قَرِيبُ جي سنڌي معنيٰ
سنگتي، يار ساٿي. پرين، سڄڻ، محبوب. (ظرف) ويجهو، نزديڪ، اوري، اوڏو. اورانھون. ويجهڙو، ڀرسان، ڀر. ويجهو مائٽ، عزيز، رشتيدار، مِٽ، خويش، سڪو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Very close, fast friend, beloved, near
قَرِيبُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو قَرِيبُ،
اِھا عادَتَ سِکِئو، ھَر زَمان حَبِيبُ،
تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 21 ]
اِھا عادَتَ سِکِئو، ھَر زَمان حَبِيبُ،
تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 21 ]
ڪارائِيان قَرِيبُ، وَنِيئُون ويجهو گهَڻو،
دارُون سَڀَ دَردَ جو، طَبَعَ جو طَبِيبُ،
ايھي حالِ حَبِيبُ، ساھان اوڏو سُپِرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 22 ]
دارُون سَڀَ دَردَ جو، طَبَعَ جو طَبِيبُ،
ايھي حالِ حَبِيبُ، ساھان اوڏو سُپِرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 22 ]
English Meaning
Very close, fast friend, beloved, near