آگم ڪيو اچن...

ڀٽائي پيڊيا جي باري ۾

هن ڪمپيوٽنگ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ معلومات جي رسائي صرف ڪتابن تائين نہ آھي، پر سڄيءَ دنيا ۾ ڪتابن کان وٺي ادب، سائنس، ٽيڪنالاجيءَ کان ويندي لوڪ ڏاھپ ۽ سماجي سوچ ويچار، آن لائين ٿيندي پئي وڃي؛ جنھن ڪري ھڪ سيڪنڊ ۾ دنيا جي ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين معلومات پھچي وڃي ٿي. اڄ مغربي ڪلاسيڪي ادب کان ويندي ڏور اوڀر جي روحاني ۽ ڪلاسيڪي ادب کي ھڪ ھنڌ ڪٺو ڪرڻ ۾ انسائيڪلوپيڊيائون ٺھي رهيون آھن. ’برٽينيڪا‘ کان بہ گوءِ کڻي ويندڙ اڄ ’وڪيپيڊيا‘، سڄيءَ دنيا جي ماڻهن کي معلومات رسائڻ جو اھم ذريعو ليکي پئي وڃي. اڄ رومي، شيڪسپيئر، شيلي، ڪيٽس، گرو نانڪ، ڪاليداس وغيرہ جھڙن ماضيءَ جي ڪلاسيڪي شاعرن ۽ اديبن کان وٺي دور حاضر جي علامہ اقبال، ٽئگور، گارشيا مارڪئيز وغيرہ جھڙن ڏاھن جا وڏا ’پورٽل‘ ٺھي چڪا آھن جتان انهن تي تحقيق ڪندڙ جهجهو فائدو وٺي رهيا آھن.

ٺيڪ اھڙي دور ۾، دنيا جي قديم تهذيب جي امين سنڌ ڌرتيءَ جي مھا مفڪر ۽ ڪلاسيڪي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام ۽ ان تي ٿيل ڪم ۽ اُن جا مختلف ٻولين ۾ ٿيل ترجما ڪتابي صورت ۾ مختلف لائبريرن ۾ تہ پيا آھن، پر آن لائين ڪم ڪو نالي ماتر ٿيو آھي. پھريون ڀيرو ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو ترتيب ڏنل شاھ جو رسالو محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب پنھنجي ويب سائيٽ تي رکيو، جيڪو پوءِ ڪاپي ٿيندو. مختلف جڳھن تي رکيو ويو آھي، اُن صورت ۾ ڏٺو وڃي تہ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٻولي ۽ ڪلام آن لائين ھڪ يا ٻہ سيڪڙو مس رکيل آھي ۽ ان ڪميءَ سبب محققن کي گهربل مواد ھٿ ڪرڻ ۾ ڪافي تڪليفن کي منھن ڏيڻو پئجي ٿو.

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو گنج ”شاھ جو رسالو“ ڪتابي شڪل ۾ ڪافي محققن ترتيب ڏنو آھي، ان کان علاوہ سندس ڪلام (واين ۽ بيتن) کي ڪيترن فنڪارن جي زباني رڪارڊ ڪيو بہ ويو آھي، جيڪو ثقافت کاتي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي مختلف لائبريرن ۽ سنڌ جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تي موجود آھي. ان ريت ڪافي ادارن جي ڪٻٽن ۾ پراڻين ٽيپن (VHS Tapes / CDs / DVDs) ۽ وڊيوز جي شڪل ۾ ڪافي مواد پيو آھي، پر گهم ۽ ٻين ماحولياتي اثرن سبب خطرو ۾ آھي تہ اھو مواد ھڪ طرف ضايع ٿي ويندو ۽ ٻئي طرف ھن وقت محققن جي اُن مواد تائين رسائي ڏکي آھي.

مٿين ڳالهين کي سامهون رکندي ھي پروجيڪٽ سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي وزير سيد سردار علي شاھ جن سامهون رکيو ويو، جيڪو تڪڙو نہ صرف منظور ٿيو پر ان کي جلد پڌرو ڪرڻ جي بہ تاڪيد ڪئي وئي. جنھن جو اعلان شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي تي سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي وزير سيد سردار علي شاھ بہ ڪيو.

