حاصِلُ جي سنڌي معنيٰ
اپت، نتيجو، بچت، پيداوار، ڦل، فائدو، مقصد، مالڪي، ارٿ، پيدائش، لاڀ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Output, outcome, saving, achievement, objective.
حاصِلُ جا بيتن ۾ حوالا
ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏاڍو ٿِئي،
سا مَجلِسَ ئِي مَٽِ، جٖي حاصِلُ ھوءِ ھَزارَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 20 ]
سا مَجلِسَ ئِي مَٽِ، جٖي حاصِلُ ھوءِ ھَزارَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 20 ]
ڪُلاھَ رَکِي ڪَنڌَ تي، صُوفِي سالِمُ ٿِيءُ،
وِھُ وَٽِي ھَٿِ ڪَري، پُرِ پِيالو پِيءُ،
ھَنڌُ تَنِ جو ھِيءُ، جَنِ حاصِلُ ڪِئو حالَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 7 ]
وِھُ وَٽِي ھَٿِ ڪَري، پُرِ پِيالو پِيءُ،
ھَنڌُ تَنِ جو ھِيءُ، جَنِ حاصِلُ ڪِئو حالَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 7 ]
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، اولا جَنِي عاجَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ،
حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 12 ]
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ،
حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 12 ]
سَڀَيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالي ڪَمَ،
ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاھي غَمَ وَھمَ،
قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصِلُ ڪَري حاجَ تو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 2 ]
ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاھي غَمَ وَھمَ،
قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصِلُ ڪَري حاجَ تو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 2 ]
ڌَڙَ تي دُونھَن جِيئَن، سِرَ ڀَرِ سُپَيرِيَن ڏي،
لَڳو وانءُ لَطِيفُ چئَي، تَنَ پِريان جي تِيئَن،
تَہ حاصِلُ ٿِئي اِيئَن، قَرِينُو قَرِيبَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 12 ]
لَڳو وانءُ لَطِيفُ چئَي، تَنَ پِريان جي تِيئَن،
تَہ حاصِلُ ٿِئي اِيئَن، قَرِينُو قَرِيبَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 12 ]
ھُو جٖي ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي، تَنِ لَھي نَہ لالِي،
کَري کيپَ خُمارِئا، مَئي پِي مَوالِي،
ڪَري حاصِلُ ھَلِئا، ڪيفِيَتَ ڪَمالِي،
وَتَنِ وِصالِي، لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 4 ]
کَري کيپَ خُمارِئا، مَئي پِي مَوالِي،
ڪَري حاصِلُ ھَلِئا، ڪيفِيَتَ ڪَمالِي،
وَتَنِ وِصالِي، لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 4 ]
واڄَٽَ ويراڳِينِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ،
مَقالان مَھِندِ ٿِئا، ڪِينِهي وَٽَنِ قالُ،
نَڪو ماضِي مَنَ ۾، نَڪو اِستَقَبالُ،
حاصِلُ جَنِي حالُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 9 ]
مَقالان مَھِندِ ٿِئا، ڪِينِهي وَٽَنِ قالُ،
نَڪو ماضِي مَنَ ۾، نَڪو اِستَقَبالُ،
حاصِلُ جَنِي حالُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 9 ]
اُوڻَٽِيھَن آيا، سَناسِي سَرتاجَ،
حاصِلُ حُسَينِيَنِ جِي، سَڀَ ٿِيندِي حاجَ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، ويٺا وِجَهنِ واجهَہ،
ساڌُو اُوءِ سَٻاجَهہ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 29 ]
حاصِلُ حُسَينِيَنِ جِي، سَڀَ ٿِيندِي حاجَ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، ويٺا وِجَهنِ واجهَہ،
ساڌُو اُوءِ سَٻاجَهہ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 29 ]
جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِي ڏِٺوسُون،
مُلا تَھِين مُون، حاصِلُ ڪِي حالُ ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 17 ]
مُلا تَھِين مُون، حاصِلُ ڪِي حالُ ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 17 ]
نَڪِي طَعامُ تُنبَنِ ۾، نَڪِي گَبَريَنِ،
مُون پُڻ مُلا تَنِ، حاصِلُ ڪِي حالُ ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 10 ]
مُون پُڻ مُلا تَنِ، حاصِلُ ڪِي حالُ ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 10 ]
English Meaning
Output, outcome, saving, achievement, objective.