳ ٻرنديءَ ۾ ئي آھي، ۽ اعليٰ مقصد خاطر پنھنجون سموريون سَڌون ڀڃڻ، سک جا سانگا پلڻ، آرام ڦٽائڻ، ڏک ڏاکڙا سھڻ جي ھدايت ۽ تعليم ڏنل آھي. ڇو تہ قربانيءَ کان سواءِ، ڪابہ منزل حاصل ٿي نٿي سگهي. منزل تي پھچڻ جي ڪوشش ۽ راھ جي مشڪلاتن جي آگاھيءَ واري اصول مان، سڄو سُر ڪلياڻ ڀريو پيو آھي.

سُر ڪليان سڄو ئي ’معنوي‘ سُر آھي، جنھن ۾ شاھ لطيف، پنھنجي اعليٰ فڪر کي ڪنھن عشقيہ داستان، نيم تاريخي روايتن جي سانچي ۾ سموھڻ بدران، ان کي توحيد ۽ رسالت، تصوف ۽ طريقت، عشق ۽ فراق، بيخودي ۽ خودشناسيءَ جھڙن جامع مفھومن جي حوالي سان روشن ڪيو آحي.

سُر ڪلياڻ جو ڳُوڙھو اڀياس ڪبو تہ اُن ۾ حسين بن منصور حلاج ۽ شاھ عنايت جهوڪ واري جي شھادت جا ٽاڻا ۽ اھڃاڻ چٽيءَ ريت ملن ٿا.

ھن سُر جا مکيہ موضوع ٽي آھن:

  1. توحيد ۽ رسالت
  2. سوري جو سَھڄ
  3. حبيبن جو ھٿ

انهن موضوعن جي وضاحت ھن طرح ٿي سگهي ٿي:

  • توحيد ۽ رسالت:

گنج شريف سميت جيڪي بہ آڳاٽا قلمي نسخا ھٿ آيا آھن، تن سڀني جي شروعات، سُر سسئيءَ سان ٿيل آھي. اھو سُر، شاھ لطيف جو من پسند سُر ھو، ڇاڪاڻ تہ ھِن سُر ۾، جدوجھد ۽ پاڻ ارپڻ جو عنصر وڌيڪ  آھي. اھو ئي سبب آھي، جو شاھ لطيف، سسئيءَ بابت لاڳيتو پنج سُر چيا آھن: سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوھياري ۽ حسيني.

ننڍي کنڊ ۾، ڪلام جي شروعات، ڌڻي سڳوري جي نالي سان ٿيندي رھي آھي. ڪھڙي بہ مذھب ۽ مسلڪ جو شاعر ھجي، پر ھو آغاز ھميشہ حمد، ڀڄن، گاٿا، گورٻاڻي، پوڙي، ھين، ڌماپت وغيرہ سان ڪندو آھي. ان روايت کي پاڙيندي، رسالي جي تقريباً سڀني مُرتبن، رسالي جي مُنڍ ۾، شاھ لطيف جا ڌڻي جي ھيڪڙائيءَ، رحمت، آفاقيت، خلقت ۽ قدرت وغيرہ بابت بيت ڏنا آھن، جيڪي ھن سر ۾ بہ آھن.

شاھ لطيف پاڻ توحيدر فڪر جو حامي ھو، ان ڪري جابجا رب پاڪ جي قدرت، قداميت، وحدانيت، لاشريڪ ھئڻ، ربوبيت، جھان جي جڙاوت ڪندڙ خالق ھر عمل ۾ خودمختيار مالڪ، والي ۽ سڄي عالم تي ڀلايون ڪندڙ، واري حيثيت بيان ٿيل آھي. ان ڪري ھر سوچ، عمل ۽ ارادي واري کي اعتقاد موجب، سندس من جون مرادون پوريون ڪرڻ، سڀ کي سڏ جو جواب ڏيڻ ۽ ان سڏ کي سمجهڻ جي سمجهاڻي ڏني آھي:

پَڙاڏو سو سَڏَ، وَرُ وائِيءَ جو جٖي لَھٖين
ھئا اَڳِھِين گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 11، ص: 70)

شاھ لطيف ڌڻي سڳوري کي عالم جو والي ۽ واھرو سمجهي ٿو. ان کي ڪنھن مخصوص مذھب تائين محدود نٿو ڪري، جيڪو بہ کيس سڏ ڪري ٿو. ان کي ان لھجي ۾ جواب ڏئي ٿو:

ڪوڙِيٖين ڪايائُون تُنھنجيون، لِکَن لَکَ ھزارَ،
جيءُ سَڀ ڪنھن جِيءَ سين، دَرسَن ڌارو ڌارُ،
پِريَمَ تُنھنجا پار، ڪِھڙا چَئي ڪيئن چُوئان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 24، ص: 70)

رب پاڪ جي آفاقي تصور کان پوءِ ھتي رائج دين اسلام موجب سندس محبوب، حضرت محمد ﷺ جي ذات صفات کي دل ۽ جان سان تسليم ڪرڻ بابت آگاھي ڏئي ٿو ڇاڪاڻ تہ اسلامي فڪر موجب، جن الله پاڪ کي ھڪ ڪري ڄاتو، سندس عمل ۾ ڪنھن ٻئي کي شريڪ نہ ڪيو تہ انھن تي لازم آھي تہ ھو سندس آخري پيغمبر حضور انورﷺ کي اڳئين جھان جو مھندار ڪري مڃين. خدا کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي بہ آڏو سر نہ جهُڪائين:

وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ، جان ٿو چَئين اِيَّ،
تان مَڃ مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، نِرتُون مَنجهان نِيهَن،
تان تُون وَڃِئو ڪِيَّ، نايين سِرُ ٻِيَنِ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 5، ص: 66)

  • سوريءَ جو سَھڄ:

تصوف ۾، ’سُوريءَ‘ کي ھڪ منزل جي علامت طور ڄاڻايو ويو آھي، جنھن تائين پھچڻ لاءِ، سڌ ڪرڻ، سڪڻ، وڌڻ، ڏورڻ، ھمٿ ٻڌڻ، ارادي ۾ پختگي آڻڻ، ٻين کي ڦاھيءَ تي ڦٿڪندو ڏسي، پير پوئتي نہ ڪرڻ وغيرہ جھڙا مرحلا پار ڪرڻا پون ٿا، جيڪي مرحلي وار ٿين ٿا.

