پاڪَ جي سنڌي معنيٰ
پوتر، صاف، سٿرو، اجريل
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pure, holy, sacred, undefiled.
پاڪَ جا بيتن ۾ حوالا
وَڏو ڀاڳُ سَندونِ، جِيئَن مَڪو ڀيٽي موٽِيا،
وَڃِي سو ڏِٺونِ، روضو پاڪَ رَسُولَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 28 ]
وَڃِي سو ڏِٺونِ، روضو پاڪَ رَسُولَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 28 ]
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، اَڌوتِي آھي،
ڪُنڍِيُونۡ جَو ڪاھي، پاسي تَنھِين پاڪَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 1 ]
ڪُنڍِيُونۡ جَو ڪاھي، پاسي تَنھِين پاڪَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 1 ]
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، نِسورِي ناپاڪَ،
نَجاسَتَ ناھِ ڪَري، اُنِهين جِي اوطاقَ،
ھُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِي پاڪَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 2 ]
نَجاسَتَ ناھِ ڪَري، اُنِهين جِي اوطاقَ،
ھُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِي پاڪَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 2 ]
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِئائِين،
روضو پاڪَ رَسُولَ جو، رِيجِهي رانيائِين،
آڻي ڏِنائِين، عالَمَ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 7 ]
روضو پاڪَ رَسُولَ جو، رِيجِهي رانيائِين،
آڻي ڏِنائِين، عالَمَ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 7 ]
ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِين پَوي مَنجِهہ جِيءَ،
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
پاڪَ جَنِي جا پيرَ، کَٽان ھيٺِ نَہ ھيرُئان،
ٿَنڇَ تَرارِيُنِ تِڇِئا، ڇَڻِئو پُونِ ڇُڳيرَ،
ڌَڙَ تَنِي جا ڍيرَ، ڳِجَهڙِيُنِ ڳَرِ لايا.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 6 ]
ٿَنڇَ تَرارِيُنِ تِڇِئا، ڇَڻِئو پُونِ ڇُڳيرَ،
ڌَڙَ تَنِي جا ڍيرَ، ڳِجَهڙِيُنِ ڳَرِ لايا.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 6 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرِ وَراڪا واڪَ،
اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ،
پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 6 ]
اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ،
پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 6 ]
گَوسَرِ ٿِئي مَ گُسَ، شَلَ پَڻِي پوءِ نَہ پِرِينءَ تي،
جَنھِن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تَنھِن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ،
پُنهون پاڪَ پُرسَ، ھوتَ نَہ ڪِجَنِ ھِھَڙِيُون.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 16 ]
جَنھِن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تَنھِن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ،
پُنهون پاڪَ پُرسَ، ھوتَ نَہ ڪِجَنِ ھِھَڙِيُون.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 16 ]
گهِنڊَنِ پاسي گهِنڊَ، گُذارِينِ گودَڙِئا،
پَليتِيءَ کان پانھِنجا، پاڪَ رَکِئائُون پِنڊَ،
نانگَنِ ڪِي نَہ نِنڊَ، رُوَندا وَھِئا رامَ ڏي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 10 ]
پَليتِيءَ کان پانھِنجا، پاڪَ رَکِئائُون پِنڊَ،
نانگَنِ ڪِي نَہ نِنڊَ، رُوَندا وَھِئا رامَ ڏي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 10 ]
اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھَنئي ھاڪَ،
ڀَڳا ڏيھَ ڀَيءِ پَئِي، سُڻِي ديمَنِ ڌاڪَ،
آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، جي ڪا وَسان پُنِيَس واڪَ،
رَبِّ ھَبْ لِیْ اُمَّتِی چَئِي، بَھدُرُ چَڙِهئو بُراَقَ،
پِڙَ ۾ اَچِي پاڪَ، سَرَڻِنِ جو سُکُ ڪِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 12 ]