مِنھُن جي سنڌي معنيٰ
موسو، بھانو، عذر، ڍؤنگ، مِکر، گيگ، مڪر، فريب، سبب، حِرفت، کيڏبازي، ٽريڙ، چالو. ڏيکاءُ، دعويٰ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To deceive, to change, to get opposite meaning, to take other source, to see other face or way, to make greedy.
مِنھُن جا بيتن ۾ حوالا
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٻَنگان لَھِي ٻاڻُ،
ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 8 ]
ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 8 ]
سامِي چائيين سُکُ طَلَبِين، تَسِئا ڏيِين نَہ تَنَ،
مِنھُن ڪَرِئو ماڻُهنِ کان، پِنين اَٽا ۽ اَنَ،
ڪاپَڙِي تو ڪَنَ، چِيرايا چَشَنِ لَيءِ.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 16 ]