مانُ جي سنڌي معنيٰ
جس، ماڻو، آبرو، مرتبو، ٺاٺ، عزت، عھدو، حشمت، ڊٻدٻو، نياز، آداب، آدستڪار، آڌرڀاءٌ، گهمنڊ، ناز.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Respect, honor. Courtesy, dignity, grandeur. Coquetting or affecting refusal to increase pressing or excite desire.
مانُ جا بيتن ۾ حوالا
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٿيڪَ مَ، ٿورَو لاءِ،
پِريَمِ تُنھِنجي گهاءِ، مَران تَہ مانُ لَھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 6 ]

ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]

سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِئو،
اُنِ جي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ،
ڪوڙيِين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ جي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 2 ]

اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين،
وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ،
ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي، جِتِ سَندو گوھَرَ گامُ،
مَران تان مانُ لَهان، ٿِيان ڪيچِنِ تان قُربانُ،
پيراندِيءَ پُنهونءَ جي، مُنھِنجو ٿِئي مُقامُ،
ويجهو وَراڪَنِ ۾، اِيندو سو اِمامُ.
[ سُر معذوري، وايون، 7 ]

لَڪَ مَٿي لٽِڪي، ڪَريو سَٻاجها سَڏَڙا،
ويدِيَسِ ھوتَ پُنهونءَ سين، پاندُ جَهلِئو پَٽِڪي،
مَران تَہ مانُ لَهان، ساھُ پِريان تان صَدَقي،
سا اوري ڪِيئَن اَٽِڪي، جَنھِنَ جو جانِبُ جَتَ وَٺِي وِئا.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 20 ]

مَران تان قُربانُ، ساھَ پِريان تان صَدِقو،
سَندو مَحَبتَ مانُ، ويھِي ڪِيئَن وِڃايان.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 8 ]

مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾، ھائِيءَ وِجهان ھارُ،
ڀِري جي ڀَتارُ، تَہ ميرِيائِي مانُ لَهان.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 2 ]

ڏاتارُ تَہ تُون، ٻِئا مِڙيئِي مَڱڻا،
مِينھَن تَہ مُندين وَسِڻا، سَدا وَسين تُون،
جي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ لَھان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 11 ]

سَمي سامائي، مانُ لَڌو ميئِيين،
نَنڍِيءَ وَڏِيءَ گَندَرِيءَ، اُڀي اِنَ پَرِئي چايائين.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 19 ]

صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِيسُون،
پَنَ ٻوڙِين پاتارَ ۾، پَھَڻَ تارِين تُون،
جَي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ لَھان.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 19 ]