ڏُکَندي جي سنڌي معنيٰ
دُکُ ۾، ڏک اندر، سورائتي، درد منديءَ ۾. مشڪلات ۾، ڏُکيائيءَ ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In pain, in difficulty, while in sickness
ڏُکَندي جا بيتن ۾ حوالا
حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما راحَتَ،
پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 3 ]
پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 3 ]
ڪُوماڻا ڪَڙِيُون ڪَري، چاڪَ اُڀَرِئامِ،
واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 28 ]
واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 28 ]
چاڪَ اُڀرِئا، ڪُو ماڻا ڪَڙِيُون ڪَري،
لَڳي ڌَڪَ لَڪَنِ سين، چُرِي چاڪَ پِئا،
ڏَيرَنِ ٻِئا ڏِنا، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 11 ]
لَڳي ڌَڪَ لَڪَنِ سين، چُرِي چاڪَ پِئا،
ڏَيرَنِ ٻِئا ڏِنا، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 11 ]
English Meaning
In pain, in difficulty, while in sickness