ڀٽائي پيڊيا جو مقصد:

  1. مٿي بيان ڪيل صورتحال ۽ خدشن کان بچاءَ لاءِ انتھائي ضروري آھي تہ ھن اھم تاريخي مواد کي آن لائين محفوظ ڪري، صدين تائين ان کي خضري عمر ڏيارجي تہ جيئن حال ۽ مستقبل ۾ لطيف تي تحقيق ڪندڙ محققن کي آرام سان ان تائين رسائي ٿي سگهي.
  2. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام سمجهڻ جي لحاظ کان ڏکيائيءَ کان سولو ڪري پنھنجي ايندڙ نسلن جي ھٿ تائين انهن جي ئي ميڊيم (يعني ڊجيٽل شڪل) ۾ پھچائجي.
  3. شاھ جي رسالي جي پھچ جيڪا ھاڻي سنڌي ٻوليءَ جي ڪري عالمگير سطحن تائين نہ ٿي پھچي ان کي عالمگير ٻولين ۾ ترجمو ڪري ڏجي. شاعريءَ جو ڇوتہ ترجمو ٿيڻ ناممڪن آھي پر شرح جو ترجمو تہ بھتر انداز ۾ ٿي سگهي ٿو. مشيني ترجميڪاريءَ جي مدد سان تشريح جو ترجمو ڏيڍ سئو ٻولين کان مٿي سٺي انداز ۾ ڏنو وڃي.

طريقہ ڪار:

’ڀٽائي پيڊيا پروجيڪٽ‘ ثقافت ۽ سياحت کاتي (سنڌ حڪومت) جي ماتحت اداري ”عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ“ شروع ڪيو آھي، جنھن ۾ لاڳاپيل ادارن سان لھ وچڙ ۾ اچي مواد ھٿ ڪيو پيو وڃي، ۽ ان مواد جي ترتيب ۽ سھيڙ ھلي رھي آھي.

  1. هن مھل تائين ترتيب ڏنل شاھ جا سمورا رسالا ٻيھر ڪمپوز ڪري يا اُنهن جون سافٽ ڪاپيون ھٿ ڪري، آن لائين رکيا پيا وڃن.
  2. هن مھل تائين شاھ جي رسالي جا ٻين ٻولين ۾ جيڪي بہ ترجما ٻين ٻولين ۾ ٿيا آھن، تن کي ڪمپوز ڪري، آن لائين ڀٽائي پيڊيا تي رکيو پيو وڃي.
  3. شاھ جي رسالي بابت جيڪو بہ آڊيو يا وڊيو مواد ھٿ اچي سگهي ٿو، اھو سڄو ڪلائوڊ تي رکي، ڀٽائي پيڊيا تي ڪٺو ڪري ترتيب ڏنو پيو وڃي.
  4. ڀٽائيءَ تي جيڪا بہ تحقيق جنھن بہ اداري ڪئي آھي، يا محققن ذاتي طور جيڪا بہ تحقيق ڪري ڪتابي صورت ۾ آندي آھي، اھا انهن ادارن جي ٿورن سان ڀٽائي پيڊيا تي ”ٽيڪسٽ جي صورت“ ۾ رکي پئي وڃي.
  5. پروجيڪٽ ۾ ڀٽائيءَ جي ڪم آندل ٻوليءَ جي مڪمل لغت سمورن ترتيب ڏنل رسالن جي صفحن تي اھڙيءَ ريت ڪمپيوٽنگ جي پروگرامنگ سان رکي ويندي، جو پڙهندڙ اتي، جو اتي انهن لفظن جي معنيٰ ۽ مفھوم تائين پھچي سگهي.
  6. رسالي اندر بيان ڪيل انساني ڪردارن، فطري جيوت ۽ ماڳ مڪانن جا جدا جدا سائنسي بنيادن تي پروفائيل ٺاھي رکيا پيا وڃن جو ايندڙ نسل تائين انهن جي معلومات منتقل بہ ٿي سگهي تہ پوري دنيا ۾ بہ ڦھلجي سگهي.
  7. گذريل صديءَ جي آخري ڏھاڪي کان پوءِ لسانيات ۾ ھڪ نئون اصطلاح آيو جيڪو ”لغوي گهاٽاڻ“ (Lexical Density) جي نالي سان مشھور ٿيو. جنھن ۾ ھڪ ليکڪ، شاعر، اديب جي تخليق کي گرامر جي لفظن سان ماپي اھو طئي ڪيو پيو وڃي تہ ڪنھن ليکڪ جي مواد ۾ ڪيتري گهاٽاڻ آھي. جنھن تحت شيڪسپيئر جي گهاٽاڻ ٻاھٺ سيڪڙو ٻڌائي پئي وڃي. بلڪل ساڳي فارمولا تحت لطيف سائينءَ جي ڪلام جي گرامر ۽ ترڪيب جي اک سان ۽ گهاٽاڻ سان ٻڌائي ويندي تہ لطيف سائين پنھنجي ڏنل ڪلام ۾ ڪيترو مقصد جا لفظ استعمال ڪري رھيو آھي. تہ جيئن بين الاقوامي طور شاھ عبداللطيف کي نقادن آڏو رکيو وڃي.
  8. اھڙيءَ ريت وڌيڪ جيڪا صلاح يا جيڪو مشورو ملندو، تہ ان تي عمل ڪري، وڌ کان وڌ ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۽ پيغام کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھچايو ويندو.

