آگم ڪيو اچن...

ڀٽائي پيڊيا ۾ ڀليڪار!

Expanding the outreach of Shah Abdul Latif Bhaittai’s message Globally through the medium of Modern Technology.


ڀٽائي پيڊيا جي باري ۾

هن ڪمپيوٽنگ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ معلومات جي رسائي صرف ڪتابن تائين نہ آھي، پر سڄيءَ دنيا ۾ ڪتابن کان وٺي ادب، سائنس، ٽيڪنالاجيءَ کان ويندي لوڪ ڏاھپ ۽ سماجي سوچ ويچار، آن لائين ٿيندي پئي وڃي؛ جنھن ڪري ھڪ سيڪنڊ ۾ دنيا جي ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين معلومات پھچي وڃي ٿي. اڄ مغربي ڪلاسيڪي ادب کان ويندي ڏور اوڀر جي روحاني ۽ ڪلاسيڪي ادب کي ھڪ ھنڌ ڪٺو ڪرڻ ۾ انسائيڪلوپيڊيائون ٺھي رهيون آھن. ’برٽينيڪا‘ کان بہ گوءِ کڻي ويندڙ اڄ ’وڪيپيڊيا‘، سڄيءَ دنيا جي ماڻهن کي معلومات رسائڻ جو اھم ذريعو ليکي پئي وڃي. اڄ رومي، شيڪسپيئر، شيلي، ڪيٽس، گرو نانڪ، ڪاليداس وغيرہ جھڙن ماضيءَ جي ڪلاسيڪي شاعرن ۽ اديبن کان وٺي دور حاضر جي علامہ اقبال، ٽئگور، گارشيا مارڪئيز وغيرہ جھڙن ڏاھن جا وڏا ’پورٽل‘ ٺھي چڪا آھن جتان انهن تي تحقيق ڪندڙ جهجهو فائدو وٺي رهيا آھن. ٺيڪ اھڙي دور ۾، دنيا جي قديم تهذيب جي امين سنڌ ڌرتيءَ جي مھا مفڪر ۽ ڪلاسيڪي…

وڌيڪ پڙھو
بيت ۽ وايُون پڙھو

About Bhittaipedia

In this age of Information Technology, access to knowledge does not completely depend on books or printed material, now entire world working on a paradigm shift and rapidly shifting knowledge online, that is why most of the books of science, literature, technology even folklore and social issues is available there. Due to the rapid speed of the internet, knowledge travels from one corner of the world to another without any barrier. Everybody knows that in the west, encyclopedias are under construction to put classical literature on screen. At moment Wikipedia is a great place to access information about everything and it is predicted that very soon it will be an authentic source of knowledge on Google. There are very huge portals being active online in which entire info of classical scholars of…

Read more

About Shah Abdul Latif Bhittai

Shah Abdul Latif, a Sayed and a Saint, a great scholar, an observer, a thinker, and a mystic, and an unobtrusive missionary, and more prominently an illustrious spiritualised poet of many dimensions, was born in 1102 A.H. corresponding to 1689 A.D. in Hala Haveli near Khatiyan village in Hala Taluka of Hyderabad District, Sind. His ancestors originally belonged to Herat in Afghanistan. One of them, Mir Hyder Shah, had visited Sind and married and remained at Hala for about 31/2 years. He then went back to Herat. It is said that Shah’s father Sayed Habib Shah had shifted from Matyari, his ancestral place, to Bhainpur to have spiritual contacts with Makhdum Bilawal, a local pious man. He is different from Makhdum Bilal of Dadu district, who had died earlier during the reign of the Arghuns.The poet seems to have received good education. It commenced at the madressah of Akhund Noor Muhammad Bhatti, situated about 6 miles away from Shah’s residence. Whether it was continued and concluded cannot be ascertained. Some persons think that Shah had no schooling. That is simply absurd. One has only to read his Risalo to admit it. He was proficient in the knowledge of the Quran,…

Read more

چونڊ بيت

(سُر ڪلياڻ جي داستان پھريون جو بيت -15)

تُون چَؤ اَللهُ ھَيڪِڙو، وائِي ٻِي وِسارِ
تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپيرِيَن جِي.

Toon cha'u Allah'u hekRo, vai Bee wisaar'e,
Tan'a men tand'u tanwar'e, sada supeerian ji.