مولانا روميءَ ان کي عشق جو معراج ڪوٺيو آھي. فرمائي ٿو تہ:

”دار قتل ما براق رحلتست
دار ملڪ تو غرور است

يعني: اھا سوري اسان لاءِ براق مثل آھي، جيڪا جلد پرينءَ سان ملائي ٿي ۽ تنھنجو تخت شاھي تنھنجي غرور جو سامان آھي“ (سومرو، عبدالغفار، 2005ع، ص:48)

سُوريءَ تائين رسڻ لاءِ تمام وڏو جگر گهرجي، ان منزل تي اُھي ئي رسندا آھن، جن آڏو مقصد اوليت رکندو ھُجي، اھي مقصد جا مامرا ٻئي ڪنھن سان نہ سليندا:

سُپيريان جي سُورَ جو، ماڙهُن ڏِجي نہ مَنجُهہ،
اَندرِ اِيُ اَھنجُ، سانڍج سُکائُون ڪري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 14، ص: 73)

قالو بليٰ جي قول کي رسڻ لاءِ، سوريءَ تي سر ڏيڻ بنھ رواجي عمل آھي، ڇاڪاڻ تہ، ’روح‘ ھميشہ بقرار رھي ٿو، جڏھن اھو مختلف مرحلن مان گذري پار پوي ٿو تہ پوءِ ھو، پنھنجي محبوب سان ملڻ لاءِ بيچين رھي ٿو. شاھ لديف ان منزل تائين رسڻ واريءَ واٽ کي ’سوري‘، ’ساز‘ ۽ ’دلي‘ وغيرہ سان تشبيه ڏئي ٿو. تصوف جي انھيءَ نڪتي کان سواءِ ھڪ خيال اھو بہ آھي تہ، شاھ لطيف سوريءَ جي علامت وطن تي سر ڏيڻ وارن سرويچن لاءِ ڪتب آندي آھي، جيڪي وطن جي آجپي لاءِ سر ڏيڻ لاءِ تيار آھن، جيڪي مختلف مرحلن مان گذري اچي ريٽا ٿيا آھن. ھو ڪاتيءَ کان ڪونہ ٿا ڪنبن پر ان کي ھميشہ پاڻ وٽ رکڻ پسند ڪن ٿا: ’ھي تنين جو ڏيھ، ڪاتي جنين ھٿ ۾.‘

شاھ لطيف ڄاتو ٿي تہ، سنڌ تي ارغونن، 1520ع ۾ قبضو ڪيو، جيڪو مغل اشرافيہ جي تسلط ھيٺ، 1715ع تائين جاري رھيو. تقريباً پوڻا ٽي سؤ سال، سنڌ جي ڌارين ھٿان ڀينگ ٿيندي رھي، خوشحال سنڌ مان، ڌرتيءَ ڌڻي، ڌڪي ڌار ڪيا ويا، جن وڃي ڳوٺ وسايا. شھرن سان سندن واسطو بنھ گهٽ ھو.

مالي وسيلن جي ڦرلٽ کي سُڄاڻ فردن سمجهي ورتو. ھنن وطن سان پيار، پنھنجي ضمير جو حصو ٿي سمجهيو: ’حب الوطن من جُز ايمان‘ جن کي وطن سان پيار ھو، ھو پاڻ کي وطن جا عاشق سڏائيندا ھئا، ۽ ھر وقت قربانيءَ لاءِ تيار ھوندا ھئا. ھو ھڪ جيڏن ساٿين کي ان سھڄ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏ پيا ڪندا ھُئا:

سُورِيءَ سَڏُ ٿِيو، ڪا ھَلَندِي جيڏِيُون؟
وَڃَڻُ تَنِ پِيو، نالو نيِهُ ڳِنَنِ جي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 3، ص: 71)

عشق ھڪ اھڙو جذبو آھي، جيڪو عام رواجي، سماجي ۽ عقلي وھنوار کان مٿاھون ٿي سوچيندو آھي. پنھنجيءَ ان سوچ ۾ ڪنھن بہ قسم جي مداخلت برداشت نہ ڪندو آھي. پوءِ ڪُجهہ بہ ٿي پوي، پر ھو موٽڻ مھڻو سمجهندو آھي:

سُوري آھِ سِنگارُ، اَڳِھِين عاشِقَنِ جو،
مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻون، ٿِئا نِظاري نِروار،
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشقن کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 5، ص: 71)

  • حبيبن جو ھٿ:

جيڏھن ڪي مَٿير مڙس، سر جي بازي لڳائين ٿا ۽ ڪنھن خاص مقصد خاطر سر تريءَ تي رکن ٿا ۽ ڪنھن بہ لالچ يا خوف کان سواءِ، سر ڏيڻ کي سرھائي سمجهن ٿا، انھن مٿان حبيبن جو ھٿ رھي ٿو:

عاشق اَجل سامھان اونچي ڳاٽ اچن،
پاٻوھيو پُڇن، ڪٿي ھٿ حبيب جو.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، سُر ڪلياڻ، داستان 5، بيت 5، ص: 60)

سُر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ رسالن جي ابتدا، راڳ ’ڪلياڻ‘ سان ۽ پُڄاڻي راڳ ’بلاول‘ تي ڪيل آھي. حقيقت ۾ اھا ترتيب موسيقيءَ جي فن جي لحاظ کان صحيح آھي. شاھ لطيف، سامع کي گهڻو پسند ڪندو ھو، سندس پوئين دؤر ۾، سماع جي محفل شام جو شروع ٿيندي ھئي ۽ صبح تائين ھلندي ھُئي. ان ڪري ھن وقت سندن ڪلام جي جيڪا ترتيب ڏني وئي آھي، تہ شام واري محفل، شام جي ئي راڳ سان شروع ٿئي ٿي، جنھن ڪري ڪلياڻ راڳ جي چونڊ ڪئي وئي آھي.

شاھ لطيف جي سماع جي محفل ۾ ڳائجندڙ راڳ ڪلياڻ ۽ موسيقيءَ واري ڪلياڻ راڳ ۾، سُرن جي لحاظ کان ڪوبہ فرق ناھي، پر شاھ لطيف جي سماع ۾ ڳائجندڙ راڳ ڪلياڻ جي ادائگي ۽ چال ۾ فرق ضرور آھي. ڪلياڻ اوڊو-سمپورڻ راڳ آھي. ڪلياڻ جي وادِي ۽ سَموادي سُرن ۾ اختلاف آھي، پر ڪي موسيقيءَ جا ماھر، ھن راڳ جو وادي سُر رَيکَبُ ڳائين ٿا تہ ڪي گنڌار سُر کي وادي سُر تسليم ڪري ڳائين ٿا. سُر ڪلياڻ جي سُر گنڌار تي ڳائبو تہ رسالي ۾ ڏنل سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جي ترتيب ۾ ڦيرو اچي ويندو، ڇاڪاڻ تہ رسالي ۾ سُر ڪلياڻ، سُر يمن کان اڳ ۾ رکيل آھي، ۽ جيڪڏھن گنڌار کي وادي سُر تسليم ڪبو تہ ترتيب جي لحاظ سان سُر يمن ڪلياڻ، سُر ڪلياڻ کان اڳ ۾ ڳائبو. پر جيئن تہ رسالي ۾ سُر ڪلياڻ، شروعات ۾ ڏنل آھي، تہ پوءِ ڪلياڻ راڳ جو وادي سُر ريکب تسليم ڪرڻو پوندو.

رسالي جي ڏنل سُرن جي ترتيب مان اھو بہ ثابت ٿو ٿئي تہ، سنڌ ۾ قديم زماني کان راڳ ڪلياڻ ريکب کي وادي سُر بڻائي ڳايو ويندو ھو.

رسالي جي سُر ڪلياڻ ۽ راڳ ڪلياڻي جي سُرن جي ڀيٽ ڪبي تہ، ٻنهيءَ ۾ ھڪجھڙائي ملندي. سُر ڪلياڻ جو موضوع عبادت آھي، ۽ راڳ ڪلياڻ جي سُرن جو دؤر ھيٺين سُرن، يعني پُورُو اَنگَ تي آھي. يعني جيئن عبادت، ھيٺانھون ٿي ۽ نياز نوڙت سان جهيڻي آواز ۾ ڪبو آھي، بلڪل ايئن راڳ ڪلياڻ، وادي سُر ريکب ھئڻ ڪري، ھيٺين سُرن کي وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو آھي، جيئن راڳ جي شڪل مڪمل ظاھر ٿئي.

سُر ڪلياڻ ۾ ڪُل ٽي داستان آھن، داستان پھرين ۾ 24 بيت ۽ 1 وائي، داستان ٻئي ۾ 32 بيت ۽ 1 وائي، ۽ داستان ٽئين ۾ 20 بيت ۽ 1 وائي ڏني وئي آھي.

حوالو: ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلوپيڊيا، صفحو 232 کان 235

داستان پھريون
بيت - 1

اَولِ اَللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہُ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جَوڙَ جَھانَ جِي.

سمجهاڻي

پھرين نالو سائينءَ جو، جو سڀڪجهہ ڄاڻيندڙ، سڀ کان وڏو ۽ سڄي جھان جو مالڪ آهي. هو سگهارو، پنھنجي ئي سگهہ سان اصل کان موجود آهي ۽ سڀ کان آڳاٽو آهي. هو جڳ جو والي آهي. هو هڪ آهي ۽ سڀني جو پاليندڙ ۽ ٻاجهارو آهي. انهيءَ سچي سائينءَ جي ساراھ ڳاءِ ۽ انهيءَ ڏاھي صاحب جي واکاڻ ڪر. هو مھر ڀريو، پنھنجي ڪاريگريءَ سان ساري جھان جو جنسار ٿو جوڙي.

بيت - 2

وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ، جانۡ ٿو چَئِين اِيئَن،
تانۡ مَڃُ مُحمَدُ ڪارَڻي، نِرتو مَنجَهان نِينھَن،
تان تُون وَڃئو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئنِ کَي.

بيت - 3

وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ ، جَڏھِين چَيو جَنِ،
تَن مَڃِئو مُحمَدُ ڪارَڻي، ھيجا ساڻُ ھِنيَنِ،
تَڏِھِين مَنجَهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَہ اولئِو.

بيت - 4

وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ ، جَنِ اُتو سين اِيمانَ،
تَنِ مَڃِئو مُحمَدُ ڪارَڻي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا.

سمجهاڻي

جن ويساھ سان ائين چيو تہ، ”هو هڪ آهي ۽ ڪو بہ سندس ثاني ناهي“ تن دل توڙي زبان سان، حضرت محمد ﷺ کي مڃيو، جو دنيا جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ آهي. اهي وڏي مرتبي وارا، جي هميشه ڌڻيءَ جي حڪم ۾ رهندڙ آهن، سي ڪڏهن بہ ابتي تڙ (گمراهيءَ) ڏانھن گھلجي نہ ويا.

بيت - 5

اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا، سُتَڙ وِئا سالِمَ،
ھيڪائِي ھيڪ ٿِئا، اَحَدَ سان عالِمَ،
بي بَھا بالَمَ، آگي ڪِئا اَڳھَيِن.

بيت - 6

آگي ڪِئا اَڳھَيِن، نِسوروئي نُورُ،
لاخَوفُ عَلَيھم ولا ھُم يحزَنُونَ ، سَچَن ڪونِهي سُورُ،
مَولا ڪِئو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.

سمجهاڻي

ڌڻيءَ هن کي سراپا نور ڪري ڇڏيو هو. ”انهن کي نہ ڪو خوف آهي، نہ ڪو ڏک رسندن.“ سچن انسانن کي ڪو بہ درد نہ ٿو رَسي. ڌڻيءَ اصل ۾ ئي سندن بخت بالا ڪري ڇڏيو هو.

بيت - 7

وَحدَہُ جَي وَڍِئا، الاللهَ ڪِئا اَڌَ،
سي ڌَڙَ پَسي سَڌَ، ڪَنھِن اَڀاڳِيءَ نَہ ٿِئي.

بيت - 8

وَحدَہُ جَي وَڍِئا، الاللهَ اَڌَ ڪِئا،
مُحمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا،
عاشِق عبداللطيفُ چَئَي، اِنهين پَھِ پِئا،
جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا، تي وِئا وَحدَتَ گَڏِجِي.

بيت - 9

وَحدَہُ جَي وَڍِئا، الاللهَ سين اورينِ،
ھِنيوُن حقِيقتَ گَڏِئو، طريقَتَ تورِين،
مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن،
سُک نَہ سُتا ڪَڏِھِين، ويھِي نَہ ووڙِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪورِينِ، عاشِق عبداللطيفُ چَئَي.

بيت - 10

وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ ، ٻُڌُءِ نَہ ٻَوڙا،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا،
ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏھِين شاھِدَ ٿِيندَءِ سامُھان.

بيت - 11

وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ ، اِيءُ وِھائِجِ وِيءُ،
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنتَ جو.

بيت - 12

وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ، اِيءُ ھيڪِڙائِي حَقُ،
ٻِيائِيءَ کَي ٻَکُ، جَنِ وِڌو سي وِرسِئا.

بيت - 13

ڌَڙُ ڍُونڍِيان سِرُ نَہ لَھان، سِرُ ڍُونڍِيان ڌَڙُ ناھِ،
ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، وِئا ڪَپِجِي ڪانھَن،
وَحدَتَ جي وِھانءِ، جٖي وِئا سي وَڍِئا.

بيت - 14

وَحدَتان ڪَثرَتَ ٿِي، ڪَثرَتَ وَحدَتَ ڪُلُ،
حَقُ حَقِيقِي ھَيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.

بيت - 15

تُون چَؤ اَللهُ ھَيڪِڙو، وائِي ٻِي وِسارِ
تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپيرِيَن جِي.

بيت - 16

تُون چَؤ اَللهُ ھَيڪِڙو، ٻِي وائِي وِسارَي ڇَڏِ،
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.

بيت - 17

تُون چَؤ اَللهُ ھَيڪِڙو، ٻِي وارِجِ مَ وائِي،
سِکِجِ تُون سا ئِي، جَيڪا مُڪِي سَڄَڻين.

بيت - 18

پاڻِهين جَل جَلالُه ، پاڻِهين جانِ جَمالُ،
پاڻِهين صُورَتَ پرينءَ جِي، پاڻِهين حُسنُ ڪَمالُ،
پاڻِهين پِيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻِهين پاڻَ خَيالُ،
سَڀ سڀوئِي حالُ، مَنجَهان ئِي مَعلومُ ٿِئو.

بيت - 19

پاڻِهين پَسي پاڻَ کَي، پاڻِهين اِيءُ مَحبُوبُ،
پاڻِهين خَلَقي خُوبُ، پاڻِهين طالِبُ تَنِ جو.

بيت - 20

سو ھِي سو ھُو، سو اَجَلُ سو اَللهُ،
سو پِرِين سو پَساھُ، سو ويرِي سو واھَرُو.

بيت - 21

عاشِق چَؤ مَ اُنَ کَي، مَ ڪِي چَؤ مَعشُوقُ،
خالِقُ چَؤ خامَ تُون، مَ ڪِي چَؤ مَخلُوقُ،
سَلِجِ تَنھِن سُلوڪُ، جو ناقِصا نِڱِئو.

بيت - 22

پَڙاَڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين،
ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.

بيت - 23

ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙيِين سَھسَ کڙَڪِيوُن،
جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون.

بيت - 24

ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجُون لِکَنِ لَکَ ھَزارَ،
جِيءُ سَڀ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ،
پِرَيمَ تُنھِنجا پارَ، ڪَھڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.

وائي

سَڀَڪا پِريان ڪُون پُوڄي،
نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو،
جا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي،
نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو.
لاتِ جا لَطِيفَ جِي، سَڏُ تُنھِنجو سُڄي،
نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو.

داستان ٻئو
بيت - 1

اَگِهي اَگهائِي، رَنجُ پِريان کَي رَسِئو،
چَکِئَمِ چَڱائِي، سورانگهي سُورِيءَ کان.

بيت - 2

اَنڌا اُنڌا ويڄَ، کَلَ ڪُڄاڙِئا کانئِيين،
اَسان ڏُکي ڏِيل ۾، تُون پِياريين پيڄَ،
سُورِي جَنِي سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.

بيت - 3

سُورِيءَ سَڏُ ٿِئو، ڪا ھَلَندي جيڏيُون،
وَڃَڻُ تَنِ پئو، نالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.

بيت - 4

سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کَي،
اَٿيئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پَيرُ پَري،
سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون.

بيت - 5

سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ جو،
مُڙَڻُ موٽَڻ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.

بيت - 6

سُورِي سِينگاري، اُڀِي عاشِقَنِ کَي،
لُڏِئا ڪِينَ لَطِيفُ چَئَي، ٿِئا نيزي نِظاري،
ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙِھي اُنِ کَي.

بيت - 7

سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھين،
جِمَ وِرِچِي ڇڏيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.

بيت - 8

سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِھَڙي ليکي سَنِرا،
جيلاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.

بيت - 9

سُورِيءَ چڙَھَڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ ڪَمُ عاشِقَنِ،
اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.

بيت - 10

پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون،
ڏُکُ پِريان جو ڏِيل ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخِنُ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.

بيت - 11

ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾،
پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ،
عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقِنَ جو.

بيت - 12

ڪاتِي تِکي مَ ٿِئي، مَرُ مُنِيائِي ھوءِ،
مانَ وِرمَنِ توءِ، مُون پِريان جا ھَٿَڙا.

بيت - 13

ڪاتِي جا قَرِيبَ جِي، ھَڏُ چِيري چَمُ،
عاشِقَنِ پَنھِنجو اَنگُ، لِلهِ ڪارَڻِ وَڍِئو.

بيت - 14

جَي تُون سِڪَڻُ سِکِئو، تَہ ڪاتِيءَ پيئِيءَ مَ ڪِنجُهہ،
سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڻُهنِ ڏِجي نَہ مَنجُهہ،
اَندَرِ اِيءَ اَھِنجُ، سانڍِجِ سُکائون ڪَري.