ڀٽائي پيڊيا مان ڪنھن کي لاڀ رسندو؟

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پيغام مان ھيٺينءَ ريت سنئون سڌو لاڀ پرائي سگهبو: 

  1. سنڌي ادب جو خاص ڪري لطيفيات بابت مواد، ھڪ مضبوط سرشتي ۾ تاحيات محفوظ ٿي ويندو ۽ ان مان صدين تائين ماڻهن کي فائدو رسي سگهندو ۽ اھو سڀ ڪجهہ ھڪ ئي وقت دنيا جي ھر حصي ۾ دستياب ھوندو.
  2. مائڪروسوفٽ جي ترجميڪاري جيڪا گوگل جي ترجميڪاريءَ کان گهڻا ڀيرا وڌيڪ بھتر آھي، جنھن پڻ پنھنجي بلاگ ۾ اھو اعلان ڪيو آھي تہ ”بنگ ترجميڪاري (Bing Translation)“ 2025 تائين لڳ ڀڳ سوا سئو ٻولين ۾ تشريحي ترجميڪاري 95 سيڪڙو کان بہ مٿي بھتر ٿيندي، ڀٽائي پيڊيا ۾ شاھ جي رسالي جي انگريزي ترجمي (جيڪو سانئڻ امينا خميساڻيءَ ۽ ڊاڪٽر يعقوب آغا صاحب جن تشريحي ڪيو آھي) ان کي بنگ ترجميڪاريءَ ۾ (API) جي مدد سان اھڙي نموني ڪيو ويندو جو شاھ سائين جو پيغام لکين ڪروڙين ماڻهن جي پھچ کان مٿي چڙھي اربين ماڻهن تائين ٿي ويندو.
  3. سمورا محقق، جيڪي دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آھن ۽ اھي جيڪي مشرقي ڪلاسيڪي ادب ۽ شاعري، تصوف ۽ ويدانتي پيغام، امن ۽ ڀائيچاري تي ڪم ڪري رهيا آھن اھي ھن قيمتي مواد مان مستفيد ٿي سگهندا.
  4. سنڌي ٻوليءَ جي چڱي خاصي ناماچاري ٿيندي.
  5. سنڌ جو پيغام، دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجمي جي شڪل ۾ اچي ويندو.

پروجيڪٽ جا سرواڻ :

  • سيد سردار علي شاھ (صوبائي وزير، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومتِ سنڌ)
  • عبدالماجد ڀرڳڙي (سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بانيڪار)
  • غلام اڪبر لغاري (سيڪريٽري، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومتِ سنڌ)
  • عبدالعليم لاشاري (ڊائريڪٽر جنرل ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ)
  • روشن علي ڪناسرو (ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومتِ سنڌ)

ڀٽائي پيڊيا سٿ:

  • مرڪزي خيال، مواد جِي سھيڙ، لُغت: امر فياض ٻرڙو (ڊائريڪٽر عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ، حيدرآباد)
  • مواد جي سھيڙ، گنج فونٽ، انسٽالر: شبير ڪنڀار (صلاحڪار، عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ، حيدرآباد)
  • مواد جِي سھيڙ ۽ مُکيہ پروگرامر: عبيد ٿھيم (پروجيڪٽ اينالئسٽ، عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ، حيدرآباد)

ڀٽائي پيڊيا ۾ ٽيڪنيڪل ٻوليءَ جي سُڌارن ۾ اسان احسان مند آھيون:

  1. پروفيسر ڊاڪٽر فھميدہ حُسين ميمڻ
  2. ڊاڪٽر شير مھراڻي
  3. محترم تاج جويو صاحب
  4. ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو

استعمال ٿيل فانٽ

  • MBILE فانٽ،
  • امر نستعليق (اردو ۽ پنجابي فانٽ)
  • ثناءُ اللہ صارِيم مڱڻيجو (فونٽ، MB Sarem Marjan)

مُکيہ لُغتُون

  • جامِع سِنڌِي لُغات (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
  • روشنِي، شاھ عبداللطيف جي ڪلام جِي لغت (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
  • جامِع لُغات لطيف (شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي)