ڪُلُ جي سنڌي معنيٰ
مڙيوئي، جُمله سڀ، همه. تمام، سارو، سمورو، مڙيئي. جملي، جوڙ، سڀيئي، هڙئي، جيڪي بہ، سڄو. (اسم) سڄي ڪائنات، ساري دنيا، سارو عالم. واحد مطلق، الله تعاليٰ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
All, total, complete, universe, wholesome, every
ڪُلُ جا بيتن ۾ حوالا
وَحدَتان ڪَثرَتَ ٿِي، ڪَثرَتَ وَحدَتَ ڪُلُ،
حَقُ حَقِيقِي ھيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 14 ]
حَقُ حَقِيقِي ھيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 14 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، وِئو سِينگارُ سَندوسِ،
مُنھُن ڪُوماڻو مُنڌَ جو، روئِي رُوپُ وِئوسِ،
کُنھِنبو بُتُ کامِي وِئو، حُسُنُ ڪُلُ ھَپِيوسِ،
ويسَ لالائِي لِڱَنِ جِي، جهولي جِيءُ جَهڙپِيوسِ،
قُربانِي قَبُولِيوس، باسي مُنڌَ مَوتُ ھَلي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 22 ]

ڪينُون ڀائِي آکان ٻولِڪي، گهايَل ڪِيتِيَ مَين سُولِ سَڄَڻدي،
چَنڊُ چَڙِهئا ڪُلُ عالَمَ ويکِئا، رانجُهو لَڌَڙُمِ ڳولِڪي،
مَين رانجَهنِدِي رانجَهنُ مَيڏا، کيڙا گهَتَڙِئُمِ گهولِڪي.
[ سُر سورٺ، وايون، 4 ]
چَنڊُ چَڙِهئا ڪُلُ عالَمَ ويکِئا، رانجُهو لَڌَڙُمِ ڳولِڪي،
مَين رانجَهنِدِي رانجَهنُ مَيڏا، کيڙا گهَتَڙِئُمِ گهولِڪي.
[ سُر سورٺ، وايون، 4 ]
پَٽَ ڇَڏِيائُون پَٽَ ۾، ڏَندَ ڇَڏِيائُون ڏِسُ،
آلائِشان اَڳي ٿِئا، موٽِي ھُونِ نَہ مِسُ،
ھِيءُ ڇَڏِيائُون ھِسُ، وَڃِي ڪالَ ڪُلُ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 20 ]
آلائِشان اَڳي ٿِئا، موٽِي ھُونِ نَہ مِسُ،
ھِيءُ ڇَڏِيائُون ھِسُ، وَڃِي ڪالَ ڪُلُ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 20 ]
ھي ھَنڌَ ماڙِيُون ھاڻِ، ساڙِيان سَڀَ ڏيھِيَن ري،
ڪُلُ شَیئٍ یَّرجِعُ اِلٰی اَصلِہٖ ، ٿِي جِهڄان جهانگِيَنِ ڪاڻِ،
ڀِرِي پَنھِنجي ڀاڻِ، پَسان مُلڪُ مَلِيرَ جو.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 14 ]