بيت - 15

وَڍِيين تان ويھُ، نَہ تَہ وَٺئِو واٽَ وَنءُ تُون،
ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ڪاتِي جَنِي ھَٿَ ۾.

بيت - 16

ڪاتِي جَنِ ڳَري، مانۡ لَنئُن لَڳو تَنِ سين،
مُحبَتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃون پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھنِھُون سُپِرِين.

بيت - 17

اَڳِئان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھِئا،
ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيين گهَٽِ،
مَٿا مَھايَن جا، پِئا نَہ پَسيين پَٽِ،
ڪَلاڙَڪي ھَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَھي.

بيت - 18

جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙين ڪاٽي،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چَئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجَهان گهاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو.

بيت - 19

جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وَنءُ ڪَلاڙَڪي ھَٽِ،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چَئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪَي پِيالِيُون.

بيت - 20

جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙَڪيءَ ڪُوءِ،
مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ،
جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ سِرَ وَٽِ سُرڪِي سَڳڻِي.

بيت - 21

جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گَهرِ،
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنهيِن جِي پَرِ،
جَي وَٽِيَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چَئَي.

بيت - 22

سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو، وَٺين ڇو نَہ وَرِي،
قَدرَ ڪَيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
سُرڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيون.

بيت - 23

بَٺِنِ ھَيٺان باھِ، مَڇُڻ آڳِ اُجهائِيينُ،
رُپو ڪَندا راھِ، ڪَؤُنرَ ڪَلاڙين آيا.

بيت - 24

ناڻَي ناھِ ڪَڪُوھُ، مُلِهہ مَھانگو مَندُ،
سَنباھيجِ سَيِّدُ چَئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.

بيت - 25

مَ ڪَرِ سَڌَ شَرابَ جِي، جَي تُون ٽارِين ٽُوھُ،
پِيتي جَنھِن پاسي ٿِئي، مَنجَهان رڳُنِ رُوحُ،
ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوھُ، لاھي سِرُ لَطِيفُ چَئَي.

بيت - 26

سَڌَڙِيا شَرابَ جُون، ڪُھ پَچارُون ڪَنِ،
جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪُون سي پيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽِ ۾.

بيت - 27

سِرَ جُدا ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِي جا ديڳِ ۾،
سي مَرُ ڪَنِ پَچارَ، حاضُرُ جَنِي ھَٿَ ۾.

بيت - 28

ديڳِيين دوڳَ ڪَڙَھنِ، ڪَڙِيءَ ڪَڙَڪو نَہ لَھَي،
تِتي طَبِيبَنِ چاڪَ چِڪَندا ڇَڏِئا.

بيت - 29

عاشِق زَھَرَ پياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو،
ڪَڙَي ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳيءَ لَنئُن لَطِيفُ چَئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کَي.

بيت - 30

اَصلِ عاشِق پانھِنجي، سِسِي نَہ سانڍِينِ،
لاھِئو سِرُ لَطِيفُ چَئَي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُون.

بيت - 31

اَصلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نَہ سانڍِڻُ ڪَمُ،
سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي نَہ پَڙي.

بيت - 32

ڪوڙيِين اُڀا ڪيتِرا، وَڍِئو سِرَ سَڃِينِ،
جَي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿا وارِينِ.

بيت - 33

سِسِي سي گُهرَنِ، جَي واڻيندَلَ وِچَ ۾،
اُوءِ ڪِي ٻِئو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباھِئو.

بيت - 34

جَي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، تَہ سَڀ ڪَنھِن سَڌَ ٿِئي،
سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، تَہ عاشِق اِيئَن اَچَنِ،
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِهہ مَھانگا سُپِرِين.

بيت - 35

مُلِهہ مَھانگو قَطرو، سِڪَڻُ شَھادَتَ،
اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.

وائي

عشقَ تُساڏي مَين عاجِزُ ڪِيتِي وو مَيڏي مِيان،
دَردَ رانجَهن دي گهايَلِ ڪِيتِي،
ھِڪُ جِيئَن سُھڻا، ٻِيجِي بي پَرواھِي،
ويڄَ طَبِيبَ مَين پُڇَندي ٿڪِي.

وائي

رانجَها وو مَين تَيڏَڙِي آھِيان،
ماھِي وو مَين تَيڏَڙِي آھِيان،
او اي آندِي ٻانِهِي وو مَين، تيڏي واسِطي رَھِيان،
ري وو مَين پَئِي وو مَينُون نالِ وِسارِ نَھِين،
چيٽَڪُ لايا وو مَينُون، ڪُوڪَ ڪِنھِن سُڻِوايا تَينُون،
شَرَمُ شانُ سوئي تَينُون نامي واسِطي.

داستان ٽئو
بيت - 1

اُٿِيارِي اُٿِي وِئا، مَنجَهان مُون آزارَ،
حَبِيبَ ھَڻِي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبَنِ تَنوارَ، ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون.

بيت - 2

ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون، ويڄَنِ جي وِصالَ،
ھِن مُنھِنجي حالَ، حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو.

بيت - 3

حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما راحَتَ،
پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجَهان ڏُکَندي.

بيت - 4

اَورِ ڏُکندو اُو ٿِئي، ھادِي جَنھِن حَبِيبُ،
تِرُ تَفاوَتُ نَہ ڪَري، تَنھِن کَي ڪو طَبيبُ،
رَھنُما رَقِيبُ، ساٿَر آھي سُپِرِين.

بيت - 5

ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ،
مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ،
خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،
ساجَنُ رَبُ سَتارُ، سوجهي رَڳُون ساھَ جُون.

بيت - 6

رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀ ڪَنھِن،
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ رِيءَ جَوابُ،
سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.

بيت - 7

سوئِي راھَ رَدِ ڪَري، سوئِي رَھنُما،
وَتُعِز مَن تَشَآءُ وَتُذِل مَن تَشَآءُ .

بيت - 8

عشقَ جي اَسبابَ کَي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون،
دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسِئائُون،
آخِرُ والعَصرِ جو، اِيَھِي اُتائُون،
تِھان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلاَمَ کَي.

بيت - 9

سِڪين ڪوھُ سَلاَمَ کَي، ڪَرِيين ڪوھُ نَہ سَلامُ،
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.

بيت - 10

مِٺايان مِٺو گهَڻو، ڪَڙو ناھِ ڪَلامُ،
سُڪُوتُوءِ سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.

بيت - 11

پِريان سَندي پارَ جِي، مِڙيئِي مِٺائِي،
ڪانِهي ڪَڙائِي، چَکين جَي چيتُ ڪَري.

بيت - 12

ڄاڻِي ٻُجهِي جَنِ، تو سين سُورَ سَڃَ ڪِئي،
تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرِيين.

بيت - 13

تو جَنِي جِي تاتِ، تَن پَڻِ آھي تُنھِنجِي،
فاذکُرُونِي اَذکرُکُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.

بيت - 14

حَبِيبَنِ ھَيڪارَ، مَنجَهان مِھرَ سَڏُ ڪِئو،
سو مُون سَڀ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.

بيت - 15

پاٻُوھَي ھَيڪارَ، مُون کَي پُڇِئو سَڄَڻين،
اَلَستُ بِرَبِڪُم ، چَيائُون جَنھِن وارَ،
سَندي سُورَ ڪِنار، تَنَ تَڏَهانڪُون نَہ لَھَي.

بيت - 16

پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ جو،
نيزي ھَيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِق اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.

بيت - 17

ڪوٺَي ڪُھَي سُپِرِين، ڪوٺَي ڪُھَڻَ ساڻُ،
نيزي ھَيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ وِڃائَي ڄاڻُ، عاشِق اَجَلَ سامُهُون.

بيت - 18

ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ آھِ،
اِيءَ اُلِٽِي ڳالِهڙِي، سِکُ وَرَندي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.

بيت - 19

ڪُھَي سو ڪَرَ لَھَي، ڪوٺَي سو ڪُھَي،
سوئِي مُون مُھَي، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.

بيت - 20

ڪُھَنِ تانْ ڪَرَ گُهرا، ڪَرَ لَھَنِ تانْ ڪُھَنِ،
سَيئِي مانۡ مُھَنِ، سَيئِي راحَتَ رُوحَ جِي.

بيت - 21

ڪُھَي سو ڪَرَ لَھَي، ڪوٺَي سو قَرِيبُ،
اِھا عادَتَ سِکِئو، ھَر زَمان حَبِيبُ،
تِڇي سو طَبيبُ، سو ئِي راحَتَ رُوحَ جِي.

بيت - 22

ڪُھَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندي سَڄَڻين،
سُورِيءَ چاڙِھِئو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِھاڙئو ڏِينِ،
ويٺا وِرھُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئا وِھاءِ تُون.

وائي

مَينون ماھِي، عَشقُ رانجهَنِ دا،
راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خبر نہ ڪائِي،
دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،
مُونکي مَرضَ مارِئو، صاحِب ھَٿِ سَگهائِي.

وائي

عَجَبُ نَينَ تَيرَي، سَرَسُ نَينَ تَيرَي،
جَلَ وِچ ڪَنوَلُ ڪَنوَلَ وِچ مُدُوئا،
جُون چاند ڪُون بادَلُ گَهيرَي،
چُڻِ ڀُڻِ ڪَلِيان سيڄَ وِڇاوان، آءُ پِيءَ گهَرِ مَيرَي.

متفرقات
بيت - 1

جَوڙَي جَوڙَ جَھانَ جِي، جَڏھِين جَوڙِيائِين،
خاوَندُ خاصُ خَلِقي، مُحمَدُ مُڪائِين،
ڪَلمَو تَنھِن ڪَرِيمَ تي، چِٽو چايائِين،
اَنا مولاکَ وَ اَنتَ مَحبُوبِي،‌ اِيءَ اُتائِين،
ڏِکِي ڏِنائِين، ٻَئِي سَرائون سَيِّدُ چي.

بيت - 3

جَوڙَي جَوڙَ جَھانَ جِي، پاڻُ ڪِيائين پَرِوارُ ،
حامِي، ھادِي، ھاشمِي، سَرِدارين سَرِدارُ،
سُنھي صَحابَنِ سَٿَ ۾، مَنجِهہ مَسِجِدِ مڻيادارُ،
چارَئِي چڱا چؤڌارُ، ھُئا ھيڪاندا حَبِيبَ سين.

بيت - 4

وَحۡدَہٗ لا شَرِيکَ لَهٗ ، چَئِي، چُوندو آءُ،
فَرضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئُون تَرڪُ مَ پاءِ،
توبَهَ سَندي تَسبِيح، پَڙَهَڻَ ساڻُ پُڄاءِ،
نِڱا پَنھِنجَي نَفسَ کَي، ڪا سَئِين راھَ سُونھاءِ،
تَہ سَندي دوزَخَ باھِ، تو اوڏِيائي نَہ اَچَي.

وائي

ٿِيندو تَنَ طَبيبُ، دارُون مُنھِنجي دَردَ جو.
ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجَهہ جِي، اَچِي شالَ عَجيبُ.
دارُون مُنھِنجي دَردَ جو.
پِرِيَنِ اَچِي ڪِئو، سَندو غورُ غَرِيبُ،
دارُون مُنھِنجي دَردَ جو.
ڏُکندو سڀوئِي ڏُور ڪِئو، مَنجُهون تَنَ طَبيبُ،
دارُون مُنھِنجي دَردَ جو.
اَدِيُون عبداللطيفُ چي، ھاتِڪُ آھِ حَبِيبُ،
دارُون مُنھِنجي دَردَ جو.

وائي

مَندُ پئَندي مُون، ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو.
پِي پِيالو عشقَ جو، سَڀُڪي سمجِهوسُون،
ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو.
پِريان سَندي پارَ جِي، اَندَرِ آڳِ اَٿُون،
ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو.
جِيئَڻُ ناھِ جَڳَ ۾، ڏِينھَن مڙيئِي ڏوُن،
ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو.
اَلا! عبداللطيفُ چي، آهين تُونھِين تُون،
ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو.

سمجهاڻي

عشق جو شراب پيئندي، مون پوريءَ طرح سڄڻ سڃاتو. محبت جو جام پي، سڀڪي (سارو روحاني راز) پروڙي ورتوسين. اسان جي اندر ۾ پرينءَ جي پچار جي آگ آھي. جھان ۾ ھميشہ جيئڻ نہ آهي. زندگي رڳو ٻہ ڏينھن آهي. شاھ صاحب ٿو چوي تہ ”اي ڌڻي! تون ئي تون آهين“.

سُر يمن ڪلياڻ

داستان پھريون
بيت - 1

تُون حَبِيبُ، تُون طَبيبُ، تُون دَردَ جِي دَوا،
جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، آزارَ جا اَنواعَ،
صاحِبَ ڏيِين شَفا، مِيان مَرِيضَنِ کَي.

وائي

وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ ويچارا،
دِل ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو،
اُٿِئو ويڄا مَ وِھو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي، آيا جِيءَ جِيارا.

داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
داستان پنجون
بيت - 10

موکِي چوکِي نَہ ٿِئي، اَصلِ اوڇِي ذاتِ،
وَٽِيُون ڏيئِي واتِ، مَتارا، جَنھِن مارِئا.

داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
بيت - 1

ھَرَھَرَ ھَرَ رائِي وَڃَڻُ دَرِ دوستنِ جي،
پاڙي ڏانھُن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چَئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائَي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.

نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا
وائي

يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏيُون! آئُون مارِي،
دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جَيھا مُشتاقُ،
ڙِي جيڏيُون آئُون مارِي.
جاٿَي ڪاٿَي مَحبوبَن جِي، آھِ حُسنَ جِي هاڪَ،
ڙِي جيڏيُون، آئُون مارِي.
سُرمو سَھِي ڪَرِ اَکِيُنِ جو، خاصُ پِريان جِي خاڪَ،
ڙِي جيڏيُون، آئُون مارِي.
عبداللطيفُ چي، پِرِين اَسان جو هَميشه حُسناڪَ،
ڙِي جيڏيُون، آئُون مارِي.

سمجهاڻي

اي سرتيون! مان پرينءَ جي وڇوڙي جي ماريل آهيان. محبوبن جي در تي مون جھڙا ڪيئي عاشق هوندا. جتي ڪٿي پرينءَ جي سونھن جي هاڪ آهي. سپيرين جي پيرن جي پڻيءَ جو ملهہ سڃاڻي، ان کي اکين جو خاص سرمو ڄاڻ. شاھ صاحب ٿو فرمائي تہ اسان جو جانب هميشه حسن وارو آهي.

وائي

دوسُ پَيھِي دَرِ آئيو، ٿِئو مِلَڻ جو ساعِيَو.
ڏِينھَن پُڄاڻُون آڻي اَسان کَي، مَولا مُحبُ مِلائِيو،
ٿِئو مِلَڻ جو ساعِيَو.
وِيو وِڇوڙو، ٿِيو مَيلاپو، واحِدَ واءُ وَرائِيو،
ٿِئو مِلَڻ جو ساعِيَو.
هُو جنھين جو ڏَسُ ڏُوراڏو، اوڏَو اَڄُ سو آئِيو،
ٿِئو مِلَڻ جو ساعِيَو.
عبداللطيفُ چي اَچِي عَجِيبَنِ، پاڻَ فَضُلُ فَرمائيو،
ٿِئو مِلَڻ جو ساعِيَو.

سمجهاڻي

سپرين گهر ۾ پيھي آيو. گڏجاڻيءَ جو سانباھو ٿيو آھي. ڌڻيءَ اسان کي ڪيترن ڏينھن کانپوءِ آڻي محبوب ملايو آهي. جدائي ويئي، ميلاپ ٿيو. سائينءَ وصل جي ھير ورائي آهي. جنھن جو پتو ڏورانھون ھو، سو اڄ ويجهو آيو آھي. سھڻي دلبر پاڻ اچي پنھنجي مھر ڪئي آھي.

سُر کنڀات

داستان پھريون
بيت - 1

کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِين نازَ ڪِئائُون نَظَرُ،
سُورجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.

وائي

وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سپرِين،
شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خوشِيءَ کان کامِي،
بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن، ٻَران شالَ اُجَهامِي،
پِرتِ جا پِيتَمِ جِي، ڪِينَ پَرُوڙي عامِي،
مُون کَي مُون پِرِيَنِ جو، دَردُ آھِ دَوامِي،
ھيڪاندِي ٿيِندِيَس ھوتَ سين، آڌيءَ اُڏامِي،
آھِيان يارُ سَيدَ جو، ڪانَہ رَھِي ڪا خامِي،
ھُو جو لَنئُن لَطِيفَ جو، مُون کَي آھِ مُدامِي،
روشَن ٿِئا رُڃنِ ۾، جٖي ھُئا ھِنَ لَي جِي لامِي،
آيَمِ تَنھِن لوڪَ سين، جٖي سيما چَوَنِ ساھِمِي.

داستان ٻئو
داستان ٽئو
بيت - 1

ڀَلا ئِي آھِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانھِنجي،
سَٻاجَها سِرِ چَڙِهي، ڏوراپو نَہ ڏِينِ،
جَي مُون ڏانھُن مَدِيُون ٿِينِ، تَہ سَڄَڻَ سَڄايُنِ ۾.

نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر سُر راڳ

داستان پھريون
بيت - 1

مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِ مَ چُرَ،
اُنهيِن جا اَمُرَ، کَڻُ تَہ خالِي نَہ ٿِيين.

سمجهاڻي

ڪڏهن نہ ڪڏهن (ضرور) تنھنجا سپرين تنھنجي خبرچار رکندا، تنھن ڪري تون هنن جي ياد کان ڪڏهن بہ غافل نہ ٿجانءِ. ان پياري پرينءَ جا چوڻ (حڪم) مڃ ۽ پورا ڪر، تہ جيئن تون ان جي رحم ڪرم کان محروم (خالي) رهجي نہ وڃين.

بيت - 4

مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ ڪَريجِ چيتُ،
سِڙَھَ ڌُئاري صافُ ڪَري، صابُڻَ ساڻُ سُفيتُ،
سامُونڊِي سُچيتُ، ٿِيءُ تَہ پَھچين پارَ کي.

وائي

ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھسين شُڪرانا،
فاذکُرُونِي اَذکرُکُم، ڪَھي قُرآنا،
واشکُرُو الِي وَلا تَکفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا،
حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ کَي، جورُ ھَڻِي جانِئا،
تَہ تُسِي تو سين توھُ ڪَري، آگو اِحسانا،
جَفا ڏيئِي جانِ کَي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنا،
تَہ تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا،
جٖي تسلِيمُ ٿِئا تَحقِيقَ سين، اُوءِ ڪِيئَن اَمانا،
جاڳِئا جٖي جَبارَ لَيءِ، سَيئِي سَمانا،
سَڀ سَنوَرِئا سُپِرِين، قَوالَ تو ڪَنا،
چَڱِي چَئِجِ چاھَ سين، مَدَحَ اِيءَ مَنا،
مَتان مَڙدَ وِسارِيين، صاحِبَ جو ثَنا،
دوسِتُ رَکِي دِل ۾، پَڙُهُ لالَڻُ لِسانا،
ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، ٻانَهپَ سين ٻانها،
صاحِبَ وَڻِين سَچَ سين، ٿِيءُ داناءُ ديوانا،
تائِبَ ٿِئو تَڪِڙاَ، جوشَئُون جَوانا،
لَھين تُون لَطِيفَ کان، اَمنُ اَمانا.

داستان ٻئو
وائي

مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان،
ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ،
سَيئِي رَسِئا بُودَ کَي، جيلان ٿِئا نابُودُ،
اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ کَي، سِڪِئو ڪَنِ سُجُودُ،
اِنَ دَرِ سَيئِي اَگهِئا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ.

داستان ٽئو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر سامونڊي

داستان پھريون
بيت - 1

پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي،
وِجِهي جِيءُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.

داستان ٻئو
داستان ٽئو
وائي

آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سامُونڊِيءَ جي سَنڱَ کَي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کَي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِھِئا چوٽِيءَ سِينءَ.

داستان چوٿون
داستان پنجو
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر سھڻي

داستان پھريون
بيت - 1

وَھَ تِکَ واھُڙَ تِکَ، جِتِ نِينھُن تِکَ نِرالِي،
جَنِ کَي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خِلوَتَ خِيالِي،
وارِيين سي والِي، ھِينئڙو جَنِي ھَٿِ ڪِئو.

بيت - 19

وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪَري،
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجهيءَ ٻانگَ،
سَيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساھَڙُ سُپِرِين.

وائي

ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کَي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀ جَوابَ.

داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر سارنگ

داستان پھريون
بيت - 1

لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چَئَي، آگمِئو آھي،
اُٺو مِينھُن وَڏَڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھَي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي،
وِھو مَ لاھي، آسِرو اللهَ مان.

داستان ٻئو
داستان ٽئو
بيت - 1

موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ،
ڪَي اُٺِيون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ پارَ،
ڪَي چَمڪَنِ چِينَ تي، ڪَي لَھَنِ سَمَرقَندِيَنِ سارَ،
ڪَي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪَي ڪابُل ڪَي قَنڌارَ،
ڪَي دِلِي ۽ دَکَنِ، ڪَي گُڙَنِ مَٿي گِرنارَ،
ڪَنِي جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏِنا بيڪانِير بُڪارَ،
ڪَن اَچِي عُمَرَڪوٽَ جا، وَسايا وَلَھارَ،
ڪِنِ ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِ ڍَٽَ تي ڍارَ،
ڪَي لَڙِيُون لاھورَ تي، ڪَي ھَلَنِ مَٿي ھالارَ،
ڪَي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪارَ،
سائِينمَ! سَدائِين ڪَرِين، سِنڌُڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسِتَ تُون دِلدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِيين.

داستان چوٿون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر ڪيڏارو

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر آبڙي

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر معذوري

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر ديسي

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
داستان يارھون
داستان ٻارھون
داستان تيرھون
داستان چوڏھون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر ڪوھياري

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر حسيني

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
داستان يارھون
داستان ٻارھون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر سورٺ

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
داستان پنجون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر بروو سنڌي

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر راڻو

داستان پھريون
بيت - 1

شَمعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرھَ باکُون کوڙِيُون،
موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ،
تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪَ جا.

داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر کاھوڙي

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر رامڪلي

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
داستان يارھون
داستان ٻارھون
داستان تيرھون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر پورب

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر بلاول

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر ليلا

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر ڏھر

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر جاجڪاڻي

داستان پھريون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر ڪاپائتي

داستان پھريون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر رِپ

داستان پھريون
داستان ٻئو
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر آسا

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر گهاتو

داستان پھريون
بيت - 1

گَهنگَهرئا گَهڻَ ڄاڻ، مُوڙِهِي مَتِ مَھائِيين،
وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ،
اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.

نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا
وائي

جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گَهاتُو گَهرِ نَہ آئِيا.
ڪاھَي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ
گَهاتُو گَهرِ نَہ آئِيا.
ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ
گَهاتُو گَهرِ نَہ آئِيا.
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍَو، اَٿَوَ اَڳِئان اَڇَ
گَهاتُو گَهرِ نَہ آئِيا.
اَدِيُون عبداللطيفُ چي، سَڀ لَگِهيندا ڇَڇَ
گَهاتُو گَهرِ نَہ آئِيا.

سُر ڪيڏارو

داستان پھريون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر مارئي

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
داستان يارھون
داستان ٻارھون
داستان تيرھون
داستان چوڏھون
داستان پنڌرھون
داستان سورھون
داستان سترھون
داستان ارڙھون
داستان اوڻيھون
داستان ويھون
داستان ايڪيھون
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر ڪاموڏ

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا

سُر ڪارايل

داستان پھريون
داستان ٻئو
داستان ٽئو
نہ شامل ٿيل وايون ۽ بيت
ھِن حصي ۾ اُھي وايون ۽ بيت شامل ڪيا ويا آھن جيڪي سھيڙيندڙ پاران اصل ڇاپي ۾ شامل نہ ڪيا ويا