آگم ڪيو اچن...

شاھ جي رسالي ۾ سُرُ گهاتو جو فلسفو

استاد لغاري

”گهاتو“ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي ، جنھن جي لغوي معنيٰ آھي ماريندڙ ، شڪار ڪندڙ، مڇي جي گهور ڪندڙ ، مڇي کي ڳوليندڙ ۽ جانچيندڙ وغيره. ھي شاھ جي رسالي جو، گهاتوئڙن جي تمثيل سان حقيقت ۽ نصيحت ڀريو سُر آھي .جنھن ۾ شاھ صاحب گهاتوئڙن کي خبردار ڪندي چوي ٿو تہ ، 

  ” جيڪڏھن اوھين مڇ کي مارڻ چاھيو ٿا تہ پھريان پنھنجن رڇن کي ريٽو رنڱ ڏيو “. 

  ”  جان گهڙنداھُ گهاتوئا ! تان رڇن ڏهو رنڱ “. 

 اوھين جيڪا لاکيڻيءَ لوڏ لُڏندا ٿا وتو يا ھري ھري ھلندا ٿا وتو، تہ اھا رسم، ريت، پرِ ، ھلڻي ، نمونو يا اھو ڀير گهاتوئڙن جو تہ آھي ئي ڪو نہ ! 

  اَئِين جا لُڏو لوڏ ، ايءَ پرِ نہ گهاتوئڙن جي، 

  ڪُن ڪلاچيءَ ڪوڏ ، سُک نہ سُتا ڪڏهين . 

  گهاتوئڙن جون اکڙيون ڪڪڙيون ھونديون آھن، اُھي ڪلاچيءَ واري ڪُن تي، ڪڏهن بہ سُک ۽ سانت سان سُمھي ڪو نہ رهندا آھن . 

  گهوريندي گهور پيا ، اَگهور گهوريائون، 

  مانگرُ ماريائون ، ملاحن  مُونھن  سنرا. 

 لطيف سُر “گهاتو ” ۾ مانگر مڇ کي للڪاريندي چوي ٿو تہ 

  “ تُون جنھن اڇي اوڙاھ پاڻيءَ ۾ مچي مواڙ ٿيو آھين ۽ من مستيون ڪندو ٿو وتين ، تہ ھاڻِ اُن پاڻيءَ جا ڏينھن اچي پورا ٿيا اٿئي ! اھو اڇو اوڙاھ پاڻي ڄاڻ تہ سُڪو ! 

  متو آھين مڇ  !  ٿُلھو ٿو ٿُونا ھڻين ! 

 جا تو ڏٺي اڇ،تنھن پاڻيءَ پُنا ڏينھڙا. 

  سُر ”گهاتو“ خالص مقامي سنڌي راڳ آھي، جيڪو فقط شاھ جي راڳ ۾ ڳايو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو ھندوستاني راڳ ۾، گهاتو جي نالي سان ، ڪو بہ راڳ موجود ڪونھي. ھي شاھ جي رسالي جو ستون نمبر سُر آھي ، جنھن ۾ 25 بيت، 1 وائي ۽ 2 داستان شامل آھن. 

 ھن سُر جو پھريون بيت “ گهنگهريا گهڻ ڄاڻ ، مُوڙهي مت مھائيين ” ۽ آخري وائي ” گهاتوئڙا ادا ! متان اَئِين رڇ وڃائيو“ آھي . 

 بيت ۽ انھن جون سمجهاڻيون 

 ماڪ ڀِڄاينِ مولھيا، مٿان رات پئي، اُجهڻ لڳيون اوليون، 

  وئن ونجهہ وھي، ڪلاچيان ڪھي، ڪڏهن ڪو نہ آئيو. 

 مٿان رات پئجي ويئي، ( گهاتو واپس ڪو نہ وريا ) اُنھن جا پڌر تي پيل پٽڪا، ماڪ پُسائي ڇڏيا . ( گهمجي ويا ) ٻيڙن کي، اڳتي اولجڻ ( ڌڪڻ ) وارو ڪم ختم ٿي ويو ، اُنھن جي ھٿن مان ونجهہ ڇڏائي ، پاڻيءَ ۾ لُڙهي ويا. جيڪي بہ گهاتو، ھيل تائين ڪلاچيءَ جي قھري ڪُن تي ڪاھ ڪري ويا، اُنھن مان اڄ ڏينھن تائين، واپس ڪوئي ڪو نہ وريو آھي . 

 ڪالہ ڪلاچيءَ ويا ، ڇتيون کڻي ڇُڳير ، 

  ڀائُن ڀيرو نہ ڪيو ، ادن ڪي اوير  ، 

 اھڙي خاصي کير،  ڪُن ورائي جهلئي. 

 طُرن وارا بگا پٽڪا ٻڌي ، وڏي تياريءَ ڪري، مڇيءَ مارڻ جون ڇتيون کڻي، ڪالهہ ڪلاچيءَ جي ڪُن ڏانھن ڪاھي ويا. (روانا ٿي ويا) اُنھن ادن اوير ڪري ڇڏي، ڀائُرن گهرن ڏانھن وري ڀيرو ئي ڪو نہ ڪيو ، ( اچڻ وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو ) . اھريءَ سُهڻي سنگت ۽ ڀائُرن جي ٽلندڙ ٽولي، ڪُن ورائي کڻي قابُو ڪئي . اھڙيءَ ريت شاھ جي رسالي جو سُر ”گهاتو“، مانگر مڇ (نفس) ماريندڙن جي مذڪور سان ، انسان ذات جي لاءِ، نھايت گهڻيون نصيحتون، حقيقتون ۽ علامتون پنھنجي دامن ۾ سمائي، اختتام پذير ٿئي ٿو . جنھن جي پڙهڻ ۽ پروڙڻ سان، دل کي تمام وڏو ڏڍ ۽ سڪون ملي ٿو.