چونڊ سُر

سُر ڪلياڻ

’ڪلياڻ‘، سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي، ۽ اصلي معنيٰ اٿس ’خير‘، ’سُک‘، ’شانتي‘. سُر ڪلياڻ، ھڪ راڳ جو نالو آھي. ھندستاني گَوَئين موجب، ديپڪ راڳن کي اٺ پُٽ آھن، جن مان ڪلياڻ ھڪ آھي. ڪلياڻ جا پنج مختلف قسم آھن: 1. شام ڪلياڻ 2. يمن ڪلياڻ 3. ڀوپالي ڪلياڻي 4. ھمير ڪلياڻ 5. ڪيدار ڪلياڻ ’سُر ڪلياڻ‘، شآھ جي ڇاپي رسالن ۾، پھريون سُر آھي. شاھ لطيف جي فڪري عظمت ۽ اوج جي لحاظ کان، سُر ڪلياڻ نھايت ئي ڳُورھو سُر آھي. اعليٰ ڄاڻ ۽ معرفت حاصل ڪرڻ ۽ اعليٰ مقصد ماڻڻ لاءِ، ھن سُر ۾، سمايل فڪر، انسان کي…وڌيڪ پڙھو

سُر ڏانھن ھلو

چُونڊ وائِي

عَجَبُ نَينَ تَيرَي، سَرَسُ نَينَ تَيرَي

عَجَبُ نَينَ تَيرَي، سَرَسُ نَينَ تَيرَي،
جَلَ وِچ ڪَنوَلُ ڪَنوَلَ وِچ مُدُوئا،
جُون چاند ڪُون بادَلُ گَهيرَي،
چُڻِ ڀُڻِ ڪَلِيان سيڄَ وِڇاوان، آءُ پِيءَ گهَرِ مَيرَي.

98

داخل بَيت

17

داخل وايُون

13

مُترجم

15

شارِح

14

تحقيقي ليکَ

1426

ڪوش ۾ لفظ

Lexical Density

Lexical density (LD) is a concept in computational linguistics that measures the structure and complexity of human communication in a language. LD estimates the linguistic complexity in a written or spoken composition from the functional words and content words. Here LD of Shah Jo Risalo is given for researchers who want to work on the Risalo for their further researches.

Number of words: 1426
Lexical Words:* 1289
Non-lexical words:** 137
Lexical Density: 90.39%

* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection

”ڀٽائي ڪوش“ ڀٽائي پيڊيا جو انتھائي اھم ڀاڱو آھي جنھن ۾ رسالي اندر ڪتب ٿيل ھڙني ٻولن جي سولي سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ معنائن سان گڏ گرامر جي ترڪيب تي ٻڌل معلومات جو خزانو شامل آھي. ڪوش ۾ گهربل ٻولن سان گڏ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن جا حوالا پڻ رکيا ويا آھن. ان کان علاوہ ڀٽائي ڪوش ۾ جن لفظن جو مادي وجود آھي انهن جا عڪس بہ شامل ڪيا ويا آھن تہ جيئن لاڳاپيل ٻولن جي پوري چِٽائي ٿي سگهي. ڪوش ۾ ھر لفظ سنڌي ديوناگري ۽ رومن بہ ڏني وئي آھي تہ جيئن انٽرنيٽ انجڻيون جھڙوڪ گوگل، ياھو، بنگ وغيرہ سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي لفظن کي پنھنجي مشيني ترجميڪاريءَ ۾ سولائپ سان شامل ڪري سگهن. ان سان گڏ سان گڏ ھر لفظ جو ڇند وديا آڌار ماترا ۽ رسالي اندر وراجاءَ جو انگ پڻ ڏنو ويو آھي. ڪوش ۾ ڪافي نيون شيون پڻ رکيون ويون آھن جيئن شاھ ۽ رسالي بابت بڻيادي ڄاڻ وغيرہ، جن جا عنوان بہ رسالي جي بيتن مان کنيا ويا آھن، گڏوگڏ رسالي جي بيتن مان چونڊيل اُھي سٽون، جيڪي پوري لوڪ، مقبول چوڻيون ڪري ڇڏيون آھن، انهن کي بہ ”لات جا لطيف جي“ عنوان سان رکيون ويون آھن. ڪوش طرف ھلڻ لاءِ ھيٺ ٽڙڪ ڪريو.