ڇَڏِ جي سنڌي معنيٰ
ڇڏڻ جي حالت. ترڪ ڪر، ڦٽي ڪر، ڇُوٽِ قيمت ۾ لاٿ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Remission, abatement, reduction.
ڇَڏِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَسَرَ ڇَڏِ ڪَنواٽَ، وِکون وِجُهہ وَڌَندِيُون،
سَنئين سُپَيرِيَن جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ،
ڇَڏِ جهورِي ڏي جهاٽَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 8 ]
سَنئين سُپَيرِيَن جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ،
ڇَڏِ جهورِي ڏي جهاٽَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 8 ]
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ،
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا،
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
ڪَنزَ قُدُورِي ڇَڏِ، سِٽُون پَڙُه ساڃاءِ جُون،
وانءُ تَنِي جي سَڏِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 23 ]
وانءُ تَنِي جي سَڏِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 23 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪُڏِي پَئُہ ڪاھي،
ڇَڏِ سانگو اَرواحَ جو، لاھُوتِي لاھي،
عِشقُ نانگُ آھي، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 18 ]
ڇَڏِ سانگو اَرواحَ جو، لاھُوتِي لاھي،
عِشقُ نانگُ آھي، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 18 ]
ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکُون وِجُهہ وَڌَندِيُون،
ھيڪَرَ حَبِيبَنِ سين، مُون کي نيئِي گَڏِ،
مَڇُڻ پُونَئِي ھَڏِ، آھُون اُڪَنڊِيَنِ جُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 7 ]
ھيڪَرَ حَبِيبَنِ سين، مُون کي نيئِي گَڏِ،
مَڇُڻ پُونَئِي ھَڏِ، آھُون اُڪَنڊِيَنِ جُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 7 ]
ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ،
مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ،
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ،
اِيَھِين اُٺَ اُٺاءَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 9 ]
مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ،
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ،
اِيَھِين اُٺَ اُٺاءَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 9 ]
ڪُڌا تُورا ڪَرَھا، ڇَڏِ لاڻِيءَ جِي لَغارَ،
سَعيو ڪَري سَيِّدُ چئَي، کائِجِ کَٽَڻهارَ،
سُرَھائِيءَ جي سارَ، مَنَ پِرِين ڪَنِهُون پانھِنجو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 45 ]
سَعيو ڪَري سَيِّدُ چئَي، کائِجِ کَٽَڻهارَ،
سُرَھائِيءَ جي سارَ، مَنَ پِرِين ڪَنِهُون پانھِنجو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 45 ]
سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، ڀَڄِي ڇَڏِ بازِي،
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، رُپو رَوازِي،
ٿِيندو رَبُ قاضِي، تورِيندو تَدبيرَ سان.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 10 ]
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، رُپو رَوازِي،
ٿِيندو رَبُ قاضِي، تورِيندو تَدبيرَ سان.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 10 ]
سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، بازِي ڀَڄِي ڇَڏِ،
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، مَڇُڻ پوئِي ھَڏِ،
وَٽِ صَرافِيءَ سَڏِ، تورِيندا تَجوِيزَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 11 ]
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، مَڇُڻ پوئِي ھَڏِ،
وَٽِ صَرافِيءَ سَڏِ، تورِيندا تَجوِيزَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 11 ]
English Meaning
Remission, abatement, reduction.