ٻُڪِي جي سنڌي معنيٰ
لَپ، قرب سان ٻُڪ ڀري ڏنل، شفا، اميد جو پڄڻ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A handful of grain put into a hand-mill etc. a powder or any pulverized medicine.
ٻُڪِي جا بيتن ۾ حوالا
ويڄَ مَ مُون وَٽِ ويھُ، آيا جانِي مُون گهَرِ آيا، آيا ھادِي،
ويڄَنِ وَڏا ئِي وَسَ ڪِئا، مَرضَ مُنھِنجي کي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جي، سَندو رَحمَتَ ريھُ،
مَرُ چَڱِيائِي نَہ ٿِيان، ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي،
ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين، اَڱَڻِ شالَ اَچي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 2 ]

وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ ويچارا،
دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو،
اُٿِئو ويڄا مَ وِھو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي، آيا جِيءَ جِيارا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 1 ]
دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو،
اُٿِئو ويڄا مَ وِھو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي، آيا جِيءَ جِيارا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 1 ]
ٿِيندو تَنَ طَبِيبُ، دارُون مُنھِنجي دَردَ جو.
ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجَهہ جِي، اَچِي شالَ عَجِيبُ.
پِرِيَنِ اَچِي ڪِئو، سَندو غورُ غَرِيبُ،
ڏُکندو سَڀوئِي ڏُورِ ڪِئو، مَنجُهون تَنَ طَبِيبُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ھاتِڪُ آھِ حَبِيبُ،
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 22 ]

تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جو دارُون،
دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون،
ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 2 ]
دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون،
ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 2 ]
دارُون ۽ ڪارُون، جانۡ ڪِي ڪِئا ويڄَ مُون،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، نِھاري نارُون،
جَنِ جُون سيڻَ لَھَنِ سارُون، تَنِ تان ڏُکوندو ڏُورِ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 7 ]
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، نِھاري نارُون،
جَنِ جُون سيڻَ لَھَنِ سارُون، تَنِ تان ڏُکوندو ڏُورِ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 7 ]
ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي، اَلا چَڱِي نَہ ٿِيان،
سَڄَڻُ مانَ نَہ اَچي، ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 13 ]
سَڄَڻُ مانَ نَہ اَچي، ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 13 ]
ھُوءِ جٖي مَنجهان ھيجَ، وَھمَ پِريان جي وَڍِئا،
ٻُڪِي ڏيئِي تَنِ کي، ڪوھُ ڪَريندا ويڄَ،
نَہ ڪا پِڇَ نَہ پيڄَ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 26 ]
ٻُڪِي ڏيئِي تَنِ کي، ڪوھُ ڪَريندا ويڄَ،
نَہ ڪا پِڇَ نَہ پيڄَ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 26 ]
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويھُ ڳَرِي،
جِمَ وِرچِي ڇَڏيين، سَندِي دوسِتَ دَرِي،
ٻُڪِي ڏيِندَءِ ٻاجَهہ جِي، ويندَءِ ٺَپَ ٺَرِي،
اَسان تان نَہ سَرِي، تو ڪِيئَن سَرِي سُپِرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 18